شاه لطيف جي شاعري تي مذهبي اثرات

'مختلف موضوع' فورم ۾ عابد بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2013۔

  1. عابد بلوچ

    عابد بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايل ايل بي.
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
    شاه لطيف جي شاعري تي مذهبي اثرات

    اسلام دين فطرت آهي ۽ شاه لطيف به فطرت جو ئي شاعر آهي. اسلام انسان ذات جي ڀلائي لاءِ جيڪي قدر ڏنا آهن، اهي سڀ شاه لطيف جي شاعري ۾ موجود آهن ان کان علاوه اسلام جا بنيادي نقطا يعني حق جي سر بلندي لاءِ قرباني ڏيڻ وغيره سڀ احسن طريقي سان موجود آهن لطيف سائين الله جي هيڪڙائي ۽ وڏائي بابت چوي ٿو؛

    اول الله عليم، اعلٰي عالم جو ڌڻي،
    قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم
    والي واحد، وحده، رازق رب رحيم
    سو ساراه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم
    ڪري پاڻ ڪرين، جوڙون جوڙ جهان جون

    الله صرف هڪ ئي آهي هو قادر مطلق آهي ۽ سندس قدرت ۾ ڪير به شريڪ نه آهي. جن به سندس هيڪڙائي ۾ شرڪ ڪيو اهي گمراه ٿي ويا
    لطيف سائين فرمائي ٿو؛

    وحده لاشريڪ له ايءُ هيڪڙائي حق
    ٻئائي کي ٻک، جن وڌو سي ورسئا

    الله جي هيڪڙائي مڃڻ کان پوءِ انسان لاءِ اهو ضروري آهي ته حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي الله تعالٰي جو آخري نبي سمجھي وحدانيت سان گڏ رسالت هڪ لازمي جُز آهي
    خدا تعالي قران ۾ هن ڪائنات جي خلقت جو سبب ٻڌائيندي چوي ٿو ته "اي محمد جيڪڏهن آئون توکي نه خلقيان ها ته هي ڪائنات نه خلقيان ها" انهي آيت جو تفسير ڪندي لطيف سائين چوي ٿو

    وحدهُ لاشريڪ لهُ، جان ٿو چئين ايءُ
    تان مڃ محمد ڪارڻي، نر تون منجهان نيهُ
    تان تون وڃيو ڪئين، نائين سر ٻين کي

    يعني جيڪڏهن توکي الله تي ايمان آهي ته حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي هن
    ڪائنات جي تخليق جو سبب سمجهه شاه سائين اڳتي هلي فرمائين ٿا؛

    وحدهُ لاشريڪ لهُ ، جڏهن چيو جن
    تن مڃيو محمد ڪارڻي، هيجاه ساڻ هين
    تڏهن منجهان تن، اوتڙ ڪو نه اولئو

    الله ۽ رسول تي ايمان آڻڻ لاءِ صرف ڪلمو پڙهڻ ڪافي ناهي پر پوري يقين سان شرڪ کان توبه ڪجي ... لطيف سائين فرمائي ٿو

    ان پر نه ايمان، جئين ڪلمي گو ڪوٺائين
    دغا تنهنجي دل ۾ ، شرڪ ۽ شيطان
    منهن ۾ مسلمان ، اندر آذر آهيس

    الله ۽ رسول تي ايمان کانپوءِ انسان کي قيامت جي ڏينهن تي يقين رکڻ گهرجي ۽ اهو به يقين رکڻ گهرجي ته ان ڏينهن الله تعالٰي انصاف ڪندو ۽ اسان جي گناهن جا شاهد اسان جي خلاف شاهدي ڏيندا
    هي دنيا ته عمل جو ميدان آهي جنهن جو نتيجو قيامت جي ڏينهن ملندو
    جيڪڏهن اسان جا عمل صالح هوندا ته اسان کي خدا تعالي جي خاص ڪرم سان نوازيو ويندو.

    جيئي لطيف جيئي سنڌ
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

    وحدهُ لاشريڪ لهُ، جان ٿو چئين ايءُ
    تان مڃ محمد ڪارڻي، نر تون منجهان نيهُ
    تان تون وڃيو ڪئين، نائين سر ٻين کي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو