• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انڊيا مان ڪجهه مزيدار خبرون....

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڪجهه وقت اڳ بي بي سي اردو تي هڪ دلچسپ آرٽيڪل پڙهڻ لاءِ مليو۔۔ سوچيم پئي ته دوستن سان به شيئر ڪندس پر مصروفيت ڪري ترت نه لڳائي سگهيس پر جيئن ته آرٽيڪل جي مزي جو سواد باقي آهي ان ڪري شيئر ڪجي ٿو۔۔۔
هڪ تير سان ٻه شڪار۔۔۔
مڪمل خبر ته آرٽيڪل ۾ ئي آهي پر مختصر ته هاڻي هندستان ۾ هڪ شخص کي ڇڏي باقي سمورا سڀني جا ڏينهن ڦرڻ وارا آهن ۔۔۔ غريب امير ٿي ويندا ۽ امير افسوس ته امير ئي رهندا۔۔۔
ڇو ته هڪ ساڌو خواب ۾ ڏٺو ته مندر جي هيٺان هڪ هزار ٽن سون پوريل آهي ۔۔ ان ڳالهه تي يقين ڪندي حڪومت کوٽائي به شروع ڪري ڇڏي ۽ حيرت آ ته ان خزاني جا دعويدار به پيدا ٿي ويا آهن۔۔۔
پوري دنيا ته نه پر ڪجهه ماڻهون اها خبر ٻڌي کلي رهيا آهن۔۔۔پر سندن کل ان وقت رڪجي ويندي جڏهن سون نڪرڻ شروع ٿي ويندو۔۔۔ :)



خواب جو سوداگر۔۔
فلم اسٽار اڪشي کنا جو نالو ته توهان ٻڌو ئي هوندو۔۔ هڪ شخص ان کان پندرهن ڏينهن ۾ رقم ٻيڻي ڪرڻ جو وعدو ڪيو ته اڪشي کيس پنجاهه لک روپيه ڏئي ڇڏيا۔۔۔ هاڻي اهو شخص پئسا واپس ڪرڻ لاءِ کان انڪاري آهي۔۔
اڪشي کي خوش هجڻ گهرجي جو هاڻي گهٽ ۾ گهٽ ان شخص جو خواب ته پورو ٿي ويو۔۔ ڇو ته ممڪن آ کيس سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿي هجي ۽ متان هن شخص رڳو پنهنجي رقم کي ٻيڻو ڪرڻ جو دعوو ڪيو هجي نه ڪي رقم واپس ڪرڻ جو۔۔۔ :)


نوٽن جو بستر
هڪ مقامي رهنما کي پارٽي مان ڪڍيو ويو۔۔ ليڊر جو قصور صرف ايترو هو جو هو نوٽن جي بستر تي ستو هو۔۔۔ ثمر آچارگي نالي ان رهنما جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي بينڪ مان ويهه لک روپيا ڪڍرايا هيا ته جيئن هو نوٽن جي بستر تي سمهي پنهنجو خواب پورو ڪري۔۔۔
ڪمال آ جيڪڏهن اتان جي حڪومت به عجيب آ۔۔۔ جيڪڏهن خواب ڏسڻ تي پابندي ناهي ته خواب کي پورو ڪرڻ تي سزا ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي۔۔۔۔:)



ڪنهن صحيح چيو آ ته ”هتي پاڳلن جي گهٽتائي نه آهي۔۔۔ هڪ ڳوليو ته هزار مليو وڃن“۔۔:D
 
Back
Top