• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ملڪاڻي وارن جو پاڻي لاءِ احتجاج ۽ سپريم ڪورٽ جو پاڻ مُرادو نوٽس!

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
هاڻي شايد ئي ڪنهن اخبار يا ٽي وي تي خبرون ڏسندڙ کان اهو ڳُجهو هُجي ته ضلع بدين جي اوڀر_اُتر سان تعلق رکندڙ ملڪاڻي ۽ آسپاس جي زرعي زمين آباد ڪندڙ آبدگار وڏي وقت کان سراپاءِ احتجاج آهن۔ هنن پهرين ڳوٺاڻي سطح تي پوءِ فراهو ريگيوليٽر (جتي روهڙي ڪئنال جي نصير برانچ جي پوڇڙ آهي) تي ۽ پوءِ تعلقي ليول تي احتجاج ڪيا نيٺ ملڪاڻي کان حيدرآباد پنڌ پيادل مارچ به ڪيو ۽ ٽرينن جي آمد و رفت کي روڪيو۔ پر ڪو نتيجو نه نڪتو۔ نصير ڪئنال کي چهڪ ڏيئي هر دؤر ۾ ڪڍيل ڪڙيا (ڊائريڪٽ آئوٽليٽ) هنن آبادگارن جي حصي تي پاڻي ڪڍي ڌاڙا هنيا ويا جنهن جا تفصيل منهنجي هڪ ليک ۾ پڙهي سگهجن ٿا۔
پاڻي کان وانجهيل هنن آبادگارن انوکي احتجاج جي روايت کي پاڻي ڏيندي هڪ انوکو احتجاج به ڪيو۔ هي آبادگار ٻِن مهينن تائين سينٽرل جيل بدين آڏو اهو مطالبو رکي ويٺا ته يا پاڻي ڏيو يا جيل ۾ وجهو ته گهٽ ۾ گهٽ مُفت جي دال روٽي ته کائون۔ اُن وقت ساڻن هن مسئلي جو اصل ڪارڻ وڏو وزي قائم علي شاهه به مليو پر رڳو آسرن سواءِ ڪُجهه نه مليو۔ جيتوڻيڪ وڏي وزير اعتراف ڪيو ته سيڪريٽري ايريگيشن ڪوڙ پيو ڳالهائي پر اُهو سيڪريٽري اڄ به موجود آهي سندس خلاف ڪو ايڪشن ناهي ٿيو۔
نيٺ تنگ اچي آبادگار وڃي گادي واري هنڌ اسلام آٻاد ۾ پريس ڪلب اڳيان ويٺا۔ اڍائي مهينا سردي ۽ بارشن ۾ سختي سهي ويٺل آبادگارن جي احتجاج جو آخرڪارچيف جسٽس نوٽس ورتو۔ نوٽس ته صدرِ پاڪستان به ورتو پر ڪو فرق نه پيو هو۔ چيف جسٽس جي ٽي رُڪني بيچ جڏهن ڪيس ٻُڌو ته چيف جسٽس اهو معلوم ڪيو ته پاڻي چور ڪير آهي؟ جسٽس جواد ته ذري گهٽ فيصلو ڏيندي چيو ته ڳالهه پڌري پئي آهي اِرريگيلورڪڙين (ڊائريڪٽ آئوٽليٽ) جي ڪري هيٺ پاڻي نه ٿو پُهچي۔ پر جسٽس امير حاني مسلم چيو ته پاڻي چورن ۾ شرجيل جو نالو آهي اهو بدين جو ته ناهي!!!!!!!!!
جناب جسٽس جو اهو سوال ايئن به جائز ناهي ته چور رڳو پنهنجي ضلعي ۾ چوري ناهن ڪندا۔ يا وري ڪڏهن ڪڏهن اوهان جو ايندڙ سامان ڪنهن ٻي ضلعي ۾ چوري ٿي وڃي اهو به مُمڪن آهي۔ بهرحال ضروري ناهي ته انهيءَ جو اهو تاثر وٺجي ته جسٽس صاحب ڪو شرجيل کي بچائڻ يا انهيءَ جي سائيڊ وٺڻ پيو چاهي۔ پر ڳالهه اها آهي ته اهڙي قسم جا سوال پيدا ڇو ٿا ٿين؟
دوست مون کان اڪثر پُڇندا آهن ته ملڪاڻي ڪٿي، ڪهڙي پاسي آهي؟۔ ۔ ۔ ۔هاڻي بدين ضلعي جي حدن ۾ هُجڻ ڪري ٻُڌائي بدين ته به غلط، ڇو ته ملڪاڻي بدين ضلعي جي حد ۾ ته آهي پر سڄو ڪاروهنوار ميرپورخاص سان هلي ٿو۔ پر ميرپورخاص ۾ به ناهي، ڇو ته ان جي به ڇيڙي تي آهي۔ ٿر ۾ به ڪونهي جو ٿر ڪُجهه اڳتان شروع ٿو ٿئي۔ سو منهنجو جواب به اڪثر اهو هوندو آهي ته ”يار اسان ڪنهن پاسي جا ئي ناهيون!“۔
اوهان هيٺ ڏيکاريل نقشي م ڏِسو ته خبر پوندي ته زميني لحاظ کان بدين ۽ ميرپورخاص جي بيهڪ ڪيئن آهي۔ جڏهن ته ملڪاڻي ڪٿي آهي۔ ساڄي پاسي ڏِسو ته مٺي آهي جيڪو به ڪافي پري آهي۔ ملڪاڻي لاءِ پاڻي وري ٽنڊو الهيار مان اچي ٿو جتان نصير برانچ اچي فراهو (نزد جهڏو) وٽ ٽيل ڪري ٿو۔ ٽنڊوالهيار کان وٺي فراهو تائين وڏن وڏن ماڻهن جون زمينون آهن جيڪي انهيءَ نصير برانچ مان پنهنجي حصي جي مقرر ٿيل پاڻي کان 300 کان 400 فيصد مٿي پاڻي کڻي سؤ سيڪڙو آٻاد ڪن ٿا۔
اهو ئي سبب آحي ته اڪثر اهي سوال ٿيندا آهن ملڪاڻي بدين ۾ هُجڻ باوجود هن جو پاڻي ٽنڊو الهيار ۽ ميرپورخاص ۾ ڪيئن ٿو چوري ٿئي؟

jg57D1mqG007j.JPG
j33MieCIkDXs.JPG
 
سائين حفيظ صاحب ! سپريم ڪورٽ شايد ان لا ڪو فيصلو ڏيئي نه سگهي ته ، سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي اچڻ سان نه رڳو ملڪاڻي جي آبادگارن جو فائدو ٿئي ها ،پر اهو فيصلو هڪ ليڊ نگ ڪيس ” نظير“ ٿي پوي ها ۔ اهو دراصل شرجيل ميمڻ يا سنڌ جي جاگيردار ۽ زورائتي ڌرين کي بچائن نه ، پر پاڻي جي اصلي ۽ وڏي چور پنجاب کي بچائڻ آهي ۔ پو ته اهڙي ليڊنگ ڪيس جو حوالو ڏيئي ،مان پارو ڪو ننڍڙو وڪيل ڀي پنجاب جي پاڻي چوري ڪرڻ واري ڏاڍائي خلاف سپريم ڪورٽ يا ها ڪورٽ ۾ بيٺو هجي ها ۔
 
سائين حفيظ صاحب ! سپريم ڪورٽ شايد ان لا ڪو فيصلو ڏيئي نه سگهي ته ، سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي اچڻ سان نه رڳو ملڪاڻي جي آبادگارن جو فائدو ٿئي ها ،پر اهو فيصلو هڪ ليڊ نگ ڪيس ” نظير“ ٿي پوي ها ۔ اهو دراصل شرجيل ميمڻ يا سنڌ جي جاگيردار ۽ زورائتي ڌرين کي بچائن نه ، پر پاڻي جي اصلي ۽ وڏي چور پنجاب کي بچائڻ آهي ۔ پو ته اهڙي ليڊنگ ڪيس جو حوالو ڏيئي ،مان پارو ڪو ننڍڙو وڪيل ڀي پنجاب جي پاڻي چوري ڪرڻ واري ڏاڍائي خلاف سپريم ڪورٽ يا ها ڪورٽ ۾ بيٺو هجي ها ۔
سائين اسان توهان جي ڳالهه سان اتفاق ٿا ڪريون​
 
مون سان اتفاق ڪرڻ جي مهرباني ، پر ويچارن ملڪاڻي جي آبادگارن جو ڇا ٿيندو ؟ اسان جي ملڪي عدالتي نظام جي هڪڙي جهلڪ ويچاري مظلوم سليمان وساڻ کي اڄ ملير ڪورٽ وڃي ڏيکاري،وڌيڪ احوال ان کان ان جي زباني ٻڌندا ته بهتر ٿيندو ۔
 
مون کي خوشي ٿي جو ڪورٽ سڳوري پاڻ مرادو نوٽيس ورتو ۔۔۔ مطمعن تڏهن ٿيندس جڏهن عدالتي فيصلي جو احترام ڪري ملڪاڻي وارن جو پاڻي جو مسئلو حل ٿيندو۔ ڇو ته عدالتي فيصلن تي عمل ڪرڻ بابت هن حڪومت جي تاريخ ڪا چڱي ناهي رهي۔

پر ملڪاڻي وارن جي ڪاوشن تي کين سلام ڪندس۔
 
Back
Top