مهان شاعر جناب شيخ اياز صاحب جي شاعري سندس ئي آواز ۾

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مهان شاعر جناب شيخ اياز صاحب جي شاعري سندس ئي آواز ۾​


    [​IMG]

    http://www.youtube.com/watch?v=zL1TgecD60o&feature=related
    جي ويا پهرئين پُور، آهيان گهورِي تن جي!​

    طارق عالم


    پُر هجوم چوڪ تان واپس ورندي، يقين ۾ نه ايندڙ جملو ٻڌم:

    ”چون ٿا بينظير کي گولي لڳي آهي....!!“

    ڪجهه گهڙين لاءِ سماعت تي گهري ماٺ ڇانئجي وئي. نظر ايندڙ سمورو منظر اسٽاپ فريم ٿي ويو. ماڻهو، گاڏيون، فضا ۽ آسمانن ۾ اڏامندڙ پکي ۽ پوءِ ڄڻ ڪنهن گهري ماٺ ۾ گولي هلائي ۽ نفيس گلدان سميت گلدان ۾ سجايل سمورا گل پنکڙيون ٿي، هر طرف هوا ۾ وکري اڏامڻ لڳا.

    دل ڀڳي يا بسنت رُت پهتي،

    ٿي لهو رنگ ريگذار آهي.

    مان بلٽ پروف ٽويوٽا جي سن روف ۾ سدا ٻهڪندڙ چهري ۽ چوگرد بيٺل عوام جي پرجوش نعرن جي جواب ۾ امام ضامن ٻڌل همتون ٻيڻيون ڪندڙ ٻانهن کي، آخري ڀيرو فضا ۾ بلند ٿيندي ۽ هميشه لاءِ سن روف ۾ غائب ٿيندي ڏٺو.

    ماحول ۾ هڪ اڻ لکو خوف ۽ اضطراب پيدا ٿيو. کن پلڪ ۾ سامهون نظر ايندڙ شيل پيٽرول پمپ جون بتيون اجهامي ويون. دڪانن جا شٽر بند ٿيڻ لڳا. روڊن تان ٽريفڪ غائب ٿيڻ لڳي. هر شخص غير محفوظ ٿي وڃڻ واري احساس هيٺ محفوظ هنڌ جو رخ رکيو. گهر ڏانهن واپسيءَ تي گهرن مٿان، چونڪن تي ۽ بجليءَ جي پولز تي پيپلز پارٽي جو ٽه رنگو ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ گم سم نظر آيم. وڏن وڏن هورڊنگز تي لڳل سنڌ راڻيءَ جا پراميد پورٽريٽس ڏسندو، پنهنجي جڏي جيءَ کي آٿت ڏيندو، گهر واري روڊ ڏانهن مڙيس ته ٽوليون ڪري بيٺل نوجوانن، اڌڙوٽ ۽ ٻڍن جي چهرن تي هڪ ئي مهل شديد رنج ۽ ڪاوڙ جا مليل جليل رنگ ڏسي، هر شئي کي پنهنجي محور تان هٽيل محسوس ڪيم. گهر پهتم ته رضيه کي ٽي وي آڏو پنڊ پهڻ ٿيل ڏٺم ۽ سندس ٻنهي پاسي ويٺل ٻارڙن کي حيران ۽ وائڙو. ٽي وي تي ڪربلا جا منظر هئا. روح کي ڇيتيون ڪندڙ انهن بدلجندڙ منظرن مان ڪنهن ۾ اسپتال ٻاهران ڪا بهتر خبر ٻڌڻ جي اميد سانڍيل هجوم آڏو سينيٽر بابر اعواڻ ظاهر ٿئي ٿو ۽ مشڪل سان اچاري ٿو:”هماري محترمه وفات پا.....“ ۽ سڏڪي ۾ سڀ ڪجهه ڌڏي وڃي ٿو.

    اهو سڀ ڪجهه ڏسي، منهنجو ڪاڪڙو سڪي وڃي ٿو ۽ حواس جواب ڏيڻ لڳن ٿا. اوچتو آڏو رکيل موبائيل وائبريٽ ڪري ٿي، ڏڪندڙ هٿن سان ميسيج پڙهان ٿو. رومن انگلش ۾ لکيل آهي”ڀائو طارق، اسان سنڌي نڌڻڪا ٿي وياسين.“ مون کي لڳي ٿو، منهنجو نروس بريڪ ڊائون ٿي ويندو. ڇرڪ ڀري اٿي دوائن جي خاني مان ”زينڪس“ کڻي، ذري گهٽ رڙ رڪيان ٿو:”مون کي پاڻي ته ڏيو...“ رضيه ڊوڙي پاڻي کڻي اچي ٿي. هڪ ئي ڍڪ ۾ سمورو گلاس پي وڃان ٿو، پر اڃ پوءِ به رهجي وڃي ٿي. رضيه بيڊ روم ۾ وڃي قرآن شريف جو ورد ڪرڻ لڳي ٿي ۽ ايس ايم ايس موبائيل تي اٿلي پون ٿا:

    سِرُ سَرچو ساڻيهه سان، مٽيءَ سان ماٿو،

    ڪونهي تنهن ڪاٿو، اوچو آهي اڀ کان.

    ***

    ظلم پهر ظلم هي، بڙهتا هي تو مٽ جاتا هي

    خون پهر خون هي، ٽپڪي گا تو جم جائيگا

    مظهر ابڙو، اياز مهيسر، حبدار سولنگي، اياز گل، سميع بلوچ، سوڀيا ڪئلاش، رخسانا بلوچ، قاضي منظر، ذوالفقار هاليپوٽو، محمد صديق منگيو، امر اقبال، محمد علي قادري، شبانا قريشي ۽ اڻ سڃاتل نمبرن جا آيل ايس ايم ايس. گهر کان ٻاهر نڪري آيو آهيان، سمجهه ۾ ڪجهه به نٿو اچي. سڄي پرٿوي لاٽونءَ جيان گهوماٽيون کائي رهي آهي. گهر ٻاهران ميدان اوندهه ۾ ٻڏل آهي. موبائيل جي وائيبريشن تي، آن ڪري ڪن تي رکان ٿو. هوءَ لاهور مان پنهنجي يانڪيز جهڙي اڻ چٽي ۽ ڏک ۾ ورتل لهجي ۾ چوي ٿي”خبر ٻڌوَ...!؟“

    مان ڳالهائڻ لاءِ چپ کوليان ٿو ته امالڪ سڏڪو ڇڏائجي وڃي ٿو ۽ روئندي، سڏڪندي، ميدان ۾ ويهي رهان ٿو. اوڪڙ ويٺي منهنجو جسم سڏڪن سبب ڌڏي رهيو آهي. هوءَ مون کي پرچائڻ جي جستجو ۾ پاڻ به روئڻ لڳي ٿي ۽ مان ڪنبندڙ آواز ۾ چوڻ لڳان ٿو:”ضدي...سفاڪ، جنوني قاتل...هن ديس جي سورنهن ڪروڙ عوام جي سيني ۾ پنهنجيءَ هوڏ جي سنگين کپائي ڇڏي... اڄ سڄو ديس ڪاوڙ ۽ ڏک سبب ڪٺل پکيءَ وانگر ڦٿڪي رهيو آهي.“

    هوءَ لڙڪن هاڻي لهجي ۾ چئي ٿي”امان جي حالت ٺيڪ ناهي، گهر ۾ ماتم ڇانئجي ويو آهي. عمران پنهنجي ٻارڙن جي وچ ۾ زار و قطار روئي پيو.“ ۽ هوءَ پاڻ به روئڻ لڳي ٿي.

    لاڙڪاڻي جي دڙي محلي مان پندرهن سال اڳ لاهور جي لاله زار لڏي ويل هن پنجابي ڪٽنب جي سمورن ٻارن جي اورَ دڙي محلي ۾ پوريل آهي. پارٽيشن ۾ پنجاب مان لڏي لاڙڪاڻي ۾ اچي آباد ٿيل هن خاندان جي گهر ڌياڻي پنهنجي مڙس جي جماعت اسلاميءَ جي همدرد هجڻ باوجود 1971ع ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي اهم ورڪرز مسز عبدالرزاق سومرو، بيگم اشرف عباسي ۽ مسز ايس ڪي خان سان گڏ اليڪشن جي هر ڪارنر ميٽنگ ۽ جلسن ۾ حصو ورتو. مسز سلطان مغل، جيڪا اڄ هن دردناڪ خبر ٻڌڻ سان هڪ ڀيرو ٻيهر جهري پئي آهي. سندن گهر ۾ هر طرف لڙڪ ۽ سڏڪا آهن. اڄوڪي رات لاڙڪاڻي جي دڙي محلي ۽ لاهور جي ٺوڪر نياز بيگ جي لاله زار سوسائٽي جي گهرن مٿان شامِ غريبان وانگر ڇانئجي وئي آهي.

    اوچتو فضا نعرن سان گونجڻ لڳي ٿي ۽ ٽائرن جلڻ جي بُوءِ سان گڏ اوري پري کان فائرنگ جا آواز گونجڻ لڳن ٿا. ڀرپاسي کان ايڪڙ ٻيڪڙ لنگهي ويندڙ پاڇا، هر آواز کان بي نياز هڪ ئي درد ۾ مبتلا، ٿڙندا ٿاٻڙندا، وڃايل وڃايل اچ وڃ ڪندا رهن ٿا. بيڊ روم مان رضيه جو قرآن پاڪ جو ورد، درد ۾ وڌيڪ تقدس پيدا ڪرڻ لڳي ٿو. ٽي وي اسڪرين تي شهيدِ جمهوريت ۽ سنڌ راڻي جي جسدِ خاڪي کي هڪ تابوت ۾ بند هزارن هٿن جي لهرن تي ڪنهن لوڪ ڪهاڻيءَ جي تصوراتي پکيءَ جيان اڏامندي ڏسڻ لڳان ٿو. هيءَ بينظير آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي نياڻي، جنهن جو وجود موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان ڳوهيل آهي. ڪير ٿو چوي هي تابوت آهي! هيءَ ته سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ جو تسلسل آهي، جيڪو اڄ عوام جي هٿن ۾ اونچو کڄيل آهي. هن تابوت ۾ وفاق جي مضبوط علامت کي هميشه هميشه لاءِ گهري ننڊ سمهاريو ويو آهي. جنهن ڪجهه گهڙيون اڳ به ملڪ جي مظلوم عوام سان گڏجي جيئڻ مرڻ جو عهد ڪيو هو. گوليون هليون ۽ زنجير ٽٽي پئي...! ۽ هاڻي هو لياقت باغ جي ٻاهران تيز ڌار پاڻيءَ جي ڦوهاري سان سڀ ڪجهه ميساري رهيا آهن ۽ اسان بيوسي مان ڏسي رهيا آهيون.

    مين ڪس ڪي هاٿ پي اپنا لهو تلاش ڪرون

    تمام شهر ني پَهني هوئي هين دستاني.

    سموري ملڪ کي اڌرنگ ٿي پيو آهي. گهرن تي الم جي گهري شام ڇانيل آهي. سنڌ جي روڊن، رستن ۽ ڳلين ۾ راڪاس گهمي ويو آهي. جيڪا شئي جتي آهي، سا اتي ڄمي وئي آهي. هي ڪهڙي نه المناڪ گهڙي آهي، جنهن سنڌ کي سائبيريا بڻائي ڇڏيو آهي. سڀ ڪجهه درد جي برف ۾ دفن ٿي ويو آهي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو تابوت چڪ لاله ايئر پورٽ تان موهن جي دڙي جي ايئر پورٽ تي آندو وڃي ٿو ته مها ڪوي شيخ اياز ڀٽ شاهه تان پيرين اگهاڙو اٿي اچي سندس تابوت تي پنهنجا ٻئي هٿ رکي ٿو ڇڏي ۽ اکيون پوري جهونگاري ٿو:

    گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا،

    بيت به تنهنجا ڀانيان

    تنهنجي مٽيءَ منجهه ملان جي، آءٌ امرتا پايان

    سنڌ ديس جي ڌرتي توتي، پنهنجو سيس نمايان،

    مٽي ماٿي لايان...

    شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب ”ڊاٽر آف ايسٽ“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي:”بابا جڏهن مون کي اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ انگلينڊ پئي موڪليو ته سڀ کان پهرين نئين ديري جي اباڻي قبرستان ۾ وٺي آيو ۽ چيو هئائين:”پنڪي! ڏس هي اسان جو اباڻو قبرستان آهي. هن جي مٽيءَ ۾ اسان جي وڏڙن جون هڏڙيون پوريل آهن. تون ڪٿي به وڃين، پر اهو بلڪل نه وسارجانءِ ته توکي آخر هتي موٽي اچڻو آهي.“ ۽ اي عظيم انسان! اڄ تنهنجي پياري ڌيءُ، اسان جي ڀيڻ ۽ سنڌ راڻي توسان ڪيل واعدي کي پاڙڻ لاءِ نئين ديري موٽي رهي آهي. هي به ڪهڙو نه عجيب سال آهي، جنهن ۾ محرم اچڻ کان اڳ ماتمي قافلن جو رخ نئين ديري طرف ٿي ويو آهي. سنڌ جي هر گهٽي ماتم ڪدو بڻيل آهي. نوجوان، ٻڍا، ٻار، عورتون سڀ سينه ڪوبي ڪري رهيا آهن. اڇن برقعن ۽ اڌوراڻين پوتين جي پلئن سان لڙڪ اگهڻ جي باوجود رڪجن نٿا. غم زده قافلا پيرين اگهاڙن ٽولين جي صورت نئين ديري پهچن پيا. اڄ سمورا قطب نما پنهنجي معنيٰ وڃائي چڪا آهن.

    هجوم ماڻهن جي سمنڊ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. مون کي اوريانا فلاسي جو پانا گولس تي لکيل ناول A Man جو پهريون منظر ياد اچي ٿو. منهنجي ذهن ۾ ياسر عرفات جي آخري سفر جا منظر تري اچن ٿا. سڄي دنيا جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جون نگاهون ۽ ڪئميرائن جا اپرچر هڪ نُڪتي تي مرڪوز آهن. شهيد عوام جي نياڻي پنهنجي بابا سائين جي ڀر ۾ وڃي آرامي ٿئي ٿي. سج لٿي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي اڱڻ ۾ شاهه جا فقير ماتمي لباس ۾ دنبوري تي ڌڪ هڻي رهيا آهن:

    جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي

    وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.

    بيت جا ورلاپ سنڌ جون سرحدون ڪراس ڪندا، سموري ڪائنات تي ڇانئجي رهيا آهن. شاهه لطيف مونن ۾ منهن هڻي، خبر ناهي ته ڇا سوچي رهيو آهي. منصور حلاج، بلاول کي ڀاڪر ۾ ڀري سندس مٿي تي سرخ چمي ڏيئي، ڀر ۾ ويهي رهي ٿو. وائيٽ هائوس کان وٺي سموريءَ دنيا جي ڪائونسل خانن ۾ شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي فريم ٿيل تصوير آڏو رکيل بڪ تي دنيا جا صدر، دانشور ۽ سياستدان لڙڪن سان تعزيتي نوٽ لکي رهيا آهن. ذوالفقار علي ڀٽو جنرل ضياءَ کي ڏسي مرڪي رهيو آهي ۽ منهنجي موبائيل تي وائبريشن ٿئي ٿي. مان ايس ايم ايس کولي پڙهان ٿو. اياز مهيسر لکيو آهي.

    ”امريڪا ۽ آفريڪا سميت مظلوم خطن کي آمريتن ۽ بيٺڪي نظام جي باقياتن تباهه ڪري ڇڏيو آهي. انهن اسان جا ادارا تباهه ڪري ڇڏيا آهن. انهن ماڻهو وڙهائي هڪ ٻئي سان جانورن جهڙو ورتاءُ رکڻ جهڙو ماحول پيدا ڪري ويساهه گهاتيون ڪيون
    آهن؟“

    سنڌ جي بينظير​

    آغا شهاب الدين

    محترمه شهيد بينظير بنت شهيد ذوالفقار علي ڀـُٽي جي تدفين تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قديم سنڌ واسي آيل هئا.ٽيجهي تائين اجرڪ وارن جو تعداد وڌنڌو رهيو. مسلسل روئيندي پٽيندي،آخرين سهاري کي وڇڙندي، سنڌ واسي اهو آواز بلند ڪندا رهيا ته "پاڪستان نه کپي"،"پاڪستان نه کپي" سنڌ جي جديد تاريخ، روڄ پٽڪي سان ڀرپور آهي.

    1947ع کان سنڌين، پناهگيرن کي پناهه ڏني، کارايو- پياريو، پيٽ ڀرايو ۽ هر قسم جي مدد ڪئي. کين موٽ ۾ دانشور ڪلچرڊ سنڌي بزرگن کي ڄٽ به چيو ويو. 1954ع تائين هجرت ڪري آيل، سي ايس پين جو دور رهيو، سچن ڪوڙن ڪليمن جي بهاني، ڦرمار“ هجرت ڪري آيلن جي "سيٽلمينٽ"آبادڪاريءَ ۾ حڪومتون هڙئي خرچ ڪرڻ ۾ مصروف رهيون. نه چونڊون ٿيون نه قديم ماڻهن ۽ سندن ڳوٺن جي آبادڪاري ٿي.انفرادي بڀ ڀرڻ جون ڀرپور ڪوششون ٿينديون رهيون ۽ قديم غريب سنڌين کي نظر انداز ڪندي مسلسل تاريڪي ۽ نااميدي منظر عام هئي.
    1954 کان 1970 تائين ون يونٽ جي غلامي جي زنجيرن ۾ قيد- نظربندي ڏسي نيٺ 56 سيڪڙو مشرقي پاڪستان جي صوبي کي غيرت آئي ۽ اهو نعرو هڻندي ته "پاڪستان نه کپي"، غلاميءَ ۾ ڦاٿل بنگالين پنهنجي سيلف ڊفينس لاءِ پنهنجي مڪتي "باهني" نوجوانن جي فوج ٺاهي، بغاوت جو علم بلند ڪندي سر ڌڙ جي بازي لڳائي. ان منظم اتحاد کي ڏسي، ڀارت بيگناهه بنگالين کي آزادي ڏيارڻ لاءِ مدد ڪئي، نتيجو اهو نڪتو ته مسلمانن جي تاريخ ۾ اهڙي شڪست مسلم فوج نه ٻڌي نه ڏٺي، نه پڙهي، جنرل ٽائيگر نيازي ڍاڪا ۾ مشرقي پاڪستان جي رهواسين آڏو ٽوپي ۽ جنرليءَ جا نشان خود لاٿا ۽ 90 هزار جنرلن، برگيڊيئرن، ڪرنلن، ميجرن ۽ سولجرن،هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ ڀارت جي قيد ۾ "پرزنر آف وار" ٿي سور سهندا رهيا، جيڪڏهن پاڪستان جو پهريون چونڊيل سنڌي ذوالفقار علي ڀٽو شهيد پنهنجي عقل و دانش کان ڪم نه وٺي ها ته پاڪ فوج، ڀارت جي جيلن مان آزاد ئي نه ٿئي ها.اهو وقت اهڙو هو جنهن دوران ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ کي به آزاد ڪري سگهيو ٿي يا 1940ع واري ٺهراءُ موجب "STATES" جو فيڊريشن، قائم ڪري سگهيو ٿي، پر ڀٽو خاندان ان حد تائين قومپرست نه هو، کيس پنهنجي دانشمنديءَ تي وڏو ناز هو. کيس ايشيا جو بلڪ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ليڊر ٿيڻو هو. البت انسانيت خاطر، مساوات خاطر قديم سنڌين کي ڪراچي، اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ سلوار قميص ۽ سنڌي ٽوپيءَ ۾ٻانهن لوڏي شان سان بي ڊپو ٿي هلڻ جو پهريون دفعو موقعو مليو. پاڪستان لاءِ سواءِ صوبي سنڌ جي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن ٻي ڪنهن به چونڊيل اسيمبليءَ پاڪستان جو ٺهراءُ پاس نه ڪيو، اهو واحد سنڌ صوبو هو جنهن، سب ڪانٽيننٽ جو نقشو تبديل ڪرڻ ۾ ڪليدي مدد ڪئي نه صرف ٺهراءُ پاس ڪيو پر سنڌ جي مالڪن، هم وطنين ويچارن هندن کي لوڌي سنڌ مان ڪڍيو ۽ مادر وطن مان ڪڍندي کين لٽيو، ڦريو، ماريو ۽ مارايو تـَـنهن ملڪ ۾ 23 سالن بعد، اسسٽنٽ ڪمشنر،ڊپٽي ڪمشنر، ايس پي کان وٺي صوبائي ۽ وفاقي سيڪريٽرين جون پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ڪرسيون نصيب ٿيون، ٻين لفظن ۾ پهريون دفعو سنڌي پنهنجي اباڻي صوبي ۾ ڪرسيون ماڻڻ جا اهل ثابت ٿيا. ان تسلسل ۾ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي دور ۾ وفاقي حڪومت ۾ پهريون ۽ غالبن آخرين دفعو 9 قديمي سنڌي سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا 1977ع کان پوءِ بهرحال صدر جنرل ضياءُالحق جي يارهن سالن جي آمريت واري تاريڪ دور ۾ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هيروئن جو زهر ۽ ڪلاشنڪوف سان گڏ سنڌين مهاجرن ۾ تفريق پيدا ڪرڻ لا”، ايم ڪيو ايم کي قائم ڪرڻ لاءِ هر خيال ۽ هر رخ طرف همٿايو ويو.سوني تي سهاڳ وري تڏهن ٿيو، جڏهن صدر جنرل (رٽائرڊ) پرويزمشرف، جيڪو خود به دهليءِ کان هجرت ڪري ڪراچيءَ آيو آهي، تنهن ايم ڪيو ايم جي بي حد مدد ڪئي. سندس اٺن سالن ۾ سنڌ جي آبادگارن جي پريشاني وڌي، غربت،بيروزگاري، بيماري، پاڻيءَ جو بحران وڌيو، پيئڻ لاءِ جيتن وارو پاڻي غريبن جي حصي ۾ آيو. سواءِ ڪراچيءَ جي، سڄي سنڌ يعني ستر سيڪڙو ڳوٺاڻي آبادي بد کان بد تر ٿي. پهرين ته صرف ڪراچي شهر کي جناح پور بڻائڻ جا افواهه هئا يا سانباها هئا پر هاڻي ته مير پور خاص تائين منصوبا بندي ٿي ٻـُـڌجي. 1958ع کان وٺي2008ع تائين جنهن ڀـُـٽو خاندان سنڌ واسين جي اڪثريت جي دلين ٿي حڪومت ڪئي. ووٽ همدرديون ۽ ساٿ حاصل ڪيو، بلڪ دشمن داغ رهيو. ان خاندان جي بينظير شخصيت، سنڌ وانگر سهڻي ۽ ٻهڳڻ شخصيت بند ٿيندڙ قانون وانگر گل ٿيڻ تي "پاڪستان نه کپي "،"پاڪستان نه کپي" جا نعرا ۽ آواز وڏي اهميت ٿا رکن. انهن کي رد ڪرڻ بجاءِ سوچ ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. پروڙ پڇار ڪرڻ جي ضرورت آهي ٻـُـڌ سـُـڌ اها آهي ته سنڌ اسيمبليءَ جي وڏيرن، پيرن، سيدن،ميرن، غالبن ان ڪري پاڪستان قائم ڪرڻ لاءَ ووٽ ڏنا هئا ته کين سنڌي هندن جو مال ملڪيت هڙپ ڪرڻ جو موقعو ملندو، سندن ٻارن کي ملازمتون ملنديون ۽ همراهه موجون ڪندا. آزادي ۽ پاڪستان متعلق درحقيقت، سنڌي عوام کي تلخ صورتحال ۾ سندن موجوده تاريخ صورتحال جي نه آگاهي هئي نه مڪمل خبر ڏني وئي هئي. عوام کي هچائن جي هلچل (ملاوٽ، منافقت، دهشتگردي، بغير ڪلچر وارن ۽ ڌرتي ڌڻين دربدر ٿيڻ، غربت، بيروزگاري،بيماري، بک،اڃ،سڃ ۽ پنڻ جي ماڳهين سڌ ئي ڪان هئي. ڏکين، ڏولاون ۾ لوڙڻ جي غريب کي ته خبر ڪانه هئي پر غتيءَ کي به ان حد جي سڌ ئي نه هئي. انڌن وانگر پنهنجي تاريڪي واري دستاويز تي آڱوٺو هڻڻ وارن کي هاڻي ڏينهن جا تارا نظر ٿا اچن. اهوئي سبب هو جو بينظير ڀٽو صاحبه جي دانائي کي ڏسي، آخري سهارو سمجهي سنڌين ان جو دامن پڪڙيو ۽ ان آخري قيادت جي قتل ۽ الوداع تي غمزده قوم اهو نعرو هنيو ته "پاڪستان نه کپي"،"پاڪستان نه کپي".اهو ئي سبب آهي جو پ پ پ جي نئين قيادت پنجاپين سان اتحاد جي ڳالهه ڪئي ۽ ڪنهن ٻئي دشمن لا‌ءِ غالبن کين اشارا ڏنا. 21 صديءَ جي اٺين سال هر سنڌ واسي انفرادي ۽ اجتماعي انداز سان سوچ ويچار ڪري رهيو آهي.هڪ ته سوشو اڪناميڪل سجاڳيءَ طرف متوجهه ٿئي. ٻيو ته سوشو پوليٽيڪل بيداريءَ طرف راغب ٿئي. سمهڻ، سستي، اجائي کل ڀوڳ واري ڪچهري، ڪاهلي ۽ ڪندفهميءِ سان نه پر برجستي بيداري بهادري، منظم، اتحاد، عقل ودانش سان بزرگن ۽ نئين نسل (سنڌي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين) کي هر ڳوٺن ۽ هر شهر ۾ گڏ ٿي ان قسم جا منظم اتحادي ادارا جلداز جلد قائم ڪرڻا پوندا ۽ سول ڊفينس ۽ سيلف ڊفينس لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺڻا پوندا. اهو آهي بينظير ڀٽو سنڌ جي پنهنجي قائد مرحومه محترمه بينظير ڀٽو جو قديم سنڌ واسين ۽ ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ آخرين ۽ اولين پيغام.

    " ويٺي ورنه پون، ستي ملي نه سپرين"

    "جي مرندن مٿي روئن ساجن ملي نه تن کي"

    "سڀ ننگيون ٿي نڪرو سڀ لالچ ڇڏي لوڀ"

    "سپريان سين سوڀ ننڊن ڪندي نه ٿئي"

    ان سنگين صورتحال ۾ ان نشيب و فراز ۾ ۽ ان پيغام ۽ عوامي آواز ۾ ڌرتيءَ ڌڻين کي ڇاڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڪهڙا رستا راهون رخ ۽ پيچرا ڳولڻ گهرجن. ڏات ڌڻي ڌرتيءَ ڌڻين کي مستقبل لاءِ ڪهڙي مستقل ۽ قابل قبول حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي رهنمائي ٿا ڪن. اندازو آهي انهن تجويزن ۾ هيٺيان انداز ۽ تجويزون پڻ غالبن زيرغور هونديون. سنڌي- مهاجر يا پراڻن ۽ نون سنڌين جو يڪمشت ٿيڻ، هر سطح تي سندن اتحاد ٿيڻ صدر (رٽائرڊ) جنرل پرويز مشرف وانگر دهليءِ وارو مهاجر پڻ خود کي سنڌي سڏائڻ کي ترجيح ڏني (ڪن کي سرڪاري عمل ۽ رد عمل تي اختلاف هوندو)

    اهي سڀ ڳالهيون سڀئي رهواسي، ننڍن ۽ وڏن شهرن وارا يا ڳوٺن ۾ رهڻ وارا پڙهيل يا اڻ پڙهيل، غريب يا غني سڀ سنڌي سڏائن “خلوص دل سان سنڌي ڪلچر تي عمل ڪن اهو عمل نيڪ نيتيءَ سان، بغير نفرت جي، بغير منافقت جي سنجيدگيءَ سان، دل جي گهراين سان مستقل بنيادن تي اتحاد، اتفاق، محبت ۽ برادريءَ وارو ماحول پيدا ٿيڻ گهرجي، دهشتگرديءَ واري فضا هڪدم ختم ٿيڻ گهرجي. بزرگ ۽ مسجدن جا امام ۽ ٻي قيادت، نون ۽ پراڻن سنڌين ۾ هڪ ٻئي ۾ سڱابنديءَ ۽ ڌنڌو واپار ڪرڻ جي تبليغ ڪري. ايئن نه ٿيو ته نه صرف پاڪستان پر خود سنڌ کي به وڏو نقصان پهچڻ جو انديشو آهي.

    2. سنڌين- پنجابين جو مڪمل انتحاد ٿئي، ڇاڪاڻ سنڌين ۽ پنجابين جو مزاج، صوفي اعتقاد ۽ ڳوٺاڻو ڪلچر ڪافي حد تائين ساڳيو آهي، انڪري ٻنهي قومن ۽ صوبن جو ڪن ٺوس ڳالهين تي مڪمل اتحاد ٿيڻ گهرجي ۽ غلط فهميون هميشه لاءِ دور ٿيڻ گهرجن. درحقيقت سنڌ واسي ٻن چئن مسئلن ۾ مبتلا آهن. هڪ ته سندن اگهور ننڊ، ٻيو سماجي، اقتصادي ۽ سياسي شعور نه هجڻ. ٽيون اڻ پڙهيل اڪثريت، چوٿون غير معياري تعليم ۽ صحت ۽ کيتيءَ جون سهوليتون. وڏيرن ۽ سردارن جو راڄ، ڪرمنل ڪلاس جو وڌڻ ۽ شريفن جو غير محفوط هجڻ ۽ گهٽجڻ وغيره. انهن داخلي مسئلن ۽ غلط فهمين سان گڏ، صوبي پنجاب يا پنجابين سان، پاڻي، زمينن ۽ قيادت جي قتل وغيره سان گڏ ڪيترا ڳتيل مسئلا آهن پر مهاجرن جو ته گهر ۾ جهيڙو آهي. ڌرتيءَ تي جهيڙو، قبضي جا اهڃاڻ، ڪلچر تي جهيڙو، سياسي قيادت تي اختلاف، وڏيرن کي اڳيان ڪري سنڌين سان ظلم، حيدرآباد ۾ قاسم آباد جو قائم ٿيڻ ۽ ٻيا ڪيرتا معاملا آهن جيڪي هر سنڌي ڄاڻي ٿو. مشرف پاڪستان ۽ هاڻوڪي بگلاديش وانگر ۽ مـُـڪتي باهنيءَ وانگر هڪ منظم، متحد قوت سـَـگهه، پوئواري ڪرڻ وارو ضابطو، طاقت پيدا ڪرڻ لا”، هر پاڙي، هر ڳوٺ ۽ هر شهر ۾ چوڪيداري نظام. منظم سيلف ڊفينس جو سرشتو هجوم ۽ ائڊوانس- رٽريٽ جو هرهنڌ هڪ پائدار ادارو قائم ڪرڻ جنهن جي مرڪزي جماعت به هجي ته هرهنڌ شاخ به هجي ٻـُـڌ سـُـڌ اها آهي ته ڏيهي ۽ پرڏيهي امداد سان طالبان کان پوءِ هڪ قومپرست جماعت شهري علائقن ۾ اهڙا ادارا گهڻو اڳ قائم ڪيا آهن. موقعي مناسبت سان اهو به ظاهر ڪجي ته سابق صدر جنرل ضياءُالحق جي هڪ مشهور ساٿي- وزير جنرل ڪي ايم عارف پنهنجين يادگيرين، ميمائرس جي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته "جڏهن ايم آر ڊي پنهنجي شباب تي هئي، ان وقت ان تحريڪ جو سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڏاڍو زور هو". ان حد تائين جو فوج جي دستن تي حملا پي ٿيا. وڏن خاندانن ۾ جناب غلام مصطفيٰ جتوئي جي قومپرست فرزند جناب غلام مرتضيٰ جتوئي سابق صوبائي وزير وڏي مڙسي ڪئي هئي ۽ پنهنجي تر ۾ قيادت ڪئي هئي. جنرل عارف لکي ٿو ته سنڌ واسين جي جدوجهد دوران ڀارت جي وزيراعظم، پاڪستان جي سرڪار کي بار بار انتباهه ڪيو هو ته "ڀارت باريڪ بينيءَ سان سنڌ ۾ ايم آر ڊيءَ جو جوش ڏسي پئي ۽ ڀارت گهڻو وقت خاموشيءَ سان اهو منظر نه ڏسي سگهندو" ان تحريڪ دوران سابق صدر جنرل ضياءَالحق تي دادوءَ ۾ حملا ٿيا. ان بعد سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ اچي وقت جي ڪمشنر کي اهي لفظ چيا ته "جن سنڌ واسين لاءِ چيو ويندو هو ته کين ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هڪ صوبيدار ئي ڪافي آهي، اها قوم،فوج تي ۽ فوج جي سربراهه تي حملا ڪرڻ جي همٿ ٿي ڪري اها تعجب جي ۽ عجيب و غريب صورتحال آهي. ان ڪري هر ضلع ۾ "ڪئٽومينٽس" ڇانوڻيون قائم ڪرڻ گهرجن وغيره. ظاهر آهي قومون پنهنجي تقدير پاڻ بدلائينديون آهن. موجوده حالتن ۾ اکيون ٻوٽي، ڪاهل، غريب، غلام، بي روزگار، کـُـٽل،کاتيدار (آبادگار) "جيڪو ستر سيڪڙو هوندو" ان ماحول ۾ باوجود اديبن، استادن، صحافين، شاگردن ۽ خاص ڪري سنڌي قومپرست اڳواڻن جي انفرادي ڪاوش هوندي، ويچارن سنڌ واسين جي بحراني حالت آهي.

    سنڌ واسين جي هڪ حصي وٽ مقوي غزا (حق سچ وارو يا ڪارو ناڻو) کٽي نٿي کٽي ۽ اڪثريت وٽ ٽي ويلا کائڻ لاءِ پڻ مسئلو آهي يا ويلا ٽار آهي، يا غلط راهه اختيار ڪيل آهي. جيتن ۾ لـُـٻيل پاڻي، جانورن سان گڏ پيئندي، بيمار ٿي، پئسن جي کوٽ سبب چـُـڙي چـُـڙي مريو وڃن، منجهائن نام نهاد چڱا مڙس گونگا، ٻوڙا ۽ ڪنهن حد تائين نابين ٿي وطن فروش، ڌرتي فروش ۽ ضمير فروش ٿيو وڃن. اها رفتار آخري حد تي پهتل آهي پر تنهن هوندي به مسلسل وڌندڙ آهي. ظاهر آهي جيڪڏهن، موروثي ملڪيت ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي اصلي مالڪن کان سڀ سهوليتون زوريءَ ڦريون وينديون. سندن راهون روڪيون وينديون، ڌرتيءَ ڌڻين جي راڄڌاني ئي سندن لاءِ "نوگو ايريا" ٿي ويندي ۽ منجهن غربت، بيروزگاري، بيماري، وڏيرا شاهي، ڪامورا شاهي، رشوتخوري ۽ هر قسم جي خرافات وڌندي وئي ته ضرور هرهڪ سنڌ ڄائي کي غيرت ايندي ۽ هو سـِـر ڌڙ جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندا. هڪ طرف ڌرتيءَ ڌڻي يا اگهور ننڊ ۾ ستل آهن، يا ڦرمار ۾، حق غصب ڪرڻ واري حالت ۾ آهن. پڙهيل ۽ چونڊيل نمائندا ڊپ۾ڌرتيءَ کي وڌيڪ تباهه برباد ڪرڻ ۾ شريڪ آهن. اڳي ته رڳو جناح پور جو نقشو ٻـُـڌبو هو، هاڻي ته ٻـُـڌجي ٿو ته سوني ڌرتيءَ تي وڌيڪ قبضو ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. ٻين لفظن ۾ڪراچيءَ کان ميرپورخاص تائين اغيارن جي سنڌ هوندي، باقي سنڌ يعني رڄ يارن ۽ موروثي مالڪن جو ملڪ هوندو. اها هڪ ڏي بدقسمتي آهي جو قديم سنڌ جي ادب ڪلچر، تاريخ ۽ جاگرافيءَ سان حرڪت ۽ تبديلي ۾ بلڪه هر سال جي ترقياتي پروگرام ۾ قديم سنڌ واسين لاءِ ڪجهه به نه رکڻ ۽ ٻين زيادتين ۾ نون سنڌين سان گڏ، انهن سازشن ۾ قديم سنڌين جا نمائندا پڻ شريڪ هئا. ان پسمنظر ۾ احساس محروميءَ ۾ مبتلا ٿي قديم سنڌين لاءِ هن صورتحال ۾ ڪهڙا رستا کليل آهن؟ ڪهڙا مناسب رخ آهن؟ هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ دانشور ڦهلجي وڃن ۽ گڏيل جدوجهد ڪن.
































    !
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو