شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ٿر ۽ ٿري

'مقالا' فورم ۾ عباس ڪوريجو طرفان آندل موضوعَ ‏14 نومبر 2013۔

  1. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ٿر ۽ ٿري
    ساجن سنڌي مينگهواڙ (سال ٽيون)
    ٿر فطرت جي حسين تخيل جو مظهر آهي، ٿر جي حسن جي هاڪ هنڌين ماڳيين مشهور آهي، جڏهن مينهن پوندو آهي، ته ٿر ويتر حسن جو هندورو بڻجي پوندو آهي، هي خطو نرالي انفراديت رکي ٿو. ٿر ۾ ڪارونجهر جبل ۽ واهڻ وستين ۾ سوين قسمن جون جڙي ٻوٽيون، مختلف قسمن جا گاهه، وڻ، پکي پکڻ موجود هجن ٿا.
    ٿر جا ماڻهو سادڙا، سٻاجهڙا، مهمانواز ۽ ڪچهري جا ڪوڏيا آهن. ٿر جي ماڻهن جي پيار، محبت، ايڪي، امن ۽ ڀائيچاري جو مثال ٻئي هنڌ مشڪل سان ملندو.
    سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز به ٿر جي حسن کي پنهنجي شاعريءَ جي خوبصورتيءَ لاءِ استعمال ڪيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هتان جي ماروئڙن جي سماجي حالت، سوچ ۽ عمل کي پڻ اجاگر ڪيو آهي.
    وسڪاري جي ويل هجي، ٿر جي ڀنل ڀونءِ مٿان گاهه جي سائي چادر چڙهيل هجي، چوڏهيين جي رات ۽ چند جون چلولايون هجن، اهڙيءَ ويل وارياسي وجود مٿان ٿڌڙي هير گهلي ته يقينن اهو نظارو جنت کان گهٽ ڪين هوندو. اهڙي من موهيندڙ موسم جي رات، اياز جي من کي پڻ موهي وڌو، ۽ قلم ڪينواس تي چٽڻ لڳو:
    ساٿي مون دنيا گهمي، چونڊيو آهي ٿر،
    ڄڻ ڪنهن سرڳ سمان آ، واريءَ تي هي گهر
    سانجهي وير امر، آهي رتيءَ ريت تي.
    شيخ اياز جي ٿر بابت شاعريءَ ۾ اتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، رسم رواج، سادي سلوڻي ٻولي ۽ ثقافت جي اهڃاڻن کي بيان ڪري ٿي. اتي جي ماڻهن جي بک ۽ بدحالي کي به شاعريءَ جو روپ ارپي ٿري لوڪ سان ساٿ نڀايو آهي شيخ اياز.
    ولي رام ولڀ لکي ٿو ته، ” پاڪستان کان اڳ سنڌ جي صوبائي اليڪشن ۾ اياز ۽ ٻه چار ٻيا دوست ڪراچيءَ مان هڪ ريتي ڍوئيندڙ کٽاري لاريءَ ۾ چڙهي ٿرپارڪي ضلعي ۾ هڪ سيٽ لاءِ ڪامريڊ عبدالغفور جان سرهندي ءَ جي چونڊ لڙڻ واسطي گڏجي نڪتا هئاسين ۽ پورو مهينو ٿر جي ڀٽن ۾ ان لاريءَ جي ڍانڍي تي چڙهيا ڀٽڪندا رهياسين ۽ لائوڊ اسپيڪر تي اياز سان گڏ اياز جو گيت ” انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ!“ ڳائيندا رهياسين. اياز انهيءَ ڏينهن کان ئي ٿر ڌرتيءَ جي خوبصورت نظارن ۾ ڏکارا ۽ زخميل آواز ٻڌي ورتا هئا، جن سندس جيءَ کي جهوري ورتو هو.
    ڪوڪي ٿي ڪويل، چانڊوڪي ۾، چيٽ ۾
    ڄڻ ساري سنسار کي ، ٿي ڏاري ڏکويل
    پرينءَ سان پويل، شل رهي ساهه سڀن جو.“
    ٿر جي مسڪين ماروئڙن جو پيٽ گذران مال متاع ۽ برسات جي ڇنڊ ڦڙيءَ تي هوندو آهي، ٿر ۾ ساننوڻ سندو مينهن نه ڏسي، مور پکي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندا آهن، جن کي اياز اونائي چوي ٿو:
    نه ڪي هوا ۾ هيڄ، اُٺي جي نه ڪا گهٽا گهنگهور
    پيو پڪاري ٿر کي ڏاري، ڪٿي ڪٿي ڪو مور.
    ٿر ۾ جڏهن ڏڪار جي گهنٽي وڄندي آهي ۽ قحط سالي ڪرُ کڻندي آهي ته اهڙي مهل ۾ اهي پيٽ جي باهه جهڪي ڪرڻ واسطي پيرون، سڱر ۽ ٻيو سڪايل ڏٿ کائي ٽاڻو ٽاريندا آهن. پر پيرون کائڻ سان وات ۾ ڦلوڪڻا ٿي پوندا آهن، اهڙي ڪيفيت کي اياز هن طرح ٿو بيان ڪري:
    ڀُرٽ نه ساري ڀونءِ تي، مُرٽ نه ماڻهوءَ وس
    پيرون ٻوٿ ڦلوڪڻا، بک نه ڄاڻي بس
    ڏوٿي ڏوٿي ڏس، ڪيئن هي آڳ اجهامندي.
    ٿرين جي بک ۽ بدحاليءَ جي منظر ڪشي هن ريت ڪئي اٿس:
    مانڌاڻو ۽ مڪ، اڄ نه ڏسجن اکيين
    ڪهڙا ڍاڪون ڍڪ، بک وسي ٿي وانڍ ۾
    مفلسي مفلوڪ ماڻهن جون زندگيون مفلوج بڻائي ڇڏيندي آهي ۽ سندن جيئڻ جنجال ٿي پوندو آهي. بک غريبن جا بکيا اڊيڙي وجهندي آهي، بک حسين ۽ نفيس چهرن کي نٻل، ڪمزور ۽ نيست ڪري ڇڏيندي آهي، اهڙو حال پسي اياز کان آهه نڪري ٿي وڃِي:
    نه مان اونگهه الٽ، نه مون ننڊ نڀاڳ
    بک نساها هٿ، پير نه لهن کٽ تان.
    ٿر جي ماروئڙن جي ابهم ٻارڙن جي بُت تي ليڙون ليڙون ٿيل لٽا ڏسي، اياز کان رهيو نه ويو، دل مان ڪري ورنايائين:
    ڪيڏا ابهم ٻاڙرا، ليڙون ليڙ لباس
    جن مان تن جو ماس، بکي چتين وانگيان
    ٿر جون ناريون گڏجي مٿي تي ٻهڙا کڻي کوهه تي پاڻي ڀرڻ وينديون آهن، جن کي شاهه ڪريم ” پاڻياري، سر ٻهڙو“ جي عنوان سان بيان ڪيو آهي، پر تڙ تي پاڻي نه هجڻ ڪري واپس وري آيون، ان کي اياز هن طرح چٽيو آهي:
    جانکر نه جهارو، ويري وريون نينگريون
    دلا واري تي رکي، کائي ڦوڪارو
    ساري وسڪارو، تڪن اڀري اُڀ کي.
    ڍڳيون ڦر بنا نه مڙنديون آهن، ڏُهڻ ويل لتون هڻي، چوءِنري هاري ڇڏينديون آهن، اهڙي منظر کي اياز هن طرح بيان ڪيو آهي.
    گانءِ نه مڙي ڦر سواءِ، ڏهڻ ويل لتون
    متان ڀائين تون، کڻندين ساري کير کي.
    مسڪين ماروئڙن جي خوشحاليءَ لاءِ ٻئي هٿ داتا جي درٻار ۾ کڻي دعا گهري ٿو ته اي خدا تون ٿر تي رحمت جا بادل وساءِ، پلر جي پالوٽ سين سهسين گاهه پيدا ڪر ۽ جهانگهيئڙن لاءِ ارزان ان پيدا ڪريج.
    پاڻيءَ جا ائڇر ٿين، ويرو تار وسي
    پيرين گاهه گسي، ڪرمين ڀاڳيين ٻاجهريون

    اياز جتي مشاهداتي نظر سان دنيا کي پرکيو آهي، اتي سندس ٿر بابت تصور ۽ مشاهدا نهايت ئي پختا ۽ اڻ ڇهيا آهن، اياز جي ٿر ۽ ٿرين بابت شاعري پڙهندي هر وقت ائين لڳي ٿو ڄڻ اياز هجي ئي ٿر ڄايو ٿريو!
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ٿرــــ هي اهو ٿر آهي جنهن جوذڪر سنڌ جي صوفي شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ تمام گهڻو ڪيو آهي، ۽ شاه صاحب مارئي جي زباني ٿرين لاء ٿو چورائي
    چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري!
    جن ٿي پَي پِياريو، مَــنجھان سِــڪَ سَــري؛
    وَنهِيَنِ ويــــڙِيچَـــن جـــي، سِــٽائُــنِ سَـــري؛
    ٿَـــرَنِ ٿـــوڪَ ڌَري، اُٺــي وِيَـڙا اُڪِــــر
    اهڙي ريت سنڌ جي هڪ ٻئي وڏي شاعر جناب شيخ اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي ( ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر ) ۾ لکيو آهي ته اسان هڪ ڏينهن ٿر گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو ۽ هميشه گهمائڻ جو بار جمال ابڙو تي هوندو هو ۽ هي به بار ان جي مٿان هو، اسان جڏهن ٿر گهمڻ لاء نڪتاسين ۽ ٿر ۾ هڪ چڱي مڙس وٽ پهتاسين، جمال ابڙو صاحب اسان سان گڏ هو سو سرڪاري پروٽوڪول پڻ ساڻ هو، ٿر ۾ اسان کي ڪيترين شين جي باري ۾ ٻڌايو ويو ۽ ڪيترن ماڻهن سان پڻ ملايو ويو، پر انهن ماڻهن مان هڪ ماڻهون مون کي هميشه ياد رهيو، ۽ اهو ڪو نه زميدار هو، ۽ نه وري ڪو عالم اديب ۽ ليکڪ هو، پر هڪ اٻوجهه،سادو ۽ سچو هڪ ٻڪرار هو، جنهن جو نالو هو جمعو نانگائي. جيڪو ٻڪريون چارائڻ سان گڏ نانگن جي وڏي ڄاڻ رکندو هو، ۽ هر هڪ نانگ بابت هن کي خبر هئي ته هي ڪهڙي قسم جو نانگ آهي، ۽ هن جي عمومن ڪيتري عمر ٿئي ٿي، سال ۾ ڪيترا ڀيرا پنهنجي کل مٽائيندو آهي، هن جي ڏنگ ۾ ڪيترو اثر آهي، وغيره وغيره. پر افسوس جو اهڙي ڄاڻ وارو شخص ٻڪريو چاري رهيو هو، ۽ هن کي ٻن ويلن جي ماني به صحيح سان نصيب ڪون هئي، پر اهيو ساڳيو ماڻهون اگر امريڪا ۾ هجي هان ته ڪنهن نانگن سان تعلق رکندڙ اداري جو گهٽ ۾ گهٽ ڊاريڪٽر هجي هان.۔۔۔۔۔۔۔۔
    ٿر بابت ڪجهه معلومات
    ٿر جو نالو ـــ سنڌ جي ماياناز تاريخدان جناب ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي جن پنهنجي ڪتاب ( سنڌي ٻولي جي تاريخ ) ۾ لکن ٿا ته ٿر اصل ۾ سنسڪرت زبان جو لفظ سٿل مان نڪتل آهي جنهن جي مطلب آهي ، هڪ هنڌ بيٺل، يا نه وهندڙ، يعني خشڪ ( جتي درياء نه هجي ) ۽ پوء سٿل مان لفظ ڦري ٿيو ٿل ۽ پوء ٿل مان ڦري ٿيو ٿر. ـــــ
    ٿر کي ريگستان پڻ چيو ويندو آهي،۽ ريگستان جي معني آهي واريء واري جڳهه ـــ ريگ معني واري + آستان معني جڳهه
    ٿربابت تحقيق ۽ ڪتاب ـــــ ٿر بابت تاريخي حقيقتون تمام ٿوريون ملن ٿيون، ۽ تاريخ ريگستان تي تمام گهٽ ڪم ڪيو ويو آهي، اگر ڪجهه حقيقتون ملن به ٿيون ته اهي تمام ٿوري معلومات ڏين ٿيون.
    ٿر جي اڀياس ۽ معلومات لاء سڀ کان پهرين ڪوشش 1847ع ۾ جناب ڪئپٽن اسٽئنلي نيپئر ريڪس جن ڪئي، ۽ هي شخص ان وقت ۾ اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيل هو.هن شخص سرڪاري رڪارڊ کي گڏ ڪري1856ع ۾ هڪ انگريزي ۾ ڪتاب پڻ لکيو. جيڪو 1859ع ۾ بمبئي سرڪار طرفان ڇپيو.
    تنهن کانپوء ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي جن به 1924ع ۾ ٿر بابت هڪ ڪتاب (سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راج ) لکي ڇپرايو.
    ڀيرو مل کانپوء وري 1934ع ۾ مسٽر تيج سنگ سولنڪي هڪ ڪتاب امر ڪوٽ اتهاس نالي لکي ۽ ٿر جي تاريخ ۽ رسم رواج تي روشني وڌي. تنهن کانپوء سنڌ جي مشهور تاريخدان رائچند هريچن ( تاريخ ريگستان ) نالي ٻن جلدن ۾ هڪ مڪمل ڪتاب لکيو.جنهن ۾ ٿر بابت تمام سٺي ۽ جامع معلومات ڏنل آهي، ٿر جي تاريخ کان وٺي ، ٿر جي ريتن رسمن، طورطريقن ۽ ٿر جي پکين، ماڻهن جي ذاتن، مذهبن تي پڻ تمام سٺي معلومات ڏنل آهي، جيڪي دوست تاريخ پڙهڻ جو شوق رکن ٿا انهن لاء بهترين ڪتاب آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو