سنڌي ٻولي جو مختصر تعارف

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي ٻولي جو مختصر تعارف ​

    http://www.youtube.com/watch?v=Ry8ME6X2eY8&feature=related



    ( محترمه بينظير ڀٽو جي شخصيت تي لکيل )ڪالم- خاڪا - تاثر ​




    پُــــرسو​


    ذوالفقار هاليپوٽو








    ”ٿورڙائي ماڻهو اهڙا ٿين ٿا جو رات جو پهرين حصي ۾ انهن تي رشڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ آخري حصي ۾ انهن تي ماتم ڪندڙن جو ڪهرام مچي ٿو.“

    ”نهج البلاغه “



    محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي پُرسو لکڻ مهل مون کي سنڌ جي البيلي شاعر حسن درس جي نظم ”لڪي شاهه صدر تي لهنديئن“ جون ڪجهه سِٽون ٿي گهرجون- جو مون گنجي ٽڪر کان ڳڙهي خدابخش تائين جي سفر واري سموري رستي تي ڦهليل سنڌ جي عظيم الشان تاريخ تي نظر وجهڻ ٿي گهري. مون کيس فون ڪري چيو ته اسين (پاڻ) ڪنهن ٽائر کي باهه نٿا ڏئي سگهون ، پر ايترو ضرور ڪري سگهون ٿا ته ڪا لکڻي، ڪو مضمون، ڪو ڪالم، ڪو شعر يا ڪو ڪتاب شهيد راڻيءَ کي ارپي سگهون. هو شاعر هو هن ڀُڻڪو ڏئي رڙ ڪئي ”ذلفي ٽائر واري باهه ته وسامجي ويندي پر ڪتاب واري باهه ته ڪير به نٿو وسائي سگهي.“ هن فون رکي ڇڏيو هو ۽ آءٌ دير تائين سوچيندو رهيس ته ها واقعي به علم، فڪر ۽ شعور جي باهه ايتري ته ديرپا ۽ پائيدار هجي ٿي جو اها ڪابه عام مونسپلٽي جي فائربرگيڊ وسائي نٿي سگهي.

    سنڌ، همعصر سياسي تاريخ ۾ ۽ خاص طور تي پاڪستان اندر هڪ غلام اڪائي جي شڪل ۾ انهيءَ ڳالهه جي سزا کائيندي پئي اچي ته سنڌ پنهنجي خودمختياريءَ جي فڪر ۾ واضح، پاڪستان اندر هڪ وفاقي اڪائي جي صورت ۾ پنهنجي آئيني ۽ قانوني حقن ۽ واسطن جي معاملي تي چٽي، جمهوريت جهڙي عالمگير قدر تي واضح، ٻين قومن، لساني اقليتن ۽ مذهبي گروپن سان رواداري ۽ ڀائپيءَ ۾ هلڻ واري فلسفي تي يقين رکي ٿي.

    علائقي سطح جي سياست ۾، سنڌ، پاڪستان جي اهم حصي طور پاڙيسري ملڪن سان بهترين لاڳاپا ۽ جيو ۽ جيئڻ ڏيڻ واري پاليسي تي ايمان رکندڙ قوم هجڻ ڪري ڪنهن به قوم يا ملڪ ڏانهن فضول جارحيت واري پاليسين جي خلاف ۽ جنگن ۽ هٿيارن کان پاڪ پر امن خطي جي حق ۾ آهي، جتي ترقي ۽ تبديلي سندس بنيادي ايجنڊا آهي.

    عالمي سطح تي اڄوڪي جديد دور جي سمورين عالمگير قدرن تي به هيءَ قوم ٺهڪي اچي ٿي. اڄوڪي عالمي دنيا جا چار زبردست چيلنجز ۽ عالمي امن جا چار وڏا دشمن- دهشت گردي، مذهبي انتها پسندي، انساني غير قانوني سمگلنگ ۽ منشيات جي ڦهلاءُ وغيره جهڙن ڪرائيمن ۾ سنڌي قوم ملوث ناهي. هيءَ هڪ روشن خيال، ترقي پسند ۽ سيڪيولر قوم رهندي آئي آهي.

    محترمه بينظير ڀٽو سنڌ ۽ پاڪستان جي مقبول ترين جمهوريت پسند قيادت هجڻ ڪري نه رڳو سنڌ جي اهڙين امُلهه خوبين کان واقف هُيءَ پر هو انهن قدرن کي پوري ملڪ جي سڃاڻپ طور ڏسڻ جي خواهش مند هئي . سندس، هن ملڪ جي عوام ۽ مظلوم ماڻهن سان هڪ زبردست رشتو اهو به هو ته هو مذهبي انتهاپسندي ، لساني تنگ نظري ۽ نسلي رجعت پرستي مخالف سوچ ۽ فڪر رکندڙ سياسي اڳواڻ هئي. سندس اهڙي روشن خيال فڪر جي ڪري نه رڳو عالمي برادري پر پاڪستان جي عوام ۾ به، جهموريت جي بحالي واري عمل ذريعي پاڪستان جي حالتن ۽ اميج ۾ ڏاڪي ٻه ڏاڪي سڌارا اچڻ جي زبردست اميد هئي. شهيد بي نظير ڀٽو جي اهڙ ي فڪر ۾ قدرتي وسيلن تي قوميتن جي وارثي، صوبن تي اصلوڪن ماڻهن جو حقِ حاڪميت، هڪ ڍري فيڊريشن ۾ سمورين اڪائين جي برابري جو سوال، قانون ۽ آئين جي بالادستي، انساني حقن جو بلا تفريق تحفظ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي آزادي ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه شامل هو .

    محترمه جي شهادت نه رڳو پاڪستان پيپلزپارٽي، ملڪي عوام ۽ جمهوريت پسند قوتن کي زبردست نقصان پهچايو آهي پر ان شهادت سان اهو پورو مانڊاڻ ڊهي پيو آهي - ان پوري فڪر جو قتل ٿيو آهي. پاڪستان جي هڪ جمهوري ۽ روشن خيال وطن واري تعارف جي اڪلوتي نشاني کي ٽارگيٽ قتل ڪري ملڪ کي هڪ وڏي سياسي ۽ سماجي بحران ڏانهن ڌڪيو ويو آهي. اهي بحران ڪهڙا ۽ ڪيترا شديد آهن، ان جي هڪ اڻ کٽ ۽ طويل فهرست هر انهيءَ سڄاڻ ۽ محب وطن شهري وٽ آهي جيڪو پاڪستان کي حقيقي معنيٰ ۾ هڪ آزاد، خود مختيار ۽ سورهن ڪروڙ غريب عوام جي حقيقي فلاحي رياست طور اڳيان وڌندي ڏسڻ گهري ٿو.

    محترمه جي شهادت هر هنڌ وڏو خال پيدا ڪيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ورڪرن، اڳواڻن ، ووٽرن ۽ همدردن کان علاوه به دنيا اندر لکين اهڙا ماڻهو آهن جيڪي محترمه سان سندس ذاتي حيثيت ۾ هر وقت ڳنڍيل هيا. هو روزانو مارڪ سيگل کان وٺي سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم جي موڪيل اي ميلز تائين هزارين ٿئين تي نظر رکندي هئي. پوري دنيا ۾ ويٺل سفارتڪاريءَ جا ماهر، لابنگ جا عالمي ماهر، ليکڪ، صحافي، عالمي سول سوسائٽيءَ جا سرگرم ڪارڪن هن سان سندس ذاتي لاڳاپي ۾ ائين جڙيل هيا جو کيس دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ٿيندڙ سياسي ۽ سماجي اٿل پٿل بابت هر وقت نه رڳو تازي ڄاڻ ملندي هئي پرهو انهن قوتن ذريعي هڪڙي زبردست ۽ مضبوط بين الاقوامي تڪ جي مالڪياڻي هئي. محترمه ان مورل ڪانسٽيٽئنسي کي پيپلزپارٽي سان گڏو گڏ ملڪ جي اميج ۽ طاقت وڌائڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيو .

    هن ڪتاب لاءِ جيڪي مضمون، ڪالم ۽ خاڪا چونڊيا ويا آهن، انهن جا ليکڪ نه پيپلزپارٽي جا ورڪر آهن ۽ نه ئي ڪي عهديدار يا چونڊن جا اُميدوار. سنڌ جي ساڃاهه وندن، ڪالم نگارن، شاعرن، ليکڪن، سياسي تجزيه نگارن. دانشورن ۽ سماجي سائنسدانن جي لکڻين سان ٽمٽار هيءُ عقيدت جو نذرانو دراصل ان بي نظير ڀٽو جي لاءِ آهي جيڪا 58 قابلِ رشڪ سياستدان ۽ پيپلزپارٽي جي رهبر هجڻ سان گڏو گڏ هن سماج جي هڪ ذميوار شهري، بهترين ليکڪه، انتهائي سٺي پڙهندڙ ۽ سول سوسائٽيءَ جي سرگرم حصو هئي.

    هن ڪتاب ۾ شامل مواد جي هڪ حصي ۾ محترمه بي نظير ڀٽو جي شخصيت، قيادت ۽ خوبين تي زبردست خراج تحسين پيش ٿيل آهي. مواد جي ٻئي حصي ۾ 27 ڊسمبر جي منحوس ڏينهن جي سنڌ جي حساس ذهنن تي اثر انداز ٿيڻ جي دردناڪ ڪٿا شامل آهي. مواد جو ٽيون حصو انهن بحثن کي ڇيڙي ٿو جيڪي شديد،سياسي، سماجي ۽ معاشي بحرانن جي صورت ۾ پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ کي درپيش آهن.

    ملڪي سالميت کي خطرو، جمهوريت کي خطرو، سنڌ ۾ وڌندڙ سياسي عدم استحڪام ۽ بي چيني، عالمي سطح تي پاڪستان جي ڏينهون ڏينهن بگڙجندڙ اميج جو سوال، ملڪ جو هڪ حقيقي جمهوري اڳواڻ کان محروم ٿي وڃڻ وارو بحران، ملڪ مٿان مسلسل جاري آمريتن جاسبب، نقصان ۽ ان مان نڪرڻ جا حل، سنڌ کي لساني بنيادن تي وڙهائڻ جي سازش، نسل پرستيءَ واري مڪروه سياست، بي نظير ڀٽو صاحبه کان پوءِ ملڪ ۾ پيدا ٿيل وفاق جي زنجير ۽ عالمي ساک واري جمهوري قيادت جو خال مستقبل ۾ سنڌ جي سياسي اڳواڻيءَ جو سوال ۽ ملڪ مٿان عوامي راڄ يافوجي راڄ جهڙن اهم ترين موضوعن تي بحث ڪيو ويو آهي.

    اهي سمورا شمار بحث اهو واضح ڪن ٿا پاڪستان بي نظير ڀٽو صاحبه جي شهادت کان پوءِ شديد خطرن ۾ آهي ۽ انهن مان نڪرڻ جو واحد رستو اهوئي آهي. جيڪو محترمه پاڻ ٻڌائي وئي آهي. اڄ ملڪي صورتحال تي گهري اک رکندڙ محترمه جا سياسي مخالف به چون ٿا ته وفاق جي سياست، سنڌ، بلوچستان ، سرحد ۽ پنجاب پرڳڻن جي خودمختياري جو سوال، سرائڪين جي محرومين جو اشو، جمهوريت، آئين ۽ قانون جي بحالي ۽ بالا دستيءَ جو سوال، پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻا رابطا ۽ عالمي طاقتن سان عزت ڀريا تعلقات ۽ سياسي معاملن ۾ اسٽيبلشمنٽ، فوج ۽ خفيه ايجنسين جي ڪردار تي جيڪو موقف، ويزن ۽ فارمولو بي نظير ڀٽو وٽ هيو، ملڪ هاڻ انهيءَ فارمولي کان گهٽ ڪنهن فارمولي تي جٽاءُ نه ڪري سگهندو.

    محترمه جي شهادت واري گهڙي کان وٺي هن ڪتاب جي پريس ۾ ڇپائي ڏانهن وڃن واري لمحي تائين رڳو سنڌيءَ ۾ محترمه کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هزارين مضمون، ڪالم، خاڪا، لکين اي ميلز ۽ ايس ايم ايس وسيلي ٽيڪسٽ نياپا ۽ خط وغيره لکيا ويا آهن، جيڪڏهن انهن سمورن لکڻين کي سهيڙجي ته رڳو سنڌيءَ ۾ لکيل اهڙي مواد جو گهٽ ۾ گهٽ ويهه هزار صفحن جو ڪتاب جڙي سگهي ٿو . هن ڪتاب ۾ شامل سمورا مضمون محترمه سان عزت ۽ قرب جو رشتو رکندڙ ۽ سندس سياسي جدوجهد جو احترام ڪندڙ اهل قلم پاران کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهن. مون رڳو پنهنجي حصي جو سياسي فرض ۽ ڪجهه ورهين جي هڪ ڀيڻ سان محبت واري تعلق جي قرض طور ڪجهه ڏينهن ان ڪتاب کي سهيڙڻ تي خرچ ڪيا آهن.

    هن ڪتاب ۾ شامل مواد ۾ جذباتي ڪالم به آهن، محترمه سان محبت ڪندڙ ماڻهن جي جذبن جي ترجماني ڪندڙ ليک به شامل آهن. سندس وڇوڙي تي اکيون آليون، دل ڀاري ۽ طبيعت بوجهل محسوس ڪندڙ حساس اديبن ۽ ڪالم نگارن جا رائيٽ اپس به آهن ته سياسي تجربه نگارن جا ڏکيا سوال ڪندڙ مضمون به آهن.پر سمورن ليکڪن ۽ ليکڪائن جو خيال هڪڙو ئي آهي ته اڄ پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ يتيم ٿي وئي آهي. ڏک ۽ رنج و غم سان گڏ شديد مايوسيءَ به آهي – هر دل – هر دماغ ۽ هر جسم ڄڻ ته فيض جو هي شعر بڻجي ويو هجي.



    مون کي خبر ناهي ته ڪتاب مرتب ڪندڙ جو ڪتاب ۾ شامل مضمونن، ڪالمن ۽ راين تي تبصري ڪرڻ جو ڪيترو استحقاق آهي پر ايترو اوهان سان ضرور شيئر ڪرڻ گهران ٿو ته هيءَ شاندار ليکَ پڙهندي، انهن جا پروف درست ڪندي ۽ فهرست ترتيب ڏيندي اکيون هر وقت آليون آهن.

    ڪهڙي اهڙي دل هوندي جيڪا رُني نه هُجي، ڪهڙي اهڙي اَک آهي جيڪا ڀِني نه هجي. ڪهڙو اهڙو شخص آهي جيڪو ماتم ۾ نه هجي سواءِ آمريتي دلالن جي. هيءُ دليل کان اڳ منهنجا سائين دلين جو معاملو آهي. محبتن ۽ چاهتن جو رِشتو آهي - هيءُ رَت جو ڳانڍاپو آهي نه ته امر سنڌو نه لکي ها ته بلاول لاءِ سنڌ جون مائرون امام ضامن تيار ڪري چڪيون. قبله سائين هيءَ ته ڪربلا آهي..... ڇو ٿا اجايو مُنجهايو عقل جي بحثن ۾ ... عقل سدائين محبتن اڳيان منطق جي ڦيٿ رکندو آهي. اڄ ته گهٽ ۾ گهٽ عقل بدران دل جو ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.

    في الحال چاڪِ گريبان سينن کي ماتم ڪرڻ ڏيو. درد کي..... ڏک ۽ صدمي کي هلڪو ٿيڻ ڏيو....... جنهن سياسي دليل وٽ دل ناهي، احساس يا درد ناهي اهو ڪابه تبديلي نٿو آڻي سگهي، تنهن ڪري اسان کي في الحال هي درد محسوس ڪرڻ ڏيو ....... مظفر چانڊئي چواڻي سنڌ جي نصيب ۾ هاڻ ٻه عاشوره آهن..... هڪ شهيد امام حسين جو ۽ ٻيو شهيد بي نظير ڀٽو جو ...... ياحسين! يا حسين! يار اسان کي ٿورڙي دير پن هنجا سينا ۽ مٿو پٽڻ جي اجازت ته ڏيو....



    ائين ڇو آهي جو سنڌ، ڀُٽن جي قتل کي ڪربلا جي شهيدن جي قربانين جو تسلسل سمجهي ٿي. ائين ڇو آهي جو حسن مجتبيٰ کي به لکڻو پئجي ويو ته محمد صه جي آل کان پوءِ اسلام ۾ گهراڻي جي صورت وڌ ۾ وڌ قربانيون ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪٽنب جون آهن. هيءُ ڪهڙو رشتو آهي ڳڙهي خدا بخش جي شهيدن سان جنهن کي اسين ڳنڍيون ٿا ڪربلا سان، معصومن جي شهادت جي عزاداري ۽ طرف داريءَ سان - ۽ يزيديت جي مذمت سان.شايد ان ڪري جو سنڌ جي مزاحمتي سياست ۽ انقلاب جا جيڪي به گس آهن اهي پنهنجي اصل ۾ ڪربلا جي قربانين مان انسپائيريشن وٺن ٿا ۽ بي نظير ڀٽو به اهوئي چيو هو ته همٿ ۽ حوصلي، جرئت ۽ شجاعت، بهادري ۽ بلندي ۾ سندس آئيڊيل جنابِ زينب آهي.



    منهنجي سياسي ايمان کي قوت بخشيندڙ انقلابي مُعرڪي يعني ڪربلا جي راڻي جنابِ زينب جي شهادت جي تاريخ به ساڳي ته منهنجي ديس جي راڻي بي نظير ڀٽو جي شهادت جي تاريخ به ساڳي- تاريخ جا ڄاڻو ان اتفاق کي ڪيئن ٿا ڏسن. آءٌ ان کي مظلوميت ۽ مزاحمت جي تسلسل طور ڏسان ٿو- رڳو وقت ۽ زمانو تبديل ٿيو آهي. پر انڪار ۽ ويڙهه جا ڪردار اڄ به هڪ ٻئي پٺيان ساڳيان آهن.



    ”دوست ڪُهائي دادلا مُحب مارائي
    خاصن خليلن کي سختيون سهائي
    الله صمد بي نياز سا ڪري جا چاهي
    انهيءَ ۾ آهي ڪا اُونهي ڳالهه اِسرار جي


    (ڀٽائي)



    هيءُ ڪتاب هڪ عالمگير اڳواڻ، هڪ ڀيڻ ۽ هڪ ماءُ کي پُرسو آهي، هي ڪتاب نه پر سنڌ جي شعور ۽ ڏاهپ جي اجتماعي تعزيت آهي، سنڌ ۽ پاڪستان جي مظلوم عوام، شهيد بي نظير ڀٽو جي وارثن، سياسي پوئلڳن ۽ محبت ڪندڙن سان. هي ڪتاب نه پر سنڌ جي مزاحمتي لاٽ کي اوچو رکڻ جي خواهش مند بي نظير ڀٽو ۽ سندس سياسي فڪر جي عاشقن لاءِ ” نيازِ حسين“ آهي.

    هي پُرسو آهي جنابِ زينب جي پوئلڳ بي نظير ڀٽو جي شهادت جو – هي ڪتاب نه پر شام غريبان آهي سنڌ جي ماڻهن جي، جن هر دور ۾ رتُ وهائي پنهنجا محبوب اڳواڻ ڪُهائي، جدوجهد ۽ تبديليءَ جي ڪَنڊيدار خوابن کي ماڻهن ۾ زنده رکيو آهي.

    هي ڪتاب نه پر مرثيو آهي سنڌ جي نيائين جو پنهنجي محبوب ڀيڻ بي نظير ڀٽو جي ياد ۾. هي ڪتاب نه پر محترمه جي تابوت کي ڏنل هڪ ڏکويل ڀاءُ جو ڪُلهو آهي.هي ڪتاب سخت سرديءَ ۾ ماڪ ۾ ڀِنل ڳڙهي خدا بخش ۾ کوٽيل هڪ نئين قبر تي رکيل پهرين گلاب جي گل جي هڪ پِتڪڙي پَتي آهي. هي ڪتاب راتن جو گهر ۾ پنهنجي امڙ، ڀينرن ۽ گهر واريءَ سان زار قطار روئندي نير وهائيندڙ اکين سان، گلن بدران محترمه لاءِ سُڏڪن جي چادر آهي. هي ننڍي ڪوشش منهنجي ٻارڙن نساء، سيف ۽ سعد پاران محترمه جي دادلن بلاول، بختاور ۽ آصفه کي انهن سالگرهن جو ايڊوانس تحفو آهي جيڪي هاڻ هو آسمان جهڙي وشال ماءُ جي کيرٿر کان به ڳري ڀاڪُر کي مس ڪندي ملهائيندا
    .



    شهيد بي نظير جو ڇڏيل مشن​



    آصف علي زرداري



    اڳئين هفتي جڏهن منهنجي وني محترمه بينظير ڀٽو جو قتل ٿيو ته دنيا صدمي ۾ اچي وئي هئي، ۽ منهنجي زندگي ڌڏي وئي هئي. بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي ان مشن جي لاءِ ڏني جنهن ۾ هوءَ يقين رکندي هئي- هڪ جمهوري، روشن خيال ۽ ترقي پسند پاڪستان لاءِ جدوجهد ۾ يقين. هوءَ انهن آمرن ۽ انتهاپسند جنونين جي مد مقابل ٿي بيٺي جن دهشتگردي ۽ تشدد سان پاڪ ڪتاب جي بي حرمتي ڪئي آهي. منهنجي ۽ ٻارن جي درد جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. پر ان کان وڌيڪ مونکي ڏک ان ڳالهه جو آهي جو هاڻي دنيا ڪنهن به اهڙي زنجير کانسواءِ اڳتي وڌندي جيڪي مختلف ثقافتن،مذهبن ۽ ريتن رسمن کي پاڻ ۾ ڳنڍي بيٺي هئي.

    مون بينظير ڀٽو سان 1987ع ۾ شادي ڪئي هئي، پر اسان صرف پنج سال ئي گڏ گذاري سگهياسين- جڏهن هوءَ ٻه ڀيرا وزيراعظم هئي،“ ٻئي ڀيرا ملٽري مداخلت ڪئي. مون 11 سال پاڪستاني جيلن ۾ اهڙن الزامن هيٺ گذاريا جن جي باري ۾ هاڻي نواز شريف ۽ پرويز مشرف (الزام به انهن ئي مڙهيا هئا) به چئي رهيا آهن ته اهي سياسي نوعيت جا الزام هئا. 1988ع ۾ جڏهن بينظير اڃا وزيراعظم به نه ٿي هئي جو پاڪستان جي انٽيليجنس ايجنسين هن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو، مون سميت هن جي ڪيترن ئي دوستن کي پڻ هدف بڻايو ويو. انهن ئي انٽيليجنس ايجنسين جي پبلڪ حلقن ۾ ويٺل ڪرائيدارن مونکي "مسٽر ٽين پرسنٽ" چوڻ شروع ڪيو، ۽ هن جي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ دوستن تي "هندستاني-يهودي" لابي جي اڳواڻي ڪرڻ جا بيهوده ترين الزم لڳا هئا.

    ڪردارڪشي جي اها مهم گهڻو ڪري ته شخصي نقصان پهچائڻ واري پهرين سياسي مهم هئي. بينظير انهن جو نشانو هئي، ۽ سندس مڙس ۽ دوستن کي هٿيار طور استعمال ڪيو پئي ويو. ۽ ان جو مقصد هئو هڪ جمهوري حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ. شايد ته جمهوريت جو رستو روڪڻ جو ڀلوڙ طريقو اهو ئي آهي ته جمهوري سياستدانن جي ڪردار ڪشي ڪجي.

    منهنجي وني جي ان حڪومتي ڏينهن ۾ هن کي هڪ عوام دشمن اسٽبلشمينٽ ،هڪ مداخلت پسند ملٽري، سازشي ايجنسين، ڪمزور مخلوط حڪومت ۽ صدر جي مسلسل پارليامينٽ کي ڊاهڻ جي ڌمڪين سان واسطو پيو. ان جي باوجود هوءَ آزاد ميڊيا، پاڪستان کي 10 وڏين ترقي ڪندڙ سرمائي جي منڊين مان هڪ بڻائڻ، 46،000 هزار اسڪول ٺهرائڻ ۽ لاتعداد ڳوٺن ۾ بجلي آڻڻ ۾ ڪامياب وئي. هن پاڪستان ۾ عورتن جي زندگي تبديل ڪري ڇڏي ۽ اسلامي دنيا کي عورتن جي ڪاز طرف ڌيان ڇڪرايو. اهو هن جو مختصر رڪارڊ آهي جنهن تي هن کي بجا طور تي فخر هئو.

    هن جو قتل هن جي نظرئي کي ختم نه ڪري سگهندو، نه ئي قاتلن کي ايئن ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. حڪومت اندر ۽ حڪومت ٻاهران- اهي جيڪي سڀئي ذميدار آهن انهن کان حساب ضرور وٺڻ گهرجي. مان اقوامِ متحده جي ڪميشن جي ُگهر ڪريان ٿو جيڪا رفيق حريري ڪميشن جيان هجي، جيڪا اچي محترمه جي قتل تي پيل پردي کي هٽائي ۽ قتل جي تحقيقات ڪري ۽ مان اولهه ۾ سمورن جمهوريت پسند، خاص طور تي امريڪا ۽ برطانيه کان پڻ ُگهر ڪريان ٿو ته اهي هن واقعي جي غيرجانبدار جاچ ڪرائي. پاڪستان حڪومت پاران ڪيل تحقيق تي ڪنهن جو به اعتبار ناهي، نه صرف هتي پر ڪٿي به نه. ڪوئي به بگهڙ کي رڍن جي مالڪي لاءِ نه ويهاريندو آهي.

    پر هي وقت اڃا اڳتي ڏسڻ جو به آهي، ان عظيم سانحي ۽ غم منجهه، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ليڊرشپ جي روشني نئين نسل طرف، اسان جي پٽ بلاول ڀٽو زرداري طرف منتقل ٿي وئي آهي. مان هن جي ايندڙ ٿڪائيندڙ وقت ۾ هر ممڪن مدد ڪندس، هن جي حفاظت ڪندس. ڀٽو خاندان قوم لاءِ جيڪي ڪونڌر قربان ڪيا آهن، شايد ئي ڪنهن ڏنا هجن. هيءُ پارٽي کي متحد رکڻ ۽ مضبوط رکڻ جو وقت آهي. منهنجي هوشمند ۽ ڏاهي وني اهو سدائين سمجهندي هئي. ايندڙ اڻڄاتل مستقبل کي نظر ۾ رکي هن خاندان کي هدايت ڪئي هئي ته ”پارٽي کي متحد رکيو وڃي- پاڪستان جي لا“.

    مشرف انتظاميه اليڪشن کي ملتوي ڪيو آهي، ان جي لاءِ نه ته ڪي ٽيڪنيڪي نوعيت جا مسئلا هئا، پر ان جي لاءِ جو مشرف ۽ سندس "ڪنگز پارٽي" کي خبر هئي ته اليڪشن ۾ پ پ پ ۽ ٻيون جمهوريت پسند پارٽيون اڪثريت سان کٽي وينديون ۽ انهن کي شڪست نصيب ٿيندي. جمهوريت پاڪستان ۾ تڏهن ئي فروغ وٺي سگهي ٿي، ۽ انتهاپسندي تڏهن ئي ختم ٿي سگهي ٿي جڏهن چونڊون صاف ٿين، شفاف ۽ ڌانڌلين کان پاڪ هجن، صرف ۽ صرف تڏهن...

    ان جي لاءِ پاڪستان جي عوام کي يقين ڏيارڻ لاءِ سڀ کان پهريون ته جيڪي چونڊون ٿي رهيون آهن اهي هڪ نئين، غيرجانبدار نگران حڪومت هيٺ ٿين، اها حڪومت مشرف جي حوارين تي مشتمل نه هجي. ٻيو اهو ته اهڙيون چونڊون هڪ خودمختيار اليڪشن ڪميشن جي نگراني هيٺ ٿين جيڪا ڪميشن مختلف سياسي پارٽين جي صلاح مشوري سان جوڙي وڃي. ٽيون اهو ته ان اليڪشن کي اهڙا عالمي مبصر مانيٽر ڪن جيڪي تربيت يافته هجن ۽ سندن پهچ هر پولنگ اسٽيشن تائين ممڪن بڻيل هجي، چوٿون اهو ته ان اليڪشن کي ميڊيا جي ڪوريج حاصل هجي، اهڙي آزاد ميڊيا جيڪا 3 نومبر تي مڙهيل مارشل لا کان اڳ واري هئي. پنجون اهو ته ان اليڪشن جي نگراني آزاد عدليه ڪري. ان سان گڏ گرفتار ٿيل ۽ محصور بڻيل سرگرم ڪارڪن وڪيل ۽ جج پڻ آزاد ڪيا وڃن.

    جمهوريت ۽ اعتدال پسندي جا قاتل جن منهنجي ونيءَ جي جان ورتي، اهي وائکا ڪري سگهجن ٿا، انهن کي لازمي طور تي شڪست ۽ شرمندگي ڏسڻي آهي ۽ ڏسندا. آمريت ۽ انتهاپسندي هميشه پاڪستان جي عوام پاران ُٺڪرائي وئي آهي. جيڪڏهن آزاد ۽ شفاف چونڊون 18 فيبروري تي ٿين ٿيون ته پوءِ انهن قوتن کي هارائي سگهجي ٿو. ۽ ان ڏينهن تي ئي محترمه جي نظرئي ۽ هن جو اڻ ٿڪ روح خوشي ۾ ٻهڪي ُاٿندو.جان ڪينيڊي جا هي لفظ، " ان آڳ مان اڀرندڙ شعلا يقينن دنيا کي روشن ڪري سگهن ٿا."



    اي سِنڌُ ڄائي!​


    محمد ابراهيم جويو

    اي سنڌ ڄائي!

    هجيئي سڀ سڻائي،

    ڪڏهن واءُ ڪوسو نه توکي لڳي

    ڪڏهن وقت اوکو نه توتي اچي.

    ٻين کي تون پڻ پياري هوندينءَ

    تن لئه ميگھه ملهاري هوندينءَ،

    پر تنهنجيءَ اُڃَ ۽ اُلڪي کي

    جيئن هيءَ ڌرتي ڄاڻي

    ٻيو ڪو ڪيئن ڄاڻي!؟

    پنهنجي جيجل ماءُ ــ سنڌ کي پياري آهين،

    جنهن توکي پنهنجو رَتُ سَتُ ڏنو آهي،

    اها تنهنجيءَ هر سوڀ ــ هر ڪاميابيءَ تي

    خوش ٿيندي ۽ کلندي آهي.

    ۽ جڏهن جڏهن به تون

    ڪنهن ڏک جي ڏاگھه تي چڙهڻ لڳندي آهين،

    ته هن جي مامتا تڙپندي اٿندي آهي،

    ۽ تنهنجي ڇوٽڪاري ۽ خوشيءَ لاءِ

    دعائون گھرندي آهي.

    تو جڏهن جڏهن به ڪا سَهوَ ــ ڪا غلطي

    ڪئي آهي، ته هوءَ

    اهو سوچي توکي بخشيندي آهي ته تون ان جو تدارڪ ڪندينءَ

    (ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجيءَ ٿڃ تي شڪ نٿي ڪري سگھي).

    اي سنڌ ڄائي!

    جُڳ جُڳ جُڙي رهين،

    اڄ تون شهرتن جي بلندين تي آهين،

    ڏيهه پرڏيهه تنهنجي ناماچاري آهي.

    تون جتي به وڃين ٿي،

    عزتون ۽ آجياڻا تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهن

    ۽ محبتون تولاءِ منتظر آهن،

    لوڪَ توکي چاهين ٿا،

    چاهين ئي نه پر دل جان نڇاور ڪن ٿا.

    عزتن ۽ شهرتن جي هن مقام لاءِ،

    توکي گھڻيون گھڻيون واڌايون هجن.

    تنهنجي جيجل سنڌ کي توتي فخر آهي.

    پر ڇا تو ڪڏهن سوچيو آهي ته تنهنجي

    جيجل جا،

    مُٺيءَ ماءُ جا،

    ڏک سور ڪهڙا آهن؟

    ۽ ان جو اولاد ڪهڙن اهنجن ۾ ورتل آهي؟

    ڇا تون ڄاڻڻ چاهيندينءَ؟

    ها ته پوءِ ٻڌ!

    ڪي ساٺيڪو سال اڳي

    تنهنجي ماتر ڀومي

    ۽ ڀونءَواسي

    شامل ٿيا هئا،

    مذهب جي نالي ۾ ٺهندڙ

    ”پاڪ ــ آستان“ ۾.

    پر ڪجھه واعدن سان

    ۽ ڪجھه شرطن سان ته:

    تنهنجي ڌرتي

    ۽ ڌرتي واسي

    ان ۾ هوندا آزاد،

    ان ۾ هوندا بااختيار،

    سڀ ساريون خوشيون ماڻي سگھندا.

    جيونِ ــ ڇڄ مان

    درد سمورا ڇاڻي سگھندا،

    ماڻي سگھندا

    سارا سک ۽ سڀ آنند

    تن لاءِ هوندي

    رت بسنت هرڪا مُند.

    پر تن سان دوکو ٿيو،

    هيءُ سودو تن لئه اوکو ٿيو.

    شروع ۾،

    سنڌ مان سنڌين کي تڙيو ويو

    ڇو ته اهي هندو هئا!

    مذهب جي ڪاتيءَ سان

    هن قوم کي ٻه ڀاڱا ڪيو ويو،

    جيڪا اڳي

    ساٿ سٻنڌ سان،

    سک امن سان،

    صدين کان گڏ

    رهندي پئي آئي،

    گيت محبت،

    سنگ صحبت جا چوندي پئي آئي.

    تن ۾ ڪو مت ڀيد نه هو،

    تن جي قومي جيون ۾

    ڪو ڇيد نه هو.

    جڏهن ورهاڱي جا ٿيا سانباها

    تڏهن به ڪنهن کي ڪل نه هئي

    ته ڪو،

    سرحدن سان گڏ،

    قومون به ورهايون وينديون،

    ۽ ماڻهن جي مٽا سٽا به ڪئي ويندي.

    مسلمانيءَ جي نالي ۾،

    هر سرحد کان ايندڙ

    لاڏائو قافلن کي

    سنڌ ڏانهن روانو ڪيو ويو.

    تن لاڏائو ٽولن کي

    ٻيا به رهائي سگھيا ٿي،

    پر،

    جتي ڪٿي تن کي اهو چيو ويو:

    ”پاڪستان اڀي آگي هي!“

    ائين سڀ ننڍي کنڊ جا تڙيل ۽ رولو ٽولا

    سنڌ ۾ آيا.

    شروع شروع ۾،

    مسلمانيءَ جي جذبي ۾،

    اسان به تن کي قبول ڪيو،

    انصار ــ مهاجر واري روايت پاريسين،

    ۽ ڌارين سان

    پنهنجي ڌرتي

    پنهنجون ملڪيتون

    گذر سفر جا سڀ وسيلا ــــ ۽ محبتون

    ورهايونسين.

    اي سنڌ ڄائي!

    او بختاور!

    پر ـــ

    ڌاريا، ڌاريا ثابت ٿيا.

    جيڪي تنهنجي ديس ۾ آيا،

    مک شهرن تي قابض ٿيا،

    ۽ جن ڀائرن ــ تنهنجي ديس واسين ــ

    تن جي آجيان ڪئي

    تن جي مرحبا ڪئي

    اهي کانئن نفرت ڪرڻ لڳا.

    چي: ڄٽ آهن

    هِنن جي تهذيب گڏهن، گھوڙن واري آهي.

    ايترو ئي نه پر

    تن جي رکوالن ۽ محافظن،

    ڏاڍ ڏمر جي ڪارندن ــ

    اُهي ئي

    جن اسان سان وچن ڪيا هئا ته

    نئينءَ ٺهندڙ رياست ۾

    اسين هونداسين آزاد،

    اسين هونداسين بااختيار،

    تن، سوچيل سمجھيل سازش سان،

    ڌارين کي مضبوط ڪيو.

    ۽ اسان ڏٺو ته اسان جي ــ تنهنجي

    ٻاٻاڻي ٻوليءَ ــ سان وير پاڙيو ويو

    ۽ ان کي اسان جي شهرن مان،

    نيڪالي ڏني ويئي،

    ضرب ڪاري هَنئين ويئي.

    ٻار اسان جا

    پنهنجيءَ ماءُ جي مٺڙي ٻوليءَ ۾

    پڙهڻ کان محروم ڪيا ويا،

    لکڻ کان محروم ڪيا ويا.

    اي سنڌ ڄائي!

    اُن وهه پيئڻ جو،

    ذائقو اڃا به تازو هو ته

    اسان تي غلامي مڙهي ويئي.

    اسان کي چيو ويو ته اسين

    هاڻي ”سنڌ“ اچارڻ ڇڏي ڏيون،

    ان جي نانوَ جو

    ڏيئو ٻارڻ ڇڏي ڏيون.

    حڪم ٿيو ته

    ”سنڌ“ ماضيءَ جو ”حصو“ آهي،

    ڪوئي پراڻو ”قصو“ آهي.

    هُنن کان وسري ويو ته

    پاڻ ئي وچن ڪيو هئائون ته:

    سنڌُ، پاڪ آستان ۾،

    رهندي آزاد،

    سنڌواسي هوندا بااختيارُ.

    ۽ چيائون:

    هاڻي هيءُ منصوبو رهندو،

    بس هڪڙو ئي صوبو هوندو،

    ٻِئي پاسي بنگالي آهن

    تن کي مهاڏو ڏيڻو آهي،

    اڪثريت ۾ رهڻ وارو

    حق انهن کان کسڻو آهي.

    پر اسان ــ تنهنجي ديس واسين ــ

    ان رٿا کي ڪونه قبوليو

    جنهن اسان کان

    صدين جي ٿي کسي سڃاڻپ،

    اسان نه وساريو سنڌُ جو نانءُ

    پئي اچاريو سنڌ جو نانءُ.

    پوءِ بديءَ جون سڀ انڌيون طاقتون

    مڇرجي،

    اُلرجي،

    ظلم ۽ ڪروڌ جي روايتي انداز سان

    گِگ وهائڻ لڳيون.

    اسان کي جيلن ۾ وڌائون

    جان وٺڻ جون ڌمڪيون ڏنائون

    اسان جي شعرن تي،

    ڪهاڻين تي،

    افسانن تي،

    ۽ ٻين ليکن تي،

    زنجير وڌائون،

    ۽ فرمايائون ته

    ”سنڌ“ ”سنڌ“ ڪرڻ ڇڏي ڏيو!

    انڪري ئي اياز چيو:

    ”سنڌڙي! تنهنجو نانءُ وتو

    ڪاريهر تي پير پيو.“

    پر اسان ته او سنڌ ڄائي،

    شاهه لطيف کي ساريو پئي:

    ”سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري

    حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.“

    هيئن به آهي اسان ۾ ڪيئي

    هئا اڻاسي،

    جن

    ايوانن ۾ ”هڪ صوبي“ جي حق ۾

    ووٽ ڏنو

    ۽ ڌرتيءَ جي ڦٽڪار کنئي،

    تاريخ جي رسوائي،

    پاڻ ئي پنهنجي نانءِ لکي.

    تن غدارن کي

    تنهنجي ديس واسين

    اڃا به ڏني ناهي معافي

    ڇوته انهن جي

    ڏوهه جي ناهي ڪابه تلافي.

    ون يونٽ هڪ ڊوهه هئو،

    جو واريءَ جي ڪوٽ جيان

    پٽ پيو.

    پاڻ ٿياسون سوڀارا

    پنهنجا وارا ٿي پيا نيارا.

    پر ڳالهه اُتي به ڪيو نه ڇيهه،

    هي جيڪي ننڍي کنڊ جا تڙيل ٽولا

    هت آيا هئا،

    تن هڪ لشڪري ٻوليءَ جو راڳ آلاپيو،

    جنهن سان پنهنجو

    سڱ سياپو ڪونه هو،

    ڪوئي ناتو ڪونه هو،

    چيائون ته سنڌ ۾ اُهائي ٻولي رهندي!

    اسان چيو ته

    ائين نه ٿيندو

    ”سنڌي ٻولي زنده باد

    ان ۾ جيڪا جيجل ڏني،

    سائي لولي زنده باد.“

    اسان چيو ته

    ٻولي ٻي نه قبول ڪنداسين،

    پڙهنداسون سڀ ڪتاب، سنڌيءَ ۾،

    ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾،

    سنگ ميل، سائن بورڊ

    قومي شناختي ڪارڊ

    هر ڪا لکت گھرجي سنڌيءَ ۾.

    ان تي ڌارين شور فساد ڪيو.

    چي: ”اردو ڪا جنازه هي

    ذرا ڌوم سي نڪلي.“

    اسان هنن کي سڀ ڏنو،

    پر،

    پوبه اسان جي ٻوليءَ کي

    هو ته مڃڻ لئه تيار نه ٿيا!

    تن کاڌو پِئي سنڌ جو

    ۽ پيتو پِئي جر سنڌوءَ جو.

    پوءِ به انهن جي فطرت ۾ ڪو ازلي ڦيرو هو،

    سندن ذهنن تي غلطانن جوگھيرو هو.

    سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڪانه بڻي

    پر،

    سنڌ اندر به صوبي ۾ لشڪري ٻوليءَ کي

    ان سان ڀاڱي ڀائيوار ڪيو ويو.

    سچ، ڪاپاري وار ڪيو ويو.

    او سنڌ ڄائي!

    توکي تنهنجي ديس جا

    ڪهڙا ويهي سور ڳڻايان،

    پنهنجن جا ۽ ڌارين جا

    ڇا ڇا هت پرڪار پڙهايان.

    هيءَ سنڌو،

    جنهن جي امرت ڌارا جا

    پاڻ صدين کان ساکي آهيون،

    جر پيئون ٿا

    ۽ جيئون ٿا،

    ان جا ڳڻ ڳايون ٿا،

    ان جا ٿورا لاهيون ناممڪن!

    ان جي ڀال ڀلاين کي،

    جي ساراهيون ناممڪن،

    درياهه شاهه

    ڳهيلو بادشاهه،

    اباسين، هيءُ سَنگھي ڪَبَبُ،

    هيءُ مهراڻ

    آهي اسان جي جندُ

    اسان جي جان،

    اسان جو ساهه پساهه.

    سارو ئي اتهاس چوي ٿو

    پاڻ انهيءَ جا وارث آهيون،

    مالڪ آهيون.

    پر،

    اسان کان درياهه شاهه

    ڄڻ ته کسيو ويو آهي،

    ۽ هن شينهن کي جڪڙيو ويو آهي.

    هي جي پاڻيءَ جا واپاري،

    تن پنهنجا درياهه وڪيا،

    ”پنجن درياهن جي ڌرتي“

    هاڻ ته دوآبي آهي،

    پوءِ به سڏجي پنج درياهي

    ڇوته انهن جو سنڌوءَ تي قبضو آهي،

    جيڪو پنج درياهن برابر آهي.

    (اڃا به ست درياهن برابر آهي.

    ان جو هڪڙو نانءُ

    سپت سنڌو ـــ ست درياهي به آهي.)

    ڪلهه ٻارهوئي،

    درياهه وهيو پئي

    ڄڻ ته سنڌين ۾ ساهه وهيو پي،

    پر اڄ ڪيڏو تانگھو آهي،

    هئه هئه وقت اڻانگو آهي.

    پنجن درياهن وارن،

    سنڌو طاس ٺاهه ڪيو،

    پر سنڌ وارن کان ڪونه پڇيو

    پاڻ صلاحُو ٿي چورن وانگي

    تن ٺڳيءَ جو ٺاهه ڪيو،

    پوءِ ٻڌائون بند سنڌوءَ تي،

    واهه ڪڍيائون،

    پنهنجي ڌرتي سرسبز ڪيائون.

    ڦڙيءَ ڦڙيءَ لئه پاڻ سڪياسين،

    زمينون زرخيزي ڇڏي ويون،

    مال متاع نه جالي سگھيو،

    پکي پکڻ کان سنڌ جو،

    نيل گگن خالي ٿيو.

    ۽ ماڻهو حال کان بيحال ٿيا،

    سُکي ڌرتي ڏُکي بنجي ويئي.

    پر هو اڃا به چون ٿا،

    ڪالاباغ ڊئم گھرجي.

    عجب!

    افسوس!

    امداد حسينيءَ سچ چيو آهي:

    ”پنهنجا دريا وڪڻي هاڻي

    سنڌوءَ تي لامارا آهن.

    ڪالا باغ اڏڻ وارن جا

    اندر ڪيڏا ڪارا آهن!“

    هائو هاڻ اسين سنڌوءَ تي،

    ڪوبه ڊئم نٿا چاهيون،

    سنڌوءَ کي وڌيڪ ڪوبه ٽُڪو ڏيڻُ

    اسين سنڌي قوم جي شهه رڳ

    وڍڻ برابر سمجھنداسين.

    سو اي سنڌ جي راڻي

    ساري آ هيءَ رام ڪهاڻي،

    هي سنڌي ماڻهو ـــ .

    تنهنجا ماڻهو،

    تنهنجا ديس واسي

    سڀ وڃائي ويٺا آهن،

    پنهنجا مک شهر،

    درياهه،

    زرخيز زمينون،

    سڀ وسيلا.

    ۽ ڌاريا هت پلجن ٿا لکن ۾،

    پنهنجين ڌرتين هوندي ڀي،

    ڄورن وانگي سنڌ کي چنبڙيا پيا آهن.

    ڇا سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو آهي!

    ۽ ٻئي پاسي،

    سنڌي سارا،

    وطن ۾ بي وطن آهن،

    تن جون وسنديون روز ڊهن ٿيون،

    تن کي روز چتاءُ ملي ٿو،

    وسندي خالي ڪريو!

    ڪالهه جنين کي اسان ڏنيون هيون

    جيءَ ۾ جايون،

    سي اڄ اسان کي پنهنجيءَ

    ڌرتيءَ تي،

    ڪابه جاءِ نه ڏين ٿا

    هيئن چون ٿا،

    پاڻ هتي غير قانوني ويٺا آهيون!؟

    سٺ سالن ۾ هڪ

    سکي ستابي،

    کلندي ٽڙندي،

    قوم تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي

    اچي پڳي آهي،

    تن کي ڪوبه اجھو نه امان آهي،

    هاءِ ارمان آهي.

    تاريخ ڪيتري نه ظالم آهي

    جو ڏيڏر کائيندڙ

    غير مهذب،

    بڻ بڻياد کان اوپرا،

    پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ٻوليءَ کان

    وانجھيل ٽولا،

    اڄ اسان تي حڪومت ڪرڻ جا خواب ٿا ڏسن

    ۽ افسوس هيءُ به آهي ته اسان تي

    اڄ ڏينهن تائين ”ڪانوَ“ ۽ ”ڪانئر“ ئي

    حڪمران بڻائي مڙهيا ٿا وڃن:

    ”اڇو پاڻي لُڙ ٿيو ڪالوريو ڪنگن.“

    اٺ ورهيه بي وطنيءَ جا گھاري

    تون جا ڏيهه وريئنءَ،

    سڀ جي ساهه سريئنءَ،

    تنهنجا ڏيهه واسي

    لکها لک اچي مڙيا توتي،

    پتنگن وانگي

    کڙيا توتي چنڊ جيان،

    ڇا ته سمو هو منڊ جيان!

    اونداهيءَ جي رکوالن سو ڪين سٺو

    هاءِ ڪراچيءَ ۾،

    ڪيڏا جسم هوا ۾ وکري پٽ پيا،

    ۽ سنڌين جي رت جو ٻيهر مينهن وُٺو.

    او سنڌ ڄائي!

    تون ڄاڻين ٿي

    هيءَ دهشت ڦهلائڻ وارا ڪير هئا،

    هي ته اهي ئي غير هئا،

    جن وير اسان سان پي پاڙيو آهي.

    اڃا ته ڪلهه جي ڳالهه لڳي ٿي،

    انهن ئي تنهنجي بابا کي ڦاهي چاڙهيو

    ۽ تنهنجي موڀي ۽ جوڌي ڀاءُ کي

    رستي ۾ بيهاري ماريو.

    ڇا پوءِ به اياڻي رهندينءَ،

    يا سڀ ڪجھه سمجھي

    پاڻ تي هيئن ماٺ مڙهيندينءَ.

    تون ته سڀن جي ڳالهه ڪرين ٿي،

    ايءُ پڻ چڱو ڪم.

    پر،

    هيءُ نه وسار

    تنهنجي بابا پڻ اهو رستو ورتو هو،

    هن به سڀن کي پنهنجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،

    هن جو ڇا انجام ٿيو؟ ــ تون ڄاڻين ٿي،

    هاڻ اُهي ئي تنهنجي رت جا پياسا آهن،

    ان موقعي تي هڪڙو ڀيرو،

    پنهنجي سوچ سَنواري ڏس،

    ڏس پنهنجي ڌرتيءَ ڏي،

    پنهنجن ماڻهن ڏي،

    پنهنجي تهذيب،

    پنهنجي ٻولي،

    پنهنجن ريتن روايتن ڏي

    ۽ تن مڙني ڏکن ڏاکڙن ڏي،

    جن جو ڪُل وچور ڏنو ويو.

    رڳو ”اٽو، لٽو ۽ اجھو“ ته ڪافي ناهن،

    اسان کي ورائڻا آهن

    ۽ ڪيئن به واپس وٺڻا آهن

    پنهنجي جيئڻ جا سڀ وسيلا ــ

    زمينون،

    درياهه،

    ۽ سڀ سياسي، معاشي

    سماجي ۽ ثقافتي حق،

    اسان کي گھرجي آجپو، برابري ۽ ڀائيچارو.

    اسان کي گھرجي عزت، خوشحالي ۽ امن،

    ته جيئن اسين

    ماضيءَ واريءَ سنڌ جي نقشي تي

    تعمير ڪري سگھون هڪ نئين سنڌ،

    اها سنڌ جيڪا اسان جي سپنن ۾ آهي

    خواهشن ۽ امنگن ۾ آهي.

    دل تي هٿ رکي ٻڌاءِ،

    سنڌي ماڻهن کان وڌ

    توکي ڇا ڪو چاهي ٿو؟

    ڇا تن جئن توتان ٻيو ڪوئي

    گھوران گھور وڃي ٿو.

    هي سنڌ ڄاوا

    ۽ سنڌ ڄايون

    توسان ڪيڏو ريڌل آهن

    پرتل آهن!

    تون ته انهن کي جذبي سان

    اهڙي ئي ڪا موٽ ته ڏي!

    هر ڀيري هيئن چوٽ نه ڏي!

    اسان ته پنهنجن جا لاش ڪلهن تي

    ڍوئي ڍوئي ٿڪيا آهيون،

    ڪيسين ڪانڌيءَ وارو ڪردار اسان جي

    حصي هوندو.

    هي سورهيه جن جان ڏني،

    ڇا تن جو رت ايئن ئي وئرٿ ويندو رهندو؟

    جي تون تن کي مانُ ڏيڻ گھرين ته پوءِ

    پنهنجي ديس واسين جي پاسي ٿي بيهُه.

    واءِ افسوس! نه ته تون اڳتي ڏسندينءَ

    تو وٽ ڪائي واٽ نه هوندي.

    هاڻ جڏهن تون نئين سفر تي اسهين پئي،

    تڏهن توکي ياد هجي

    تنهنجي سڀ کان پهرين ترجيح هوندي

    سنڌ، جا تنهنجي جيجل آهي،

    ۽ سنڌي ماڻهو جيڪي تنهنجا

    مِٽَ حقيقي آهن

    ۽ تنهنجي مقصد جي ماٿي جا

    چِٽَ حقيقي آهن.

    اها ترجيح ئي سڀ کان وڏي حقيقت آهي

    سڀ کان وڏي عظمت ۽ عزت آهي

    ۽ سڀ کان اعلى شهرت آهي.

    چوڌري گجرات جا

    ٺڳ يو ــ پي ۽ سي ــ پيءَ جا

    ۽ لشڪرن جا سرواڻ

    اندر ۽ ٻاهر ڏاڙهي رکندڙ

    ڪڏهن به تنهنجي ڪم نه ايندا،

    توکي تنهنجن ماڻهن کي اوجھڙ منجھه گڏيندا.

    تن جي سهاري لئه واجھائڻ هاڻ ڇڏي ڏي.

    او سنڌ ڄائي!

    پنهنجن تي ڪر ويساهه،

    پنهنجي ڌرتيءَ ماتا ڏي ڏس،

    جيڪا اهنجن ورتي آهي

    ڪڏهن نه سک سان پرتي آهي

    اها ته تولئه دم دم واجھائي ويٺي،

    تو ۾ آس لڳائي ويٺي.

    ڀُليو رُليو ناهي هوندو،

    جي ڀلجڻ مان تون واٽ سنئين ڪڍين

    ڪا بات نئين ڪڍين.

    آءُ سنڌ جو سچ قبول

    ۽ هيءُ مچ قبول

    جيڪو ازلان ٻري رهيو آ!

    تاريخ ۾ ڪيئي آنڌيون آيون

    آنڌيون ويئون

    پر اِهو ڪڏهن ڪونه ٺريو آ.

    آءُ، انهيءَ سچ جي ساک کڻي

    تون به چئي ڏي:

    ”جيئي سنڌ

    ”جيئي سنڌ

    ”جامِ محبت پيئي سنڌ“​




    ٽڪرا ٽٽل صليب جا!​


    علي احمد رند



    جولاءِ / آگسٽ 1986- جوهي

    گرمي جون موڪلون گذارڻ لاءِ ڳوٺ آيل هئس. ڪجهه ئي ڏهاڙا اڳ ڪجهه دوستن سان گڏجي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد وڌو هو. جوهي ۾ جيئي سنڌ جو ڪم ايئن ڄڻ ڪوفي ۾ حسينيت جي پرچار. جوهي سڄو ئي جيالو- مٿان مون وارو ڳوٺ؛ جوهي هاءِ اسڪول سان لڳل رندن جو پاڙو، ان وقت جيالن کان وڌيڪ جهالت جو ڳڙهه پئي لڳو. بينظير جا فوٽو ٻلن سان سيني جي ماس ۾ ٽنبي هلڻ وقت سندن لوڏ ڏسڻ وٽان هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ ڪچڙي منجهند بينظير جوهي آئي. سڄو شهر محاورتاََ ٽه رنگي جهنڊن ۽ بينرن سان ڪنوار وانگي سجيل. ڀٽي جي ڪلامن جو شور. هڪ ديوانگي هئي جا هر طرف پکڙيل هئي ۽ ان ۾ اسان ٽي چار جيئي سنڌ جا دوست بيگانن جيان پئي گهمياسين. اوپرا ۽ لاتعلق. بينظير آئي، پيجارو جي ڇت مان ڪنڌ ڪڍي ماڻهن کي هٿ لوڏي جواب ڏيندي رهي. هجوم جي هڪ ڪنڊ تي اسان به بيٺي کيس ڏٺو. سندس گذري وڃڻ کانپوءِ هڪ هوٽل تي اچي چانهه جو ڍڪ ڀري مون دوست کي چيو، ”ضروري ناهي ته جنهن پاسي انبوهه هجي اهو حق تي به هجي. تاريخ ۾ اڪثريت اڪثر ڪري غلط فيصلا ڪيا آهن. پيپلز پارٽي وفاق پرست پارٽي هجڻ ڪري سنڌ جي قومي خودمختياري جي تحريڪ کي نقصان ڏيئي رهي آهي. سنڌ جو ڀلو تيستائين ناممڪن آهي، جيستائين اها پارٽي سنڌين جي اڪثريت جي دلين مان نه ٿي نڪري.“

    12 آڪٽوبر 1999- جوهي

    شام کان ئي فضا ۾ عجيب بي رونقي هئي. اُن شام آءٌ پنهنجي ڳوٺ واري ڊگهي اڱڻ واري گهر تي اڪيلي ويٺي ڪُجهه پڙهيو پئي جو مون کي ڪٿان خبر پئي ته نواز شريف، جنرل پرويز مشرف کي هٽائي جنرل ضياءَ الدين کي فوجي سربراهه مقرر ڪيو آهي، پر ان اعلان کانپوءِ ٽي وي نشريات بند ٿي وئي آهي. مون ريڊيو کوليو. بي بي سي ان صورتحال کي سڌي ريت نشر ڪري رهي هئي. رات اٺين بجي تائين اها ڳالهه چٽي ٿي چڪي هئي ته نواز شريف کي گرفتار ڪري فوج اقتدار تي سڌو قبضو ڪيو آهي. ملڪ ٻي مارشل لاءِ هيٺ اچي ويو هو. رات ڏهين يا ان کان ٿورو پوءِ بي بي سي نيوز ٽي وي تي بينظير سان ڳالهه ٻولهه نشر ٿي. بي بي هن ”تبديلي“ جي دٻيل اکرن ۾ آجيان ڪندي مشرف کي تڪڙو عام چونڊون ڪرائي اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ڪرڻ جي گهر ڪئي. آءٌ ڇا، ڪوئي به شخص بينظير کان اهڙي بيان جي توقع نه پيو ڪري سگهي. بينظير کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڇا هوءَ پاڪستان جي سياسي تاريخ کان ناواقف آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڪنهن به عذر هيٺ اقتدار تي قبضو ڪرڻ بعد ان تان سولو بي دخل نه ٿيندي آهي يا هوءَ نواز شريف هٿان مليل سياسي ڏنڀ کائڻ کانپوءِ ايتري ري ايڪشنري ٿي چڪي آهي، جو کيس نواز شريف جي سياسي دانگي، اسٽيبلشمينٽ هٿان ڀڳي چڱي ٿي لڳي- ڀل اها ڪنهن وردي واري هٿان ئي هجي! بينظير به ته انسان آ ۽ انسان ئي جذباتي ردعمل ڏيکاريندو آهي. کيس 1988ع ۾ اقتدار ملي ٿو ۽ ٻه سال پوءِ کيس ۽ سندس ور کي ڪرپٽ چئي اسلام آباد مان تڙيو وڃي ٿو. (ڄڻ ٻيا سڀ ساڌ پاڪ هجن، باقي ڏوهه رڳو ”مسٽر ٽين پرسينٽ“ ڪيو؟) ٽي سال پوءِ کيس وري اسلام آباد گهرايو وڃي ٿو ۽ اڍائي ٽن سالن جي نوڪري کانپوءِ کيس هڪ ڀيرو ٻيهر لاڙڪاڻي جي ٽڪيٽ وٺرائي وڃي ٿي. هن ڀيري سندس حڪومت مٿان پنهنجي مٺي ڀاءُ جي خون جا ڇنڊا به وڌا ويا آهن. منظم نموني سان سندس ور کي ان قتل جو محرڪ قرار ڏيئي، مرتضيٰ جي جانثارن کي پلاند طور سندس سسي آڻڻ جا سبق ڏنا پئي ويا. مرتضيٰ مٽيءَ حوالي، مڙس ڪاٺ ۾ ۽ پاڻ احتساب جي هڪ ڪورٽ کان ٻي ڪورٽ. نواز شريف جي بڇيل سيف الرحمان سندن مٿان ايتري ته زمين سوڙهي ڪئي جو هڪ ڏينهن هوءَ ماٺ ۾ ٻاهر هلي وئي. پويان پارٽي جا حال پلال. زرداري سان سي آءِ اي سينٽر ۾ سچي ڪرائڻ ۽ بينظير مٿان بيهڻ لاءِ دٻاءُ. زرداري زبان ڪٽي جان ڇڏائي. کيس پرويز مشرف جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ هڪ اميد جو ڪرڻو نظر آيو، پر مشرف سندس لاءِ جنرل آصف نواز يا وحيد ڪاڪڙ ثابت نه ٿيو. مشرف کي نه سندس صلاح کپي ٿي نه ئي سندس ڪا ضرورت هئي. هن ڀيري اسٽيبلشمينٽ وڏي تياري سان ميدان ۾ لٿي هئي. وٽن پاڪستان جي حوالي سان ڊگهي رٿا موجود هئي،جنهن ۾ ڪنهن به اهڙي سياسي پارٽي جي گنجائش نه هئي جيڪا عوام ۾ حقيقي نمائندگي رکندي هجي ۽ اسٽيبلشمينٽ آڏو آزاد راءِ رکڻ جي جرئت ڪندي هجي. بينظير جي ”پرخلوص“ پيشڪش جو جنرل صاحب جواب ڏيڻ ئي مناسب نه سمجهيو.

    18 آڪٽوبر 2007- ڪراچي

    رات يارهين وڳي جڏهن بلوچ ڪالوني پل تان شاهراهه فيصل تي گاڏي لٿي ته ان فضا ۾ ڦهليل جشن سان سڄو روح معطر ٿي ويو. بلوچ ڪالوني پل کان ڪارساز تائين شاهراهه فيصل جي ٻنهي پاسن تي ماڻهن جا، ٻارن ۽ عورتن جا ٽولا هئا. پيپلز پارٽي جون ڪئمپون هيون. هر طرف جهنڊا، گانا ۽ روشنيون هيون. اسان اتي بينظير جو جلوس ڏسڻ لاءِ پهتا هئاسين. ڪارساز پل کان ٿورو پهريان اسان هڪ گهٽي ۾ گاڏي بيهاري اڳوڻي ميلا ريسٽورنٽ آڏو اچي روڊ جي وچ واري ڇٻر جي ٽڪري تي ويهي بينظير جي جلوس اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. سامهون هڪ ٽويوٽا Vitz گاڏي جي اسپيڪر تان ”بلان تير بجان“ هلي رهيو هو، جنهن جي ڌن تي نوجوان نچي رهيا هئا. ٿوري دير ۾ هڪ مني ٽرڪ تي لڳل مسيت جهڙن لائوڊ اسپيڪرن تان به بينظير جا گانا هلڻ لڳا، جن تي لياري جي بلوچن جهڙا مهانڊا رکندڙ جيالا نچڻ لڳا. Vitz وارا گاني ۽ نچڻ جي مقابلي ۾ سرسي ۾ هئا. اتي جيالا جوڙ ۾اڪيلا نه هئا. سندن همت افزائي لاءِ جيالين جون چپٽيون ۽ تاڙيون به هيون. ان رات، ان جاءِ تي جيتري بي پرواهه، مست خوشي ڦهليل هئي، اوتري مون اڳ ڪٿي به نه ڏٺي هئي. ڪراچي جا عام شهري مون کي اتي فيملي سان نظر آيا، جيڪي ان خوشي جو هڪ پل جهٽڻ لاءِ اتي آيا هئا. ٿوري دير لاءِ خيال آيوته مان گهر واپس وڃي پنهنجي زال ۽ ٻارن کي به هتي هن جشن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ وٺي اچان، پر پوءِ سوچيم ته رات گهڻي ٿي چڪي آهي، اهو فيصلو اڳ ڪرڻ کپي ها، هاڻ رات جي هن پهر ٻار ننڊ مان اٿي ڪهڙو جشن جو سمان انجواءِ ڪندا.

    اتي ويٺي اڌ ڪلاڪ کن گذريو. جلوس اڃا ڪيترو پري آهي، هر ايندڙ ويندڙ کان پئي پڇيو. نيٺ بي صبر ٿي، ان جاءِ تان اٿي اڳتي رڙهياسين. ڪارساز پل کي ٽپي اچي فيصل ايئربيس آڏو بيٺاسين. نيٺ بينظير جو جلوس پهتو. بينظير بجاءِ شيري رحمان، مراد علي شاهه ۽ جهانگير بدر مٿان هٿ لوڏي رهيا هئا. جلوس روڊ جي ٻنهي پاسن تي اسان آڏو آهستي آهستي گذرندو رهيو ۽ پوءِ جلوس جي اڳئين حصي ۾ هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو. باهه مٿي بلند ٿي. هڪ عجيب ماٺ فضا مٿان ڇانئجي وئي. ايئن جيئن ڪنهن شام پکين جي واهيري جي ويل، ڪنهن باغ ۾ پکين جي شور ۾ بندوق جي ڪنهن ٺڪاءُ کان پوءِ هڪ سانت ڦهلجي ويندي آهي، تيئن! ماڻهن ۾ ٿوري دير لاءِ قياس آرايون شروع ٿي ويون ته ٺڪاءُ ڇا جو هو. ”ٽائر برسٽ ٿيو،“ هڪڙن جو خيال. ”بازيگر ڪرتب ڏيکارين ٿا ۽ هوا ۾ اٿيل شعلو پيٽرول وات ۾ وجهي باهه جي ڦوڪ ڪڍڻ جو منظر هو،“ ٻيو خيال. اڃا اهي قياس آرايون جاري هيون جو ٻيو ڌماڪو، پر ان افراتفري ۾ آءٌ اڳتي، ڌماڪي واري جاءِ تي وڃڻ چاهيان ٿو ۽ ننڍي ڀاءُ ۽ ڀاڻج جو انديشو ته ايئن ڪرڻ ٺيڪ ناهي. آءٌ بينظير جي سلامتي لاءِ فڪرمند. آءٌ اڳتي وڃي ڪنهن هوش وڃايل اڌڙوٽ جيالي کان پڇان ٿو،”بينظير ڪيئن آهي؟“ ”بي بي صاحبه محفوظ آهي. کيس هتان ڪڍي ويا.“ ايڌي ۽ ڇيپا ايمبولينس جي سائرن ۾ زخمين جون دانهون دٻيل. فضا ۾ رت ۽ سڙندڙ جسمن جي ڌپ ڦهليل. ان جاءِ مون ان پرڪيف خوشيءَ کي اتي ڳولڻ چاهيو، جيڪا اتي اڌ ڪلاڪ اڳ ڦهليل هئي. هن خوشيءَ کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي؟ ڳجهن ادارن جي؟، جيئن ان رات جي پوئين پهر آصف زرداري دبئي مان فون تي ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي چيو. ضياءَ باقيات جي؟، جيئن اڳئين ڏينهن ٽه پهري ڌاري بينظير بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ۾ چيو پئي يا انهن جي، جن ڊيل ڪري کيس هتي آندو ۽ هاڻ کيس مٽي هيٺ ڏسڻ چاهين پيا؟

    ڊسمبر 26، 2007

    زمزما جي پنهنجي رنگ واري ڪلب هوانا ۾ تنهن ٽيپهري تي جڏهن Tuna Fish جا سينڊوچ کائڻ بعد دوست سگار پيئڻ جي صلاح ڪيئ ته مون کيس سموڪنگ ڇڏي ڏيڻ جو عذر ڪيو، پر جڏهن هُن چيو ته ”گڏجي ڀٽي صاحب جا فيورٽ ”روميو اينڊ جيوليٽ“ سگار پيئون ٿا“ ته مون ۾ وڌيڪ نه ڪرڻ جي سگهه نه رهي. سگار جا ڪش هڻندي هڪ دوست کي اسلام آباد مان فون اچي ٿي ته لياقت باغ ۾ بينظير مٿان خودڪش حملو ٿيو آهي، جنهن ۾ هو شديد زخمي آهي. مون آفيس فون ڪري ان واقعي جي ڄاڻ ڏني. اسان کي اتان اٿي ٽيپو سلطان روڊ تي هڪ آرٽ گئلري پهچڻ جي تڪڙ هئي. زمزما، خيابان، اتحاد ۽ اختر ڪالوني جي سگنل کان ٿي جڏهن اسان ايف ٽي سي جو رستو ورتوسين ته اتي گاڏين جي پيهه مان اندازو ٿي ويو ته ٻاهر گڙٻڙ آهي. گاڏي هلائيندڙ دوست کي موبائيل تي فون اچي ٿو. ”ڊان ٽي وي پٽي هلائي پئي ته بينظير گذاري وئي،“ هُو آهستي ٻڌائي ٿو. گاڏي ۾ ماٺ. ٻاهر روڊ تي افراتفري ۽ مُنهنجا آنڊا وات ۾ اچڻ لڳا. الائي اها ڪهڙي ڪيفيت هئي، جنهن ۾ مون کي الٽي اچي رهي هئي.

    اها ڇوڪري جنهن کي ننڍي وهيءَ ۾ پيءُ جي ڦاهي، ڀاءُ جي جلاوطني ۽ قتل، ٻئي ڀاءُ جي اقتدار ۾ هوندي قتل ٿيندي نه بچائي سگهڻ جا ڏک مليا سا جڏهن سالن جي جلاوطني کانپوءِ هڪ پختي سياستدان جي روپ ۾ واپس آئي ۽ حاڪمِ وقت کي سندس ئي راند ۾ مات ڏيڻ لڳي ته کيس هڪ گولي ڳيهي وئي. هاڻ سنڌ جو ڇا ٿيندو؟ هوءَ اسان جهڙن لاءِ جيئن به هئي، پر پوءِ به سنڌين لاءِ اهو آسرو هئي ته کين سندس پارٽي معرفت اقتدار جي ڪيڪ مان ڪو ذرو پرزو وٺي ڏيندي. هُو هن ڀيري اقتدار ۾ اٺاسي ۽ ٽيانوي کان مختلف نموني اچي ها.

    يارهن سيپٽمبر ٻه هزار هڪ کان پوءِ جتي پرويز مشرف پنهنجي راند شروع ڪئي، اتي بينظير به ماٺ ڪري نه ويٺي. پرويز مشرف دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ آمريڪا جو اتحادي بڻيو ۽ بينظير اولهه جي اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيو ته مشرف هڪ ناقابل اعتماد اتحادي آهي. هُو اصل ۾ اسلامي شدت پسندن سان مليل آهي ۽ اولهه جي اکين ۾ سرمو وجهي مڙئي مٿئين دل سان جهادين خلاف هڪ اڌ عمل ڪري رهيوآهي. بينظير ڏينهن رات ان ايجنڊا تي ڪم ڪيو ته اها اولهه جي پاليسي ساز ادارن ۽ ميڊيا کي ان ڳالهه تي آماده ڪري ته اُهي بش انتظاميا مٿان اهو دٻاءُ وجهن ته جيڪڏهن اولهه چاهي ٿو ته اُهي پاڪستان ۽ هن خطي سان اسلامي شدت پسندن جو خاتمو ڪن ته ان لاءِ عوامي مينڊيٽ رکندڙ پارٽي جو اقتدار ۾ هجڻ ضروري آهي ۽ ظاهر آهي ته پيپلز پارٽي کان بهتر اهو ڪم ٻيو ڪوئي نه ٿو ڪري سگهي. مشرف سرڪار جي ڊبل گيم بابت بينظير ايتري ته لابنگ ڪئي جو واشنگٽن سرڪار کي مجبور ٿي بينظير سان ڳالهيون ڪرڻيون پيون. واشنگٽن ۽ لنڊن هاڻ گڏجي مشرف تي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو ته اُها بينظير سان معاملا سڌا ڪري. بينظير ۽ نواز شريف کي ڪنهن به قيمت تي ملڪ ۽ اقتدار ۾واپس نه اچڻ ڏيڻ جي ڳالهه ڪندڙ پرويز مشرف کي بينظير سان ڳالهيون ڪرڻيون پيون.

    18 آڪٽوبر تي سندس مٿان حملي جي ڪلاڪ ڏيڍ بعد آيل عالمي ردعمل اسٽيبلشمينٽ کي بينظير بابت ٻيهر سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو: پنجاهه جي ڏهاڪي کان، جڏهن کان دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهايل هئي ۽ پاڪستان آمريڪا جي ڌر ٿيڻ جو فيصلو، تڏهن کان پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ اولهه جي سڀ کان وفادار ۽ دادلي ڌر ليکي ويندي هئي. ڪوئي به سويلين حڪمران اچي يا وڃي، پر مُک حيثيت هميشه اسٽيبلشمينٽ جي رهي.

    بينظير اچي اها Equation تبديل ڪري رهي هئي. کيس اولهه جي مفادن (ملڪ مان انتهاپسندي جو خاتمو ۽ لبرل جمهوريت جو قيام، پاڙيسري ملڪن سان بهتر تعلقات ۽ ايٽمي پروگرام جي ڦهلاءَ کي روڪڻ ۽ ان جي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سسٽم کي سڌارڻ) جي وڌيڪ ويجهو سمجهيو ويو. ملڪ جي ”نظرياتي ۽ جاگرافيائي“ سرحدن جي محافظن کيس برداشت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هو پنهنجن حدن کان گهڻو ٻاهر نڪري چڪي هئي ۽ سندس اقتدار ۾ اچڻ سان اها سڄي راند ڦٽي سگهي پئي جيڪا نائين اليون کان پوءِ ڪاميابي سان جاري هئي.

    ذهن ۾ هزار خيال ايندا رهيا. هاڻ سنڌين جو ڇا ٿيندو؟ اڀري يا سڀري، اها ئي پارٽي هئي، جيڪا اسلام آباد ۾ سنڌين کي اقتدار ۾ شيئر ڏياريندي رهي هئي. يا ته سنڌي ايترا منظم ۽ طاقتور هجن جو اهي پنهنجي قومي مفادن جي پارٽي جوڙي پنهنجي شرطن تي سنڌ ۽ وفاق ۾ اقتدار ۾ شرڪت ڪن يا کين بينظير کپي، جيڪا اسٽيبلشمينٽ کي سندن ئي راند ۾ مات ڏيئي اقتدار ۾ سنڌين کي حصو ڏياري؟

    پيپلز پارٽي کان بينظير کي الڳ ڪري ڇڏيو ته ان جو حشر اڪبر بگٽي جي جمهوريت وطن پارٽي ۽ مرتضيٰ جي شهيد ڀٽو گروپ کان مختلف نه ٿيندو. ٻنهي پارٽين جنهن جي اڳواڻن جي قاتلن جي سٿ وڃي غيراعلانيه شامل ٿيڻ ۾ چاليهي گذرڻ جو به انتظار نه ڪيو.

    هي جيڪا اسٽيبلشمينٽ سنڌ کي انيڪ ”ڪيٽين“ ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي: ڪيٽي ڪراچي، ڪيٽي ٺٽو،ڪي ٽي دادو، ڪيٽي مٺي، ڪيٽي گهوٽڪي ۽ ٻيون کوڙ اهڙيون ”ڪيٽيون“، تنهن مٿان بينظير جي واپسي کان پوءِ ڄڻ پاڻي پئجي ويو. پيپلز پارٽي سنڌ سطح تي عوامي رجحان جي ترجماني ڪندڙ پارٽي طور وري نروار ٿي ۽ ”ڪيٽين“ جي رکوالن کي ان بادشاهي برقرار رکڻ لاءِ اسلام آباد ۾ وڏي S.O.S جا سگنل موڪلڻا پيا. پيپلز پارٽي بينظير کانسواءِ هڪ هجوم (Mob) آ. اها ڪيئن پنهنجي پاڻ کي بچائي سگهندي، ان جو دارومدار پوئتي بچيل قيادت جي فهم کان وڌيڪ سندن نيت تي آهي. ان رات سڄو وطن سڪتي ۾ هو. اسان ڪيئن ڪراچيءَ جي ٻرندڙ رستن تي رلندا رهياسين. هڪ گهر اچي پناهه ورتيسين ۽ اڌ رات جو اتان نڪتاسين، اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي. ان رات جي پٺئين پهر جڏهن شهر مٿان قبرستان جهڙي ماٺ جي چادر ڦهلجي وئي تڏهن بي اختيار اکين مان ڳوڙها وهي هليا هئا. اهي بي وسي جا ڳوڙها الائي سياست جي رڻ ۾ پاڻ کي ڦٽرائي وجهندڙ ڳڙهي خدا بخش جي گلابي گڏي لاءِ هئا، الاءِ سنڌ لاءِ!
    نصير مرزا



    ڇِنو هيءُ ڇا ته گل آهي​


    زاهده حنا


    هي منهنجو موبائل فون آهي، جنهن تي شهيد ڀيڻ محترمه بينظير ڀٽو بابت تعزيتي ايس ايم ايس آهن، جيڪي هڪ ٻئي پٺيان مسلسل اچن پيا ۽ انهن کي پڙهندي، ڀانئيان پيو ته سنڌ جي ليکڪن اديبن ۽ شاعرن پاران مون ڏانهن موڪليا ويندڙ اهي محض ايس ايم ايس ئي ڪو نه آهن، ڄڻ لڙڪن جون زنجيرون آهن، جن ۾ اسان سڀني جون دليون جڪڙجي ويون آهن.

    ان سانحي جي دکدائڪ خبر مون کي پهريون ڀيرو ڏني ڪنهن ۽ ڪٿي؟ ته عرض ڪريان ته خميس ستاويهين ڊسمبر جي شام جو، پنهنجي ڌيءُ سماش زهره جي سالگرهه جو ڪيڪ وٺڻ لاءِ حيدرآباد جي هڪ مشهور بيڪريءَ جي دروازي تائين اڃا آئون پهتو ئي مس هوس ته اتان موٽر سائيڪل تي تيزيءَ سان لانگهائو ٿيندڙ روزاني ”ڪاوش“ جي فوٽو گرافر اشتياق شديد پريشانيءَ مان چيو هو ”نصير صاحب! جلدي گهر هليا وڃو. ملڪ ۾ وڏو سانحو ٿي چڪو آهي..“ ۽ تيزيءَ سان اتان لنگهي ويندڙ اشتياق جي ان جملي تي اڃا سوچيم ئي پئي، جو ڪراچيءَ مان ياسر قاضي جو موڪليل پهريون ايس ايم ايس موبائل جي اسڪرين تي نمودار ٿيو. ”Benazir is killed“ اوچتو دماغ کي گهوماٽي اچي وئي. لڳم ڄڻ زمين پيرن هيٺان کسڪي وئي آهي. بيڪريءَ جي دروازي مان تڪڙو تڪڙو ٻاهر آيس ته ڏٺم حيدرآباد جا رستا ڪربلا جو ميدان نظر آيا. گاڏي کاتو چوڪ تائين ايندي ايندي ڏٺم ٽريفڪ جام ۽ هر طرف دونهون ئي دونهون.. ماڻهن جي هٿن ۾ لٺيون ۽ ڪن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ هر طرف ڏهڪاءُ، هجوم، افراتفري... لڳم ڪنهن ڊيڄاريندڙ خواب مان ڇرڪ ڀري جاڳيو آهيان. اهڙيءَ صورتحال ۾ ڪجهه به سمجهه ۾ ڪو نه پئي آيو. منهنجو ننڍڙو شهباز حيدر مون سان گڏ هو ۽ گهر ٽنڊي ٺوڙهي پهچڻ لاءِ ڪا به واهه نظر ڪا نه پئي آئي. تڏهن اوچتو مون کي هندي افسانه نگار اميتائو گهوش جو اندرا گانڌيءَ جي قتل واري ڏينهن تي لکيل مضمون ياد پيو. جنهن ۾ هن لکيو هو ته هو اها خبر ٻڌڻ سان ئي تيزيءَ سان لنگهندڙ هڪ بس ۾ ڊوڙي چڙهي پيو هو ۽ هن بس جي دريءَ مان ڏٺو ته دهلي هر طرف مقتل گاهه بڻيل هئي، سکن کي چونڊي چونڊي هندو قتل ڪري رهيا هئا.. ۽ هيڏانهن حيدرآباد جي شهر ۾ بيشڪ ته مون کي قتل گاهه جو ڏيک نه پئي نظر آيو، پر ستاويهين ڊسمبر جي ان شام جو حيدرآباد جي گهٽين ۽ پراسرار پاڙن مان ساهه مٺ ۾ جهلي ۽ انهن منجهان لنگهندي، لڳم پئي ته هر طرف ۽ گهر گهٽيءَ ۾ ڄڻ ماتم برپا هو ۽ ڄڻ گهر گهر ۾ صف ماتم وڇائبي پئي وئي. هي ساهه مٺ ۾ کڻي آئون جيڪو شام جو ستين وڳي گاڏي کاتي مان هليو هوس، پنڌ ئي پنڌ هلندو، رات جو يارهين وڳي ڌاري لڪندو ڇپندو اچي ٽنڊي ٺوڙهي پنهنجي گهر پهتو هوس. ٺيڪ ان وقت ڪنهن ٽي وي چئنل تان ٻڌايو پئي ويو ته بينظير صاحبه جو مڙهه چڪ لالا ايئر بيس ڏانهن موڪلڻ جون تياريون مڪمل... ۽ مون يڪدم دل ۾ سوچيو: هر دفعي هو اسان کي ڪنهن نه ڪنهن ڪونڌر جو لاش اتان موڪليندا پئي رهيا آهن ۽ هن دفعي وري هنن هڪ بهادر نياڻيءَ جو لاش اسان ڏانهن موڪليو آهي، لهوءَ ۾ لال لاش ۽... ان ئي گهڙي، موبائل ڏانهن ڏٺم، سکر مان اياز گل جو هنيانءُ نپوڙيندڙ ايس ايم ايس پهتل هو:”سنڌ جي آخري اميد به ختم ٿي وئي، نصير!

    ”تون مان ۽ رڳو ڳوڙها

    ناول جي پڄاڻي آ..“

    تڏهن مون دلگير ٿي سوچيو، 27 هين ڊسمبر 2007ع ڇا واقعي به سنڌ جي دکدائڪ تاريخ جي المناڪ ڏينهن طور تاريخ ۾ رقم ٿي چڪو! ۽ ان سوچ سان گڏ ئي مون کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي سفر جي پڄاڻيءَ واري هن مهيني، ڊسمبر جي ”ر“ سان شروع ٿيندڙ، چنڊ جي مهيني ”رجب“ جي اٺاويهين تاريخ ۽ سن سٺ هجري ياد پيو، جڏهن امام حسين عليه السلام جناب زينب خاتون کي ساڻ ڪري، مديني مان ڪربلا جو اذيتن ڀريو سفر شروع ڪيو هو.. ۽ 28هين ڊسمبر ۽ 28هين رجب جي تاريخن جي هيءَ مشابهت پنهنجيءَ جاءِ تي، پر هي ڇا!؟ ان ئي تاريخ تي جڏهن بينظير صاحبه جو مڙهه موهن جي دڙي ايئر پورٽ تان ڳڙهي خدا بخش آندو پئي ويو ته هجوم ۾ هزارين ڪارڪنن ماتم ڪندي چيو پئي: ”يا حسين، يا حسين“! تڏهن ٽي وي اسڪرين تي اهو سڀ ڪجهه لائيوِ ڏسندي، مون کي لڳو، ڄڻ محرم هن سال سنڌ ۾ ڏهين جنوري 2008ع کان نه 28هين ڊسمبر 2007ع کان ئي شروع ٿي چڪو آهي. ٽي وي اسڪرين تان نظرون هٽائي، هاڻي موبائل تي ايندڙ هيءُ ايس ايم ايس پڙهيم ۽ اهو دوست اسحاق سميجي پاران هو. لکيل هو:”نصير! سنڌ هڪ ڀيرو وري يتيم ٿي وئي، يا حسين!“ تڏهن ڪمري ۾ اوچتو گهڙي ايندڙ منهنجي ڀيڻ ٻڌايو ٿي، اڄ 16هين ذوالحج آهي ۽ اڄوڪو ڏينهن جناب زينب خاتون جي شهادت جو به ڏينهن آهي ۽ جناب زينب خاتون وانگر ئي ڏس نصير! هي هڪڙي عجيب هڪ جهڙائي آهي ته جناب زينب خاتون جي عقيدتمند هيءَ محترمه بينظير ڀٽو به، سانئڻ زينب وانگر ئي، مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ باعث شهيد ٿي آهي... ۽ اڃا اسان ڀيڻ ڀاءَ وچ ۾ اها گفتگو جاري ئي هئي، جو شاعر ڪهاڻيڪار دوست قاضي اياز مهيسر جو اکيون آليون ڪندڙ هيءُ ايس ايم ايس مون کي پهتو: ”سانئڻ زينب خاتون! تنهنجي عقيدت مند ۽ تنهنجي زوار، اڄ تو وٽ اچي پيئي... سانئڻ زينب! هي شهيد جي ڌيءُ اٿئي، شهيدن جي ڀيڻ ۽ خود پاڻ به شهيد. سانئڻ زينب! اسان جي بينظير ڀيڻ جي پارت اٿئي، ان جي پيشانيءَ تي ضرور پنهنجا مبارڪ چپ رکجانءِ...“ ۽ اياز مهيسر جو ايس ايم ايس پڙهندي، اوچتو مون کي وفا ناٿن شاهيءَ جو هيءُ شعر ياد پيو!

    عمر گذري وئي حُسين جيان

    جو مٿي ۾ لڳو، يَزيد لڳو.

    ۽ 1977ع کان وٺي 2007ع تائين، بينظير صاحبه جي راهه ۾ به ڪيڏا نه يزيد آيا ۽ هر يزيد تي جناب زينب خاتون جي هيءَ پوئلڳ، فتح پائيندي وئي. اهو سڀ ڪجهه منهنجي ذهن ۾ ان وقت پئي آيو، جنهن وقت دوست طارق عالم جو بينظير صاحبه جي پُرسي طور هي ايس ايم ايس مون وٽ پهتو هو:”نصير! يزيد اڄ ڪربلا جي تاريخ کي ورجائي ڇڏيو آهي. اچو ته منهن تي مٽي ملي، واويلا ڪريون.“ ۽ طارق عالم جي انهيءَ ايس ايم ايس کي پڙهي پورو ڪيم ته عزيز دوست زيب سنڌيءَ جو جيءُ جياڙيندڙ ايس ايم ايس پهتو:”سنڌ جي مٽي ڀٽي صاحب جهڙا سوين سورما ۽ بينظير جهڙي بهادر هستي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ان ڪري هڪ قوم جي حيثيت ۾ هن دکدائڪ سانحي تي اسان کي شڪست هرگز تسليم نه ڪرڻ گهرجي“ ۽ زيب سنڌي جي ايس ايم ايس کان پوءِ شوڪت حسين شوري جو هيءُ ايس ايم ايس رسيوِ ڪيم:” اچو ته پاڻ سنڌي گڏجي سنڌ جي عظيم نياڻي شهيد بينظير ڀٽو جو هڪ ٻئي کي پُرسو ڏيون..“ ۽ شوڪت شوري جي ايس ايم ايس کانپوءِ دوست غلام محمد ميمڻ ميجر، موهن مدهوش ۽ شاعر دوست نور چاڪراڻيءَ جا ايس ايم ايس پهتا: ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مئيءَ جا نه ٿيا!

    ۽ 28هين ڊسمبر جي شام مغرب جي نماز کان ٿورو وقت اڳ، جڏهن سنڌ جي هيءَ سون ورن نياڻي سنڌو ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿي چڪي، ته ڪراچيءَ مان هڪ دفعو ٻيهر ياسر قاضيءَ جو هڪ ٻيو هنيانءُ ڏاري ڇڏيندڙ ايس ايم ايس پهتو. ڀاسيم، اهو ايس ايم ايس مون کي ياسر قاضي ناهي موڪليو. اهي لفظ مون ئي پنهنجي موبائل تي پنهنجو پاڻ کي ايس ايم ايس ڪيا آهن:

    ڇِنو هيءُ ڇا ته گل آهي

    رکيم جو هٿ سيني تي

    لڳو بغداد دل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو