گوگل جو هجر ۽ فراق سان ڀريل جذباتي اشتهار....

'گوگل جا راز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏14 نومبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪالهه اربع ڏينهن گوگل انڊيا ”گوگل ڪمرشل: ري يونين“ نالي هڪ ڳوڙها ڏياريندڙ اشتهار رليز ڪيو۔۔۔ جنهن ۾ هڪ 3 منٽ ۽ ڪجهه سيڪنڊن جي ڪهاڻي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪهڙي طرح گوگل ڳولا ڪم ڪري ٿي ۽ ان ذريعي ٻن ننڍپڻ جي يارن کي ٻيهر ملائي ٿي۔۔۔ جيڪي ورهاڱي کان پوءِ الڳ ٿي ويا هيا۔۔۔
    وڊيو جي شروعات ٿئي ٿي سمن نالي هڪ نوجوان ڇوڪريء سان جنهن جو ڏاڏو پنهنجي آلين اکين سان کيس پنهنجيون يادگيريون ڏسيندي ٻڌائي ٿو ته ڪيئن هوُ ۽ سندس دوست يوسف لاهور ۾ ٻالڪپڻ ۾ موج مستيون ڪندا هئا۔۔۔ ۽ پوءِ ورهاڱي ڪري يوسف پاڪستان ۾ ۽ هُو انڊيا اچي نڪتو۔۔۔
    ڇوڪري سمن پنهنجي ڏاڏي جي يادگيرين کان ڪافي متاثر ٿي ٿئي ۽ ائين گوگل تي سندس ڏاڏي طرفان ٻڌايل موچي گيٽ لاهور ۽ ان جي ويجهو مٺائي جي دڪان ڳولا ڪري ٿي۔۔۔ ۽ ڪجهه ئي سيڪنڊ ۾ پوري ڪهاڻي کي حقيقتن سان ڳنڍيندي لاهور ۾ يوسف جو پتو معلوم ڪري وٺي ٿي۔۔۔
    گوگل جي هن اشتهار ۾ ايترو ته خوبصورتي سان گوگل ڳولا جي مقصد ۽ اهميت کي جذباتي انداز سمجهايو ويو آهي جو ڏسندڙ نه صرف کوئجي وڃي ٿو پر دلي جذبن کي سمجهڻ سان گڏو گڏ گوگل جهڙي عظيم سرچ جي اهميت کي پڻ سمجهي وڃي ٿو۔۔۔
    هن اشتهار کي شايع ٿيندي هڪ ڏينهن مس گذريو آهي پر ڏسندڙن جو تعداد لکن کان وڌيڪ ٿي ويو آهي۔۔۔ دوستن جي دلچسپي خاطر گوگل جي ان اشتهار کي پيش ڪجي ٿو۔۔۔۔

     
    17 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واقعي جذبات بي قابو ٿي ويا گوگل سرچ سان گڏ اوهان جي سرچ به لاجواب۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    گوگلنگ ته اوهان بهتر ڪري ئي ڄاڻو پر گوگل جا هي ڪن به ڳولي ونڊ ڪري ڄاڻو۔ زبردست
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. اشفاق احمداڻي

    اشفاق احمداڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2012
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    363
    ڌنڌو:
    آئي ٽي پروفيشنل
    ماڳ:
    ٿرپارڪر
  6. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    واقعي ئي وڊيو ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي پيچيدگين کي پري رکي جذبات جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آ
     
  7. سجاد علي خاصخيلي

    سجاد علي خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2013
    تحريرون:
    76
    ورتل پسنديدگيون:
    133
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    هڪ سٺي نوڪري جي ڳولا
    ماڳ:
    نواب شاه
    واه ادا واه..... تمام بهترين ونڊ اکين ۾ پاڻي اچي ويو.........
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو