پرھ جا پيغام غريب گل سيتائي

'مختلف موضوع' فورم ۾ غريب گل طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2013۔

  1. غريب گل

    غريب گل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    ڌنڌو:
    خانگي نوڪري
    ماڳ:
    سيتا روڊ ۽ سکر
    پره جا پيغام
    غريب گل سيتائي
    ذهني صلاحيتن جي اوسر شعور کي پختگي جا پر ڏئي بلندين ڏانهن پرواز جي سگھ بخشيندي آهي تڏهن ماڻهوءَ جو من محبتون ونڊيندي سڪون محسوس ڪندو آهي ، ليڪن پوءِ به انسان جي اندر ۾ ڪائي اڻ تڻ کيس چين سان ويهڻ نه ڏيندي آهي، ماڻهو بيپناه محبتن هوندي به اڪيلائپ محسوس ڪندو آهي ، ۽ اها اڪيلائپ رڳو مجازي محبتن تائين محدود نه هوندي آهي ، ڇوته ته من اندر جي لوڇ ملڻ سان ماٺي ٿئي جي مصداق انسان جڏهن انفراديت جون حدون اورانگھي اجتماعيت کي نصب العين ڪري زندگي جي دامن ۾ سچائي جا رابيل کڻي پنهنجي قوم جي اهنجن جي انت جو عهد ڪري ٿو تڏهن تاريخ جي صفحن جون سٽون ۽ الفاظ کيس هميشهه لاءِ سرخ سلامي سان ڪنڌ نمائي کيس مان ڏينديون رهن ٿيون ، ۽ سندس قوم جا ڳڀرو ۽ ارڏا جوان انهي جي هر گفتي کي گوهر سمجھي عمل ڪندي فخر محسوس ڪندا آهن ، ۽ سندر ناريون پڻ اهڙن سورمن جي صورت ۾ پنهنجا تصوراتي محبوب ماڻڻ جا سپنا سانڍي جهڙوڪ انهن جي عظمت جون ساکي بنجي پون ٿيون
    ۽ ڪيتريون ئي ناريون ته خيالن جي خوبصورت کيتر ۾ کوئجي ( ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا آئون سيڪيندي سونهان ) جهڙيون تمنانون سانڍڻ ۾ خوشي محسوس ڪنديون آهن،ڇوته ڪردار ڪردار ماڻهوءَ جي سوچ جو عڪس هجي ٿو ۽ ڪردار ئي سماج ۽ قوم کي مهانتا جي معراج جي منزلت بخشي ٿو ۽ ڪردار ئي تاريخ ٺاهي پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ روشن راھ بنجي سندس رهنمائي ڪري ٿو ، موهن جي دڙي جي مهانتا رڳو انهي ڪري ناهي ته اهو ساڍا پنج هزار ساله پراڻي قوم جا ٽٽل ڦٽل دڙا دريافت ٿيا آهن ، حقيقت ۾ ان ڪري آهي ته اتي رهندڙ سمورا انسان انهي دور ۾ به مهذب هئا ، انهن وٽ زندگي جي سمورين لوازمات جا طور طريقا ۽ هڪ شاندار طرزِعمل هيو ، سندن تهذيب ۽ ڌرتي امن جي علامت هئا ، سندن دهليزون صوفيءَ جي دل جيان صاف ۽ ڪشاديون هيون ، سندن سرسبز کيتن ۾ سرنهن جا پيلا گل محبوب جي سڏ جيان سڪون ڏيندا هئا ، اڄ جيتوڻيڪ ڪوبه اهڙو ڪلاڪار ۽ قلمڪار ڪونهي جيڪو انهن جي اکرن ۽ اچارن جو ادراڪ ڪري سگھي ليڪن پوءِ به دنيا جو هر ڄاڻو انهن سمورن ڪردارن جي سچائين کي سرها گل آڇيندي خوشي محسوس ڪري ٿو ، ڇاڪاڻ ته مهراڻ جي مٽي ۾ سمايل فطرت جا سمورا نفيس احساس زندگي کي زندھ دلي ۽ تقويت بخشين ٿا ، ۽ زندھ دلي جي ظهور سان روح جي ڪشادي اڱڻ تي سمجھ جي سونهن ديوي پير پساريندي من کي شانتي بخشيندي آهي ، ۽ اسين سمورا هميشهه ٻين کي سمجھڻ جي ڪوشش ۾ ايترا ته گم ٿي ويندا آهيون جو پنهنجو پاڻ کي وساري ويهندا آهيون ۽ يقينن پاڻ کي وسارڻ وارو هر شخص ڪوبه ڪردار ادا ڪرڻ قاصر هجي ٿو ، ويدن جي ورقن ۾ آيل اوم شانتي کان وٺي باغي جي بيتن تائين سنڌ جي سرحدن جي سلامتي لاءِ وڙهندڙ گمنام سورمي کان وٺي افضل پنهور تائين سمورن بي چين روحن وٽ اها اڻ تڻ ئي ته هئي جنهن کين ( هي سين نه ڏيندي چين ) جي صفن ۾ بيهاري بي چين پئي رکيو آهي ، ۽ نه ڄاڻ اڃان ڪيترا ئي هوندا جيڪي رات جي سانت ۾ توڙي محبتن ڀرئي ميڙ ۾ اڪيلائپ جو شڪار هوندا ، سندن اڪيلائپ کي ماڻهن جا ميڙ توڙي ماڪ ڀنل راتين ۾ محبتن سان ڀرپور مٺيون ڪابه گھٽتائي آڻڻ کان عاجزي ڏيکارين ٿيون . پر پوءِ به اهي شاه عنايت جي نعري سان مڪلي جي ميدان تي دودي جي دليري۽ مخدوم بلاول جو جهنڊو کڻي دولھ جي دهليز اڳيان گڏ ٿي کائنس آشيرواد سمورن شهيدن جي روحن کي ساڻ ڪري سن جي صوفي منش سائينءَ جي سلامي ڀري ڀٽ ڌڻي جي چائٺ چمي کائنس خالي جھول ۾ ساڃاھ جو خيرات گھرندي نظر ايندا آهن ، تڏهن تنبوري جي تارن مان سوز ۽ سرت سان جيون کي جوت بخشيندڙ ورلاپ سماعتن جي صحن تي يگاني صوفي جيان ڇيرون ٻڌي
    آيل ڪريان ڪيئن ، منهنجو نيهن
    اپليو نه رهي ( لطيف)
    جهڙا ٻول روح تي رحمت بنجي رهبر جو ڪردار ادا ڪن ٿا ، تڏهن مڪلي جي مدفن ۾ مدفون سمورن ترخانن ۽ ارغونن جي قبرن تي اڏيل مقبرا شرمساري کان ڪنڌ هيٺ ڪري سنڌ جي سٻاجھي حاڪم ڄام نندي کان معافي وٺندي پنهنجن گناهن غمزدھ بنجي پون ٿا .
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو لکيو اٿو ۔۔۔ لفظن جي تمام سهڻي چونڊ

    ان قسم جو تحريرون جيڪڏهن اوهان سنڌ سلامت تي شيئر ڪرڻ کان اڳ مونکي موڪليو ته جيڪر جيجل اخبار ۾ هلائي سگهجن ٿيون پوء سنڌ سلامت تي پڻ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو