سارين جو لابارو ڪرڻ وقت ۽ لابارو ڪرڻ کان پوءِ ٿيڻ وارا نقصان

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سارين جو لابارو ڪرڻ وقت ۽ لابارو ڪرڻ کان پوءِ ٿيڻ وارا نقصان ۽ انهن تي ظابطو
    تحرير : محمد مٺل جسڪاڻي


    گرميءَ جي موسم هئي، سج لٿي کان پوءِ، اونداهي پنهنجا پر پکيڙيا هئا، ٻهراڙيءَ جي مارو ماڻهن جي، رات واري مانيءَ جو وقت ٿي چڪو هو، مون ڏانهن هڪ مٺڙي ماڻهو، موبائيل تي هي قرب جي ڪوٺ موڪلي هئي: ”سائين، پٽڙا ڀت، مٿون ڳاڙهي مٺائي ٻُرڪ پيا کاندان ٻيٺان، باقي کير يار ڪونهي، جيڪو حال اي، سو حاضر اي، آ ته گڏ کائون.“

    پٽڙو يا ڪهڙو به ڀت، چانورن کانسواءِ تيار نه ٿي سگهندو آهي. چانورن جي ماني به چانورن مان ئي پچندي آهي. چانور دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ ماڻهن جي پيٽ قوت جو ذريعو آهن. ڪڻڪ ٻئي نمبر تي اهم اناج وارو فصل آهي.
    هيءَ ٻه اکر لکڻ وقت به سج لهي چڪو آهي، اڃا پنهنجي موضوع تي لکڻ لاءِ ويٺو ئي آهيان ته ميهڙ لڳ، ڳوٺ ٻاڙيا پنهور مان، پنهنجي زمين پاڻ آباد ڪندڙ شاعر، نيڪ نمازي، سماجي ڪارڪن عبدالحميد ”حميد“ جسڪاڻي، هيءَ شعر (پنج سٽو، پنج ڪڙو) موبائيل نياپي ۾ موڪليو آهي:

    سارين سنگ سنباهيا، پر تڏن ڪيو تنگ،
    ماڪڙ جيان مهلڪ لٿيون، ٽڪين سارا سنگ،
    محنت وئي معدوم ٿي، جاري آهي جنگ،
    هاري هڙ حميد چوي، چورين اهو چنگ،
    مولا توتي ننگ، مهر ڪجان مسڪينن تي.
    (”حميد“ جسڪاڻي)

    منهنجو موضوع آهي ”سارين جو لابارو ڪرڻ وقت ۽ لابارو ڪرڻ کان پوءِ ٿيڻ وارن نقصان ۽ انهن تي ظابطو“ ڇاڪاڻ ته سارين جو لابارو ڪٿي اڃا جاري آهي ته ڪٿي مڪمل ٿي چڪو آهي، ۽ لاباري کان پوءِ واري صورتحال اڃا ڳچ سارا مهينا جاري رهندي. جيڪڏهن آبادگار ڀائر ۽ ساريون يا چانور سنڀالي رکڻ وارا، انهن نقصانن ۽ انهن کان بچاءُ جي طريقن کان آگاهه نه هوندا، ته پوءِ؟ لاپرواهي ٿوري کان تمام گهڻي نقصان جو سبب ٿي سگهي ٿي. ان ڪري لابارو شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ هيٺيون ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهن:
    لاباري لاءِ تيار، يعني صحيح پڪل فصل جو لابارو ڪجي. ڪچو فصل لڻبو ته داڻو سنهو ٿيندو، جنهن ڪري هڪ ته وزن ۾ مار کائيندو، ٻيو ته ڳاهه ۽ ڇڙائي وقت ڀڄندو ڀرندو ۽ وڏي ڳالهه ته ول ۾ ئي ان تي جيت جڻي يا ڪن جراثين جو به حملو ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن فصل وڌيڪ پچي ويو، ته هڪ ته ول ڪرڻ سبب نقصان جو امڪان آهي ۽ ٻيو ته لابارو ڪرڻ وقت اناج ڇڻي ضايع ٿيڻ سبب پڻ پيداوار ۾ نقصان ٿيندو.

    لابارو ڪرڻ وقت اهو به ڌيان ۾ رکجي ته گند گاهه وارا ٻوٽا، خاص ڪري ول وارا ٻوٽا، سارين سان گڏ نه لڻجن. صرف سارين جا ٻوٽا لڻجن. لابارو ڪرڻ وارو لاباري جو ڄاڻو هجي، يا ڪو نئون هاري لابارو ڪري ته سندس رهنمائي لاءِ پراڻو هاري ساڻس گڏ هجي، نه ته سيکڙاٽ هاري بي احتياطي وڌيڪ ڪندو ته نقصان به وڌيڪ ٿيندو.
    لاباري وقت گپ يا ٻنيءَ ۾ پاڻي بيٺل هجي، ته وڌيڪ محنت ۽ گهڻو احتياط ڪرڻو پوندو. پاڻي ۾ ٻڏل يا گپ ۾ رکيل سارين ۾ سينور سبب نقصان ٿيندو. لڻيل ساريون بهرحال سڪل زمين ۾ رکڻ گهرجن. لڻيل ساريون کڻڻ لاءِ توڙي تيز هوائن ۾ پکڙجڻ کان بچائڻ لاءِ نوڙيءَ وغيره سان سٿريون اهڙي نموني ٻڌڻ گهرجن، ته جيئن سنگ هڪ طرف ۽ منڍو ٻئي طرف هجي، پر خيال رهي ته ساريون گهمجي خراب نه ٿين. ان لاءِ لڻيل سارين کي ٻه ٽي ڏينهن سڪڻ لاءِ رکڻ گهرجي. لابارو هٿ سان ڪجي يا لاباري واري مشين سان ڪجي، ان نسبت سان، ٻنهي صورتن ۾ گهربل احتياط ضرور ڪرڻ گهرجي.
    ڳاهه لاءِ لڻيل ساريون گڏ ڪري ديرو يا کرو اهڙي نموني ٺاهجي، ته جيئن سٽ ڪرڻ يا ڳاهه واري مشين جي حساب سان، سٿري (پوري، ڪهڙي) ٺاهڻ مهل، توڙي ديري / کري ۾ به منڍا هڪ طرف هجن ۽ سنگ سڀ ٻئي طرف هجن.
    ڪي آبادگار سارين جي سٽ وسيلي ڳاهه وارو عمل مڪمل ڪن ٿا، ڪي ڏاندن / ڍڳن سان هلر ڪن ٿا، ڪي ڏاندن بدران ٽريڪٽر هلائي هلر وارو عمل مڪمل ڪن ٿا. يا وري ڳاهه واري مشين يعني ٿريشر وسيلي ڪندا آهن. هر صورت ۾ خيال رهي ته ول گهربل حد تائين سڪل آهي ۽ اناج ڀڄڻ کان محفوظ آهي.
    شروعاتي ديرو / کرو ٺاهڻ وقت، ڳاهه ڳاهڻ وقت، وائر ڪري ساريون ڌار ڪرڻ وقت به ڌيان ۾ رهي ته اهو هر ڪم عمل صاف سٿري، فرش جهڙي، اهڙي سڪل زمين ۾ ڪجي، جنهن ۾ ڏاروم، ڦوڙون / ڦوٽون نه هجن، نه ته انهن ۾ اناج ضايع ٿيندو. ان ڪري لازمي طور تي ٿلهو صاف هجي، پڪو هجي، پاڻي لڙهڻ جو خوف نه هجي، ڦوٽون به نه هجن.
    ڳاهه ڪرڻ وقت ول ايتري پکيڙجي، جيتري ۾ ڍڳا ڦري سگهن، يا ٽريڪٽر گهمي سگهي، پر ٿلهو ان ايراضي کان ڏيڍوڻو وڌيڪ صاف سٿرو هجي. هلر جي شروعات صبح جو سوير ڪجي، ماڪ سُڪڻ کان پوءِ نه ڪجي. صبح 11 وڳي تائين سٽ ڪجي يا ڳاهه ڳاهجي. سٽ ڪرڻ، يا هلر مهل به اهو خيال ڪجي، ته ساريون ۽ چانور پڄڻ، ٽٽڻ کان بچن.
    ڳاهه يعني سٽ يا هلر مڪمل ڪرڻ کان پوءِ وائر ڪجي. وائر اهڙي نموني ڪجي، ته جيئن اناج مڪمل طور پاڻ وٽ محفوظ ٿي گڏ ٿئي. جيتري به بي احتياطي ڪبي، اهو نقصان آهي.
    وائر کان پوءِ صاف ان، صاف ۽ مظبوط ڪٽن ۾ ۽ ٻورين ۾ وجهي، سنڀالي رکڻ يا وڪرو ڪرڻ واري جاءِ تي پهچائجي. ياد رهي ته ساريون / ان گهڻي وقت رکڻ ضروري هجي ته ڪپڙي جون ٻوريون ڪتب آڻجن. البت ٿوري وقت لاءِ پلاسٽڪ جو ڪٽو به استعمال ڪري سگهجي ٿو، پر ان کان اڳ اها به پڪ ڪرڻي آهي، ته ساريون مناسب حد تائين سُڪل آهن ۽ انهن ۾ اجائي گهڻي گهم ناهي.
    ان جون ٻوريون ۽ گُنديءَ ۾ يا پليءَ ۾ ان رکڻ جي صورت ۾، اهي عام زمين جي سطح کان مٿي، هيٺان سرون يا ڪاٺيون ڏئي يا وري پلال جو هڪ فوٽ تهه ٺاهي، ان جي مٿان رکجي. ٻورين جي وچ ۾ نم جا پن رکجن.
    گودام ۾ جيت جڻي يا سينور ۽ ٻين جراثيمن جي پڙتال جاري رکجي ۽ احتياطي اپاءُ وٺڻ گهرجن.

    [​IMG]




     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    اڄڪلهه سارين جي لاباري جي موسم هلي پئي۔۔۔۔۔ موقعي جي مناسبت سان ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    زراعت کاتو شروع ڪرڻ تي سنگت کي واڌايون۔۔۔
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,825
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    لابارا ۽ ڳاهه سدائين وڻندڙ هوندا آهن۔ پنهنجي سنڌ صدين کان زرعي طور وڏي سخي رهي آهي۔ اڪثر هاڻ به سالن کان ٻنيون آباد ڪندڙ جهونا ڪڙمي پيا پنهنجا تجربا ونڊيندا آهن ۽ بهتري جا اُپاءُ ڳوليندا آهن۔ ۽ ايئن اُپت پئي وڌبي گهٽبي آهي پر سنڌ آباد آهي ۽ رهندي اهو يقين آهي۔
    اسان جي پاسي لاڙ ۾ ساريون جام ٿين۔ مختلف طريقا آهن ڳاهه جا۔ پر اسان جو واسطو بدين جي اوڀر پاسي سان آهي جتي پاڻي اُڏيرو لال کان ايندو آهن۔ روهڙي ڪئنال جي نصير برانچ کان۔ تنهنڪري سارين جي پوک تي پابندي آهي۔ ڇو ته پاڻي سارين جي پوک لاءِ نا ڪافي آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. جمال محمود کهڙو

    جمال محمود کهڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2014
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    ذاتي ڪاروبار، آبادگار،
    ماڳ:
    سوڀوديرو
    ادا سنڌ جي اهم ڪاروبار زراعت اهي ، ان ڪري اوهان هن پيج کي وڌ م وڌ اهميت ڏيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو