آتم ڪهاڻي جي باري ۾ ڪجهه معلومات

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪنهن به شخص جي پنهنجي متعلق پنهنجي قلم سان لکيل پنهنجي زندگي جو احوال معلومات يا سوانح عمري، يادن ۽ ساروڻين کي آتم ڪهاڻي- چئبو آهي، هون به دنيا جي گهڻين ئي ٻولين(انگريزيءَ سميت) جي ادب اهو قبول ڪيو آهي ته اڄ جيدور ۾ جن ڪتابن جو گهڻو وڪرو ٿئي ٿو، ۽ گھڻي مقدار ۾ پڙهيا وڃن ٿا انهن ۾ پهرئين نمبر تي آتمڪٿائون ۽ يادگيرين جا ڪتاب آهن.جنهن جو ڪارڻ هي آهي ته اسان جو پڙهندڙ شايدڪنهن به تخليقڪار بابت اهوڄاڻڻ چاهي ٿو ته هن پنهنجي تخليقي عمل کي ڪيئن وقت ڏنو آهي،۽ پنهنجو ڪم ڪهڙين حالتن ۽لمحن ۾ هن تخليق ڪيو آهي..سندس ان تخليقي عمل ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون تڪليفون۽ پريشانيون پيش آيون آهن ۽ انهن تڪليفن ۽ پريشانين جو ڪهڙي طريقي
    سان مقابلو ڪيو ۽ ڪاميابي ماڻي.زندگي جي الڳ الڳ شعبن سانواسطو رکندڙ ماڻهو به پنهنجو آتم ڪٿائون لکندا رهيا آهن ۽ انهن به پنهنجون ڪارگذاريون قلم بند ڪري اسان اڳيان پيش ڪيون آهن جن کي به اسان جو پڙهندڙ وڏي شوق مان پڙهي رهيو آهي، منهنجي علم مطابق دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سائنسدان، سياستدان سرڪاري ڪامورا، ۽ اداڪار پڻ پنهنجون آتم ڪٿائونلکندا رهيا آهن ۽گڏيل نموني اهي به گهڻيون پڙهيون وينديون آهن. ان کان پوءِآتم ڪٿا جا پڙهندڙ ورهائجي وڃن ٿاپوءِ هر پڙهندڙ جنهن سبجيڪٽ سان واسطو رکيٿو، اهو ان سبجيڪٽ واري سان واسطو رکندڙن جون آتم ڪهاڻيون وڏي شوق سان پڙهي ٿو ڇاڪاڻ ته ان ۾هن کي شخصي مقصد حاصل ٿئي ٿو ۽ سندس آتم ڪهاڻي پڙهي ڪري مختلف تجربه حاصل ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي زندگي تي آزمائي ٿو، .. ۽ انهن تجربن جي بنياد تي پنهنجي زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ........................ آتم ڪهاڻين تي ڪم دنيا ۾ هر زبان ۾ ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت سنڌي ٻولي ۾ به آتم ڪهاڻي توڙي ساروڻين تي ڪم ٿيو آهي مگر جنهن حساب سان ٿيڻ گهرجي هان اهڙو ڪم ناهي ٿيو، جنهن جو ڪارڻ اهيو به آهي ته اسان جو سنڌي ماڻهون ڪتابن پڙهڻ ۾ ٻين تمام قومن کان تمام گهڻو پوئتي آهي بقول سنڌ جي عالم اديب علامه آء آء قاضي ته .....هي قوم مهانگو ڪتاب وٺڻ جي بدران مهانگو جوتو وٺڻ پسند ڪري ٿي، شايد هن قوم کي ڪتابن کان وڌيڪ جوتن جي ضرورت آهي ،سنڌي ٻوليءَ ۾ جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي حياتيءَ جو احوال لکيو،آهي انهن ۾ سنڌ جا مشهور عالم اديب ۽ ليکڪ مرزا قليچ بيگ ۽ علامه دائودپوٽه صاحبان به آهن مرزا صاحب جن ته سنڌي ادب تي تمام وڏو ڪم ڪيو آهي، جهڙي ريت شاهه صاحب جو اسان سنڌين مٿان احسان آهي جو اسان کي سنڌي زبان ۾ شاعري جو هڪ وڏو خزانو ڏئي ويا آهن جنهن جي نه هجڻ سان سنڌي ادب اڌورو هجي هان، اهڙي ريت سنڌ جي هن عالم مرزا قليچ بيگ صاحب پڻ سنڌي ادب تي سوين ڪتاب لکي ڪري سنڌي ادب ۽ سنڌي ماڻهن تي هڪ وڏو احسان ڪيو آهي. مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو سرموڙ اديب ٿي گذريو آهي.مرزا قليچ بيگ لاءِ ٻه رايا نٿا ٿيسگهن ته هو جديد سنڌي ادب جو معمار ۽ ابو هو ۽ انگريز دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ادب جي آسمان جو سج هو. جهڙيءَ ريت ڪلاسيڪي ۽ روايتي شاعريءَ جي جمود کانپوءِ ڪشنچند بيوس ۽ شيخ اياز جديد شاعريءَ ۾ ڪرشماتي انقلاب آڻي, پنهنجيدور ۾ وڏو شعري ڇال ڏنو، اهڙيءَ ريت قليچ بيگ سنڌي نثر جي دنيا ۾ گهڻپهلوئي انقلاب ۽ تبديلي آندي. جيتوڻيڪ سندس ڪيترن هندو مسلم همعصرن جو سنڌينثر جي ترقيءَ ۾ به ڳاڻيٽي جهڙو ڪردار آهي، پر قليچ بيگ جو قد، مقام ۽مرتبو ٻين سڀني کان مٿانهون آهي. اها ڪيڏي نه فخر جوڳي ڳالهه آهي ته هڪروينيو آفيسر، پنهنجي منصب جا لوازمات ۽ جوابداريون فرض شناسيءَ سان بجاآڻيندي، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي دامن ۾ 457 ڪتابن جو وسيع ذخيرو ۽ سرمايوداخل ڪري.هي عالم شخص هڪ ئي وقت سنڌي،انگريزي، فارسي، عربي، ترڪي ۽ اردو زبانن تي دسترس رکندڙ هو. سندس علمي ۽ادبي پورهئي تي نظر وجهبي، ته هو هڪ ئي وقت افساني، ناٽڪ، ناول، تنقيد،شاعري، تاريخ، تهذيب، تعليم، اخلاق، مذهب، طب، تصوف، سوانح، آتم ڪٿا، لغت،ٻوليءَ، سائنس، لطيفيات، لسانيات، گرامر، موسيقيءَ، زراعت، باغباني، سائنس،حشرات الارض، ٻارن جي ادب، تقابلي مذهب، مطلب ته علم ادب جي ڪيترين ئيشاخن تي ڪتاب ترجمو ۽ الٿو ڪندي نظر اچي ٿو، پر اسان سندس وفات کان 79 سالپوءِ به سندس علمي پورهيو مڪمل صورت ۾ ڇپائي نه سگهيا آهيون. 76 سال زندگيماڻيندڙ شخص 50 سالن يا اڌ صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي 457 ڪتاب ڏنا. ڇا اسانمرزا قليچ بيگ جي 5 به اهڙن ڪتابن جا نالا ڳڻائي سگهون ٿا، جيڪي اسان جيعلمي ادبي ادارن شانائتي نموني ڇپايا هجن؟ سنڌي ادبي بورڊ ڪي قدر ان ڏس ۾ڪم ڪيو آهي، پر ڇا ان سان قليچ بيگ جو علمي ۽ ادبي قرض لهي ويو؟ سنڌيٻوليءَ ۽ ادب جي خدمتگار جي حيثيت ۾ مرزا قليچ بيگ هڪ اهڙو مثالي ڪردار اداڪيو آهي، جنهن جي پوئلڳي ۽ تقليد هر سنڌي اديب ۽ قلمڪار کي ڪرڻ ۾ فخرمحسوس ڪرڻ گهرجي. مرزا صاحب جو شاندار علمي ۽ ادبي ڪم سندس بزرگيءَ،بلنديءَ، ڏاهپ، علم دوستيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جو عظيم مثال آهي.منهنجي خيال ۾ سنڌي ادب ۾ پهرين مڪمل ڪتابي شڪل ۾ مرزا صاحب جي پهرين آتم ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ مرزا صاحب سچائي سان پنهنجي زندگي بابت لکيو آهي جنهن ڪتاب جو نالو آهــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي
    ”سائو پن، ڪارو پنو“،جنهن ۾ مرزا صاحب پنهنجي زندگي جو احوال ترتين وار ڏنو آهي، ۽ پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ پنهنجي ڊائري جا چونڊ ورق پڻ شامل ڪيا آهن، سندس لکيل آتم ڪهاڻي مان پڻ اهيو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مرزا صاحب پنهنجي زندگي پڻ ترتيب۽ طور طريقي ۽ سليڪي سان گذاري آهي مرزا صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي جو ڪتاب 1923ع ۾ لکي ڪري پورو ڪيو هو، جنهن کي 41 سالکانپوء 1964ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو، جيڪا ڳالهه پڻ افسوس جي آهي ته اسان جو ماڻهون 41 سال هن جهڙي عالم جي زندگي جي طور طريقن کان نا واقف رهيو.مزرا صاحب کانپوء سنڌ جي هڪ ٻئي وڏي عالم اديب ۽ محقق علامه ڊاڪٽردائودپوٽو صاحب جن پڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي جنهن جو نالو آهي
    .منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي .......شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو نالو عمر هو ۽ هن 25 مارچ 1896ع تي محمد خان دائودپوٽي جي گهر ۾ ٽلٽي، تعلقي سيوهڻ (ضلعي دادو، موجوده ڄام شوري) ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي نهايت سلجهيل ۽ سياڻو هو. ابتدائي تعليم سنڌي پرائمري اسڪول ٽلٽيءَ مان 1903ع کان 1910ع تائين حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ انگريزي تعليم اي. وي اسڪول ٽلٽيءَ مان حاصل ڪرڻ بعد نوشهري فيروز مدرسي ۾ 1915ع کان 1917ع تائين پڙهيو. مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان شاندار پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر کڻڻ تي ايگزيبيشن انعام کٽيائين. 1917ع ڌاري هن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ بي. اي (فارسي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، کيس ڪاليج جي ڊسڪائونٽ فيلوشپ 60 روپيا ماهوار حاصل ٿي 1921ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جو امتحان ڏنائين ۽ فرسٽ ڊويزن ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيائين، جنهن تي کيس 1923ع ۾ چانسلر ميڊل حاصل ٿيو. 1924ع ڌاري ڪئمبرج يونيورسٽي لنڊن جي ايمبونيل ڪاليج ۾ داخلا وٺي، ٽي سال اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. هن ’عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر‘ عنوان هيٺ انگريزيءَ ۾ مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کان پوءِ جڏهن وطن واپس آيو ته کيس سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو، جتي 1927ع کان 1930ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. 1928ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان فيلوشپ لاءِ نامزد ٿيو. 1930ع کان 1939ع تائين ڊاڪٽر صاحب کي اسماعيل ڪاليج انڌيري، بمبئيءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. 1939ع کان 1950ع تائين ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي عهدي تي فائز ٿيو. 1940ع ۾ کيس اعليٰ علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور شمس العلماءِ (عالمن جو سج) جو خطاب ڏنو ويو ڊاڪٽر صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي پهرين ته سنڌ جي مشهور رسالي نئين زندگي ۾ ماهوار لکندو رهيو جنهن کي سنڌ جو ماياناز عالم اديب ۽ فقير صفت انسان مولوي عبدالواحد سنڌي..( سنڌي صاحب پڻ هڪ وڏو عالم ۽ اديب هو جنهن رسالي نئين زندگي رسالي ۾ رهي ڪري سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي ۽ ماهوار نئين زندگي کي پنهنجي پوري زندگي ڏئي ڪري هڪ زندگي ڏني. مرحوم عبدالواحد سنڌي صاحب ذات جو انڍهڙ هو ۽ ننڍڙائپ ۾ مائٽن کان ڪاوڙجي سنڌ مان هليو ويو . سندس ڪاوڙ جو وڏو ڪارڻ هي هيو ته مائٽ کيس ديني تعليم ڏيارڻ پيا گهرن ۽ هي همراهه دنيا جي تعليم وٺي وڏو ماڻهو ٿيڻ پيو گهري . ڪجهه تعليم ورتائين ۽ سيد ذاڪر حسين جي مهربانيءَ سان هن کي ”جامعيه مليه“۾ پڙهندڙ ننڍڙن ٻارن جي سنڀال جي نوڪري ملي. نوڪري جي تقاضا اها هئي ته هو شادي شده هجي. ان ڪري کيس جيلاني سيدن مان گهر واري ملي. عبدالواحد پاڻ اتان جي ماحول ۾ اوپرو هئو، هن ته اتي ايڊجسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوءِ به کيس ڌاريائپ سبب ”سنڌي“ سڏيو ويو ۽ اسان جو عبدالواحد ايئن ”سنڌي“ بڻجي ويو. بي بي سي ۾ ڪم ڪندڙ آصف جيلاني اسان جي عبدالواحد سنڌي انڍهڙ جو پُٽ آهي ياد رهي ته انگريزن جي دور ۾ ٽن ماڻهن ”سنڌي“ سڏائڻ جو شرف حاصل ڪيو، اهي آهن: مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ عبدالواحد سنڌي . انهن مان مولانا عبيدالله پنهنجو پاڻ کي سنڌي سڏايو ۽ باقي ٻين مهربانن کي غير سنڌين ”سنڌي“ سڏيو. مولانا عبيدالله کي سنڌ ڌرتيءَ دين ڏنو ۽ پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني. هن ڀلاري شخص سنڌ جي اهڙن ٿورن جي مڃتا ڪندي، پنهنجي لاءِ اعزاز ڄاتو ته هو پاڻ کي ”سنڌي“ سڏائي ۽ مولانه صاحب پاڻ کي سنڌي سڏائي ڪري سنڌ ڌرتي جو نمڪ ادا ڪيو، ڪاش سنڌ ۾ رهندڙ ٻيا به ائين سنڌ ڌرتي جو نمڪ ملهائن.. ) ڏينهن رات هڪ ڪري ڪڍندو هو، جنهن کانپوء ڊاڪٽر صاحب جي آتم ڪهاڻي کي ڪتابي شڪل ۾ پڻ آندو ويو، جنهن ۾ سندس گهرواري محترمه خديجه خانم دائوپوٽه صاحبه جن جو وڏو ڪردار رهيو آهي جيڪا پاڻ هڪ عالم ۽ اديبه هئي ياد رهي ته سنڌ جي هن عالم ۽ اديب جي آتم ڪهاڻي پڙهي ڪري مون کي ڪجهه ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو هو، ۽ سندس آتم ڪهاڻي پڙهي ڪري اهيا اٿت ملي ته ڪو به غريب محنت ڪري وڏو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو. علامه صاحب جي آتم ڪهاڻي ڄڻ ته غريب لاء هڪ رهنمائي آهيس ڊاڪٽر داودپوٽه صاحب جي آتم ڪهاڻي منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي کي سنڌ سلامت جي دوستن پي دي ايف تي اڻي ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ رهندڙ سنڌين لاء بهترين مواد مهيا ڪري ڏنو آهي، ڊاڪٽر دائودپوٽه سان گڏ سنڌ جي هڪ ٻئي وڏي ماڻهون سياستدان، عالم، اديب مفڪر، محقق ۽ سنڌ جي سچي عاشق محترم سائين جي. ايم سيد پڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي جنهن جو نالو آهي.
    ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“ (ٻه جلد ڇپيل، ڪل 5 جلد لکيل).سنڌ جي سائين سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيدتي لکڻ لاء علم دانائي ۽ وڏو دماغ گهرجي، جيڪو مون جهڙي منڊي ماڪوڙي وٽ ڪونهي، ، سيد تي لکڻ لاء وڏو وقت گهرجي، ڇاڪاڻ ته سائين جي زندگي جا ايترا ته پهلو آهن جو هر هڪ پهلو ته هڪ وڏو ڪتاب لکجي سگهجي ٿو، ۽ هر هڪ پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪري سگهجي ٿي، ۽ اميد آهي ته ڪي سنڌ جا اهڙا نوجوان پيدا ٿيندا جيڪي سائين جي زندگي جي هر پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪندا، سائين سنڌ جي گهمندڙ ڦرندڙ ثقافت ۽ تاريخ هئا، ان سان گڏ وڏا ليکڪ ۽ دانشور ۽ وڏا عالم ۽ وڏي ضرف وارا وڏا ماڻهون هئا، بقول منهنجي دوست جناب حافظ خليل صاحب ته سائين عربي، فارسي جي گرامر صرف و نحو جا وڏا ڄاڻو ۽ ماهر هئا، عربي گرامر توڙي قرآن جي علم تي کين وڏو عبور هو، جڏهن شاه سائين جا بيت يا وري مولانه جلالالدين رومي جي مثنوي ۽ حافظ شيرازي جي شاعري پڙهي ڪري انهن جي معني ۽ تشريح ڪندا هئا ته مٿن هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ويندي هئن. ۽ پاڻ به روئڻ ۾ پئجي ويندا هئا ۽ اتي ويٺلن کي به روئاري ڇڏيندا هئامنهنجي دوست حافظ خليل ملاح صاحب مون کي هڪ ڏينهن ڪچهري ڪندي ٻڌايو هو ته .، هڪ ڏينهن مان ۽ منهنجو دوست تاج صحرائي صاحب ۽ ٻيا دوست محترم سائين جي ايم سيد صاحب وٽ وياسين، ۽ اتي تاج صحرائي صاحب سائين جي ايم سيد صاحب سان ڪچهري دوران سيد صاحب کي ائين چئي ڏنو ته سائين توهان جي ڪتاب جيئن ڏٺو آ مون تي حافظ صاحب کي عتراض آهي ، ،۽ اهي الفاظ مان ٻڌي ڪري حيران ٿيس ته تاج صاحب هي ڇا ڪيو، مگر پوء سيد صاحب مون کي چيو ته حافظ صاحب واقعي توهان کي منهنجي ان ڪتاب تي عتراض اهي، ته مون کيس صرف ايترو جواب ڏنو ته سائين توهان اگر پتل کي سون چئو ته مان وري به ڪجهه سوچ ويچار ڪندس، پر توهان نه چاندي کي سون چوندو ته پوء مان ڇا چوان، ۽ مون کي سائين ان ڳالهه جو افسوس آهي ته توهان جي ان ڪتاب جي ڪري توهان جي سياسي ڪردار کي هڪ ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي منهنجو ائين چوڻ ۽ جي ايم سيد صاحب جو اهيو چوڻ ته سائين هن عمر ۾ اهڙا ڪم نه ٿيندا ته ٻيو ڇا. سائين جو خانداني احوال ــــ سائيم جي ايم سيد صاحب مٽياري سيدن جي خاندان سان تعلق رکن ٿا، سندن وڏڙن مان سيد حيدر نالي هڪ شخص امير تيمور جي هندستان اچڻ وقت 801 هجري ۾ پنهنجي والد سيد امير علي سان هرات کان ملتان تائين آيو ۽ پوء سير سفر جي رستي انهن کان ڇڄي سنڌ جي شهر هالن ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽هتي ارباب شاه محمد وٽان شادي ڪيائين، ،۽ سندس اولاد پهرين هالن ۾ رهندو هو پر ڪجهه وقت کانپوء مٽيارن ۾ اچي رهڻ لڳو، جتي سندس اولاد چئن پاڙن ۾ ورهائجي ويو، جرار پوٽا (2) موسه پوٽا (3) باقيل پوٽا (4) ميان پوٽه،...................................سائين جي پيدائش ــــ 17 جنوري 1904ع ۾ سن شهر ۾ سائين جي پيدائش ٿي، تعليم ــــ محترم سائين جي ايم سيد صاحب شروعاتي تعليم ماستر جان محمد عباسي صاحب کان حاصل ڪئي. جيڪو اصل ٻورڙي تعلقي ڪڪڙ ضلعي دادو جو هو. ۽ 1909ع ڌاري سن ۾ استاد ٿئي آيو هو. تنهن کانپوء ماستر حامد علي ميمڻ ولد مولوي ميان عبدالله ميمڻ کان ڪجهه انگريزي پڙهيو، هي صاحب 5 جنوري 1918ع ڌاري سن پهتو هو ۽ سيد صاحب وٽس ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو، هي صاحب اصل هالن جو رهاڪو هو، ياد رهي ته سيد صاحب باقائده ڪنهن اسڪول يا مدرسي مان سند يافته نه آهن مگر ان جي باوجود سيد صاحب هڪ ئي وقت سنڌي، علم ادب جا، يگانه عالم ۽ اديب هئا، پر ان سان گڏ اردو ، انگريزي فارسي ۽ عربي جا وڏا ڄاڻون ۽ ليکڪ هئا، ۽ سيد صاحب سنڌي ادب تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي تمام وڏا ڪتاب لکيا آهن سائين جي ايم سيد صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي کي پڻ ترتين سان لکيو آهي، سندس آتم ڪهاڻي پڙهي ڪري اهيا خبر پوي ٿي ته سائين جي ايم سيد صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ شريف ۽ پاڪ صاف رهيا آهن،سندن ڪردار هڪ سهڻو ڪردار رهيو آهي، سائين سان سياسي اختلاف رکندڙ ماڻهون به ان ڳالهه جي گواهي ڏيندا ته سائين پنهنجي ذاتي زندگي ۽ ڪردار ۾ هڪ شريف ذات رهيا آهن،۽ سندس آتم ڪهاڻي مان اهيو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته سائين جي ايم سيد صاحب شروعاتي دور ۾ نيڪ نمازي، روزي جا پابند پڻ رهيا آهن ايتري تائين جو پاڻ تهجد گذار به رهيا آهن، جنهن جو ذڪر سندن نياڻي ڊاڪٽر درشهوار جن هڪ سنڌي رسالي ۾ ڪيو هو، ۽ بقول انهن جي ته سائين عمر جي آخر پڻ وري نماز پڙهڻ شروع ڪئي هئي...سائين پنهنجي آتم ڪهاڻي سان گڏ هڪ ٻيو ڪتاب پڻ لکيو هو جنب گذاريم جن سين ۽ ان ۾ به سائين پنهنجي ذاتي زندگي توڙي سياسي زندگي جو احوال لکيو آهي، جنهن مان پڻ سندس ڪردار ۽ جدوجهد جي خبر پوي ٿي.، هنن ڪتابن کان علاوه پڻ سندن هڪ ڪتاب آهي دريا دل داستان محبت جنهن ۾ سيد صاحب پنهنجي محبت جا قصا تفصيل سان لکيا آهن ۽ ان ۾ لکيل خط پڻ ڏنا ويا آهن جن مان پڻ سائين جي ذاتي زندگي تي روشني پوي ٿي. جي ايم سيد صاحب سان گڏ سنڌي زبان جي موجوده صدي جي وڏي شاعر شيخ اياز صاحب پڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي جنهن جو نالو آهي
    ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (4 جلد) ۽ ”جڳ مڙوئي سپنو“، ...شيخ مبارڪ اياز سنڌ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. شيخ اياز 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين هو. سندس ڇٺيءَ جو نالو مبارڪ علي رکيو ويو پر هي اڳتي هلي شيخ اياز جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو. والد پاران کيس 3 مارچ 1928ع تي پنجن سالن جي ڄمار ۾ پاڙي جي هڪ اسڪول نمبر 3 ۾ داخل ڪرايو ويو. هن اسڪول ۾ ڪجهه عرصي تائين پڙهڻ بعد ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو جتان 31 مارچ 1934ع تي چار درجا پاس ڪري نيو هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو. 31 مارچ 1939ع تي پنج درجا انگريزي ۾ پاس ڪري 11 اپريل 1939ع تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو ۽ اپريل 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. 1943ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان انٽر ۽ 1945ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان بي اي ڪيائين ۽ ايل ايل بي ڪيائين. پهريائين هاءِ ڪورٽ ۾ عبدالحئي قريشي ۽ جمال صديقي سان ۽ بعد ۾ خالد اسحاق ۽ عبدالقادر شيخ سان وڪالت ڪئي. ان کانپوءِ سکر ۾ پريڪٽس ڪرڻ لڳو. اياز هڪ ذهين نوجوان ٿي اڀريو. سندس اسڪول ۾ انقلابي خيال اسريا. سندس ويهن سالن جي ڄمار ۾ اشتراڪيت مطالعي جو خاص موضوع رهي. اسڪول ۾ استاد کيئلداس فاني سندس سوچ ۽ شاعراڻي فن کي اوج ڏنو. هن شاعري جي شروعات ننڍپڻ کان ئي ڪئي. هن جو پهريون غزل شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”سدرشن“ جي جنوري - فيبروري 1938 واري شماري ۾ شايع ٿيو. سندس تخليق جو عنوان ”مرد خدا“ هو.اياز هڪ وڪيل جي حيثيت سان زندگيءَ جي ڪارزار ۾ گهڙيو. وڪالت سان گڏ سندس شاعريءَ جو دور به ڏينهون ڏينهن سنڌ ۾ نمايان نظر اچڻ لڳو. ٽه ماهي مهراڻ -1955ع ۾ سندس ٽيهارو کن بيتن شايع ڪري هڪ شاعر کي اثرائتو بڻايو ۽ هو شاعر جي حيثيت ۾ ايترو اڀري آيو جو مڃجي ويو ۽ رجعت پسند ڌرين کي صدمو رسيو. اياز ”ڀونر ڀري آڪاس“ جي ڇپجڻ سان هڪ وڏي شاعر واري مڃتا حاصل ڪئي. 1965ع ڌاري ڌرتي جي حقن جي حاصلات واري جاکوڙ جي ڏوهه ۾ کيس خطرناڪ قرار ڏئي گرفتار ڪيو ويو ۽ سکر جيل ۾ رکيو ويو. 1968ع ۾ ساهيوال جيل ۾ رکيو ويو ۽ ايوب جي حڪومت ختم ٿيڻ تائين قيد ۾ رهيو. 1970ع ۾ هي شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو. شيخ مجيب جي گرفتاري ۽ بنگلاديش ٺهڻ تائين اياز کي جيل ۾ رکيو ويو.اياز جي پهرين شادي بيگم زرينا سان ٿي. جنهن مان کيس ٻه پٽ انيس ۽ سليم ۽ 3 ڌيئرون ياسمين، نگهت ۽ روحي ڄايون. هن ٻي شادي بيگم اقبال سان ڪئي، جنهن مان کيس 3 ٻار مونس، سرمد ۽ وينگس ڄايو 1965ع ڌاري وراثت ۽ ٻين ڳالهين ڪري اياز ۽ بيگم اقبال ۾ جدائي ٿي وئي. 1976ع ۾ اياز کي ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت دوران سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو ۽ هن پنهنجو مدو چئن سالن تائين پورو ڪيو. انهن چئن سالن ۾ اياز کان ڪيترائي دوست رسي ويا. انهي دوران ڪن کي گهربل نوڪريون مليون ۽ ڪن وري داٻو ڏئي ورتيون. اياز جي ويجهن دوست ته سندس ڪردار جي تمام گهڻي گلا ڪئي آهي ۽ اياز لاء اهيو مشهور هو ته اياز هڪ تڪبر ۽ غرور وارو شخص هو ۽ ۽ دوستن کي به دوکو ڏنائين ذاتي زندگي ۾ اياز هڪ عياش پڻ رهيو آهي،جنهن جو ذڪر هن پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻين جي ڪتابن ۾ ڪيو آهي، .1962ع ۾ اياز جا شعري ڪتاب ڀونر ڀري آڪاس ۽ ڪلهي پاتم ڪينرو، 1963 ۾ خطن جو ڪتاب ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي 1963، 1964ع ۽ 1968 ۾ آمرن پاران ضبط ڪيا ويا1980.ع ۾ وائيس چانسلري جو مدو مڪمل ڪرڻ بعد اياز سکر ويو. 1980ع ۾ سندس شعري مجموعو ”لڙيو سج لڪن“ ۾ ڇپيو جنهن ۾ سندس طبع تي مايوسي، قنوطيت ۽ موت ڏي توجهه نمايان آهي. هن جواني وارن ڏينهن ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم کي آجپي جو ذريعو ڄاتو پئي پر آخري عمر ۾ هن جي خيالن ۾ ڦيرو آيو ۽ هن دعائون چوڻ شروع ڪيون. ان جو اهو به سبب ٿي سگهي ٿو جو سوويت يونين قائم نه رهڻ ڪري هيڏي وڏي تبديليءَ اياز جي سوچ تي اثر وڌو. اياز زندگي جو گهڻو عرصو سکر ۾ رهيو. آخري ڪجهه سال ڪراچي پرنس ڪامپليڪس ۾ رهيو. دل جي بيماري ۽ ٻين عارضن سان جنگ ڪندو رهيو. هي علاج لاءِ لنڊن به ويو، پر اتان موٽڻ بعد به مڪمل طور صحتياب نه ٿيو. 28 ڊسمبر 1997ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائين ۽ 29 ڊسمبر تي کيس ڀٽ شاهه تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ مون سندس تدفين ۾ شرڪت ڪرڻ لاء گهڻي ڪوشش ڪئي مگر ڀٽ شاهه تائين پهچڻ جو ڪرايو ٿئي نه سگهيو،انهن ڏينهن ۾ مان بيروزگار هئس ۽ منهنجا پريشاني وارا ڏينهن گذري رهيا هئا، ۽ پوء ڪجهه عرصي کانپوء سندس قبر تي وڃي ڪري فاتحه پڙهي آيس.اياز لاء سنڌي ڪهاڻي جو بهترين ليکڪ محترم جمال ابڙي صاحب لکيو آهي ته شيخ اياز جي شروعاتي دور ۾ مان ۽ شيخ اياز صاحب حيدرآباد ۾ سنڌو درياء تي رات جو چانڊوڪي رات ۾ درياء جي ڪناري ٽيلهندا رهياسين ۽ پاڻ ۾ گفتگو پڻ ڪندا رهياسين ۽ چانڊوڪي رات جو منظر ڏسي ڪري اياز کان مون پڇيو ته اياز الله کي مڃيندو آهين ته اياز جواب ڏنو ته هنن منظرن کي ڏسي ڪري ڪڏهن ڪڏهن مڃيندو آهيان،منهنجي دوست حافظ خليل صاحب مون کي ٻڌايو ته مان ننڍو هوندو هئس ته محترم ضياء الدين بلبل وڪيل وٽ منشي جو ڪم ڪندو هئس ۽ ان مون کي ٻڌايو هو ته هڪ دفعي شيخ اياز صاحب مون کي خط لکيو هو ته مان تاج صحرائي جي چوڻ تي مشاعري جي دعوت تي دادو آيو هئس پر توهان مون سان ملڻ به نه آيا ان جو ڏک اٿم. ۽ پوء مون کيس جواب لکيو هو ته شيخ صاحب توهان جون ٻوٽيون ۽ اسان جون ٻوٽيون هڪ ڪني ۾ رڌي نه ٿيون سگهجن ان ڪري مان توهان سان ملڻ لاء نه آيو هئس، اهو ان لاء ته اياز صاحب مذهب بيزار ماڻهون هو................ اياز سنڌ جي جديد شاعري جو باني آهي. هي بيت، دوها، وايون، گيت، نظم، آزاد نظم، هائيڪا ڏيڊ سٽا، ڪهاڻين سميت نثر جا بيمثال نمونا ڇڏي ويو آهي. انهن جو ادبي ۡڪٿ اياز جي جي وڃڻ بعد ساڻس پيار ڪرڻ وارن لاءِ وڏو آٿت آهي. اياز کي سندس لکڻين تي ڪيترائي ايوارڊ ڏنا ويا آهن، اياز جيڪا پنهنجي آتم ڪٿا للکي آهي اها آتم ڪٿا ڪا ترتيب سان ناهي لکيل ، بس اياز صاحب پنهنجون يادون جيڪي ياد اينديون ويون اٿس اهي لکندو ويو آهي، ۽ سندس آتم ڪهاڻي ۾ ڪجهه دوستن جو به ذڪر ڪيو اٿس مگر اهو به ڪنهن ترتيب سان ڪونهي، اياز صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ انهن محبوبائن جو به تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي، جن سان عارضي توڙي دائمي محبت رهي اٿس،... دوستو هي ته هيو انهن سنڌ جي عالمن اديبن جو ذڪر جنهن جا نالا سنڌ ادب ۾ تمام وڏا نالا آهن پر انهن مڙني وڏن نالن کان علاوه به سبڌي زبان ۾ ڪيترن عالمن اديبن ۽ ليکڪن پنهنجون آتم ڪهاڻيون لکيو آهن جن جا پنهنجا ۽ انهن جي ڪتابن جا نالا پڻ هت ڏجن ٿا. .رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ”ڪيئي ڪتاب“ (ٻه جلد)، هري دلگير ”چولو منهنجو چِڪ ۾“ ۽ ”گند جنين جي گوڏ ۾“، پوپٽي هيراننداڻي ”منهنجي جيون جا سونا روپا ورق“، موتي لال جوتواڻي ”-آتم ڪٿا جي نالي ۾-، هري موٽواڻي ”آخري پنا“، ڪيرت ٻاٻاڻي ”ڪجهه لڪايم، ڪجهه ٻڌايم“ (4 جلد)، گوبند مالهي ”ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون“، (5 جلد)، نارائڻ داس ملڪاني ”نرالي زندگي“، ريٽا شهاڻي ”-ٻپهريءَ جا ٻه پل-“ (جيڪو سندس ٻن آتم ڪٿائي ڪتابن ”گهنڊ ڄاڻ وڳو ۽ -ٻپهريءَ جا ٻه پل-“ جو گڏيل ڪتاب آهي. نارائڻ ڀارتي ”سرءُ جا پن“، موهن ڪلپنا -بک-، عشق، ادب“، رام) پنجواڻي ”يادگيريون“، -ارجن سڪايل- ”غفائن جي ياترا“، -ٻلديو گاجرا- ”زندگيءَ جا ورق“، محمد -اسماعيل عرساڻي- ”سکر سيئي ڏينهن“، لعل -بن- يوسف ”منهنجي پنهنجي ڪهاڻي“، -الهبچايو مرڻاس- ”سورن سانڍياس“، جمال ابڙو ’ڪٿا‘ جي عنوان هيٺ پنج جلد الڳ الڳ نالن سان: ”ڏسي ڏوهه اکين سين“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“، ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ ۽ ”مر پيا مِينهن وسن“، محمد صديق مسافر ”منازل مسافر بمع ڪليات مسافر“، آپا شمس عباسي ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“، غلام فاطمه شيخ، ”شيخياڻي جي ڪهاڻي“، نائون مل هوتچند ڀوڄواڻي ”نائون مل جون يادگيريون“، (انگريزيءَ مان ترجمو) قاضي فيض محمد ”منهنجو سفر“ ، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي ”ادبي زندگي“، لعل پشپ ”آتم جيوني“، ”حياتين جا حصا“، ”ڌرتيءَ ڌڪاڻل“، ”الهاس نگر واسي“، ”ٽه مورتي“ (5 جلد) هولا رام هنس ”-آتم ڪٿا- هڪ اديب جي“، عالي شاهه (-بدين-) ”منهنجي ماضيءَ جا ورق“، عبدالجبار جوڻيجو ”ملهار“ ۽ ”مجاز“ (ٻه جلد) ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ”ڪيم روح رهاڻ“ عبدالحميد قريشي ”يادِ ايام“، عبدالغفور الستي ”-ٻنڌڻ ٻاروچن جا-“، چترو ناگپال، ”جيون جهلڪيون“، لڇمڻ ڪومل ”وهي کاتي جا پنا“(ٻه جلد ڇپيل)، پروانو سيوهاڻي ”منهنجو ننڍپڻ“، عزيز ڀنگوار ”مان ڏوهي آهيان“، عبدالله چنا ”پنهنجي ڳالهه“، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”گهڙيون گهاريم جن سين“، تاجل بيوس ”ڏکيا سکيا ڏينهڙا“ (3 جلد) شبنم گل ”منهنجو سورج مکي“، سوز هالائي ”ڪويءَ جي ڪٿا“، گڻيش ٻالاڻيءَ جو ”منهنجي ڪهاڻي، ڪجهه نئين ڪجهه پراڻي“ ، سرڪش سنڌيءَ جي ”جوڻيون جڳ جهان جون“، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جي ”ادبي زندگي“، مخدوم طالب الموليٰ ”منهنجو ننڍپڻ“، غفار تبسم جو ”سيئي جوڀن ڏينهن“ (هڪ جلد). سائين علي احمد قريشيءَ جي آتم ڪٿا يادن جا ورق،-ان- کان سواءِ ايم. ايڇ پنهور جي -آتم ڪٿا- ”جگ بيتي آپ بيتي“ به سنڌيءَ ۾ ڇپيل آهي. جيڪا سندس انگريزيءَ ۾ لکيل -آتم ڪٿا- جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ترجمو مشهور آرڪيالاجسٽ حاڪم علي شاهه بخاريءَ ڪيو آهي. حاڪم شاهه صاحب سنڌ جي مشهور عوامي شاعر احمد شاه استاد بخاري جو سڳو ڀاءُ آهي جيڪو پڻ هڪ اديب ليکڪ ۽ محقق آهي، منهنهجي ملاقات دادو ۾ دادو شهر جي انگريزي جي قابل استاد سائين پروفيسر سليم سولنگي صاحب جي گهر ۾ ٿي، جتي مان ۽ منهنجو دوست لياقت ٿهيم صاحب سائين سليم سولنگي سان ملڻ لاء ويا هئاسين. لياقت ٿهيم صاحب منهنجو دوست آهي، ۽ لياقت ٿهيم صاحب وري سائين سليم سولنگي صاحب جو دوست آهي. مزي جي ڳالهه توهان کي ٻڌايان ته دادو جا ماڻهون ملڻ لاء سائين سليم سولنگي وٽ ويندا هئا، مگر سائين سليم وري لياقت ٿهيم سان ملڻ لاء جوهي ويندا هئا، جڏهن ته سائين سليم سولنگي هون ٻاهر تمام گهٽ نڪرندا هئا، ڪنهن سان ملڻ لاء ڪنهن وٽ ويندا نه هئا، سائين سليم سولنگي ان وقت جا دادو ۾ انگريزي جا بهترين استاد هئا، مگر افسوس جو سائين علم رڳو محدود اميرن لاء ڪري ڇڏيو هو ۽ ان وقت ۾ ٽيوشن گروپ ۾ پڙهائيندا هئا جنهن گروپ ۾ 4 شاگرد هوندا هئا، ۽ ان وقت ۾ به هزارن رپيا في وٺندا هئا ۽ ڪنهن غريب جي ٻار وٽ اها سگهه نه هئي جو اهي ادا ڪري سگهي، ۽ ان سبب جي ڪري دادو جا ڪيترائي مون جهڙا شاگرد سائين وٽان علم حاصل ڪرڻ کان رهجي ويا،جنهن جو ڏک مون کي اڄ ڏينهن تائين آهي. ان کان علاوه سائين ڪاليج ۾ به ته ڪو نه پڙهائيندا هئا، افسوس جو اسان جا قابل ماڻهون اسان جي ماڻهن کي فائدو گهٽ ڏئي سگهيا آهن، جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي. سائين سليم سولنگي صاحب سنڌ جي زبان جي شاعر شيخ اياز صاحب جي شاعري جو ڪجهه حصو انگريزي ۾ ترجمو پڻ ڪيو هو، جيڪو پڻ اسان کي سولنگي صاحب ڏيکاريو هو. سندس ذڪر شيخ اياز صاحب پنهنجي ڪتاب ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون ۾ ڪيو آهي......ان کان سواءِ محترمه شهيد بينظير -ڀُٽو- جي آتم ڪهاڻيءَ جو انگريزيءَ مان سنڌي ترجمو ”پورب ڄائي“ جي نالي سان مراد علي مرزا جو پڻ ڇپيل آهي جيڪو مون نائين ڪلاس ۾ دادو جي لائبريري علامه آء آء قاضي لائبريري ۾ پڙهو هو.ان کان علاوه مٿيان اڪثر ڪتاب منهنجا پڻ پڙهيل آهن.۽ آتم ڪهاڻي منهنجي پسند جو عنوان رهيو آهي

    سنڌي ۾ لکيل ڪجهه آتم ڪهاڻيون توهان هيٺ ڏنل عنوان تي ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا۔
    مددي وسيلا۔۔۔۔ سنڌ سلامت جا مضمون ۽ مقالاا۔ عوامي آواز ، عبرت، ڪاوش، سنڌي ادبي بورڊ جي سائيٽ، ويچار اخبار، وغيره وغيره
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,857
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺي معلومات ۽ آتم ڪٿا بابت ڄاڻ ۔۔۔

    مون به ڪجهه آتم ڪٿائون پڙهيون آهن جن مان شيخ اياز جو ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر، مرزا قليچ بيگ جو سائو پن ڪارو پن، اڳي ايئن هياس، هاڻي هاڻي فضل الله قريشي جي آتم ڪٿا به پڙهي آهي ۔۔۔۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.


    ادا وساڻ صاحب، مان پاڻ هاڻي هاڻي فضل الله قريشي جي آتم ڪٿا جو ڪتاب خريد ڪري آيو آهيان، ۽ ان کي پڙهڻ شروع ڪيو اٿم، سائين فضل الله قريشي صاحب جي آتم ڪٿا تي رکيل مورائي جو هي تبصرو پڻ هت ونڊ ڪجي ٿي۔ اميد ته سنڌ سلامت جي سڄڻن کي پسند ايندو۔
    ڪُجهه يادون ڪجهه ڳالهيون
    سنڌ دوست آفيسر فضل الله قريشيءَ جو آتم ڪٿائي ڪتاب ۔۔۔۔۔ رکيل مورائي
    تازو سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ آتم ڪهاڻين جا ڪتاب شايع ٿيا آهن، جن کي نه رڳو گهڻي ڌيان سان پڙهيو ويو آهي پر ساراهيو به ويو آهي. ساراهيو ان ڪري ويو آهي جو انهن ۾ نه رڳو ليکڪن جي پنهنجي آتم ڪهاڻي آهي پر جنهن دور ۾ هنن زندگي گذاري آهي، ان دور جي الڳ پهلوئن بابت ڪيترا ئي اهم واقعا ۽ تاريخي دستاويز به ڏنا ويا آهن جن مان انهيءَ دور جي حالتن ۽ ٿيندڙ تبديلين جي گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. جنهنڪري اهي ڪتاب نهايت اهم ڪتاب ليکيا وڃن ٿا.ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون“ نالي وارو ڪتاب پڻ انهن ڪتابن ۾ شامل آهي، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ نهايت اهم ۽ معلومات ڪتاب هجڻ جو اعزاز ماڻي چُڪا آهن. هيءُ ڪتاب اسان جي نهايت ئي اهم عهدن تي رهندڙ سنڌي اڳوڻي ڪاموري/ بيوروڪريٽ فضل الله قريشي صاحب جي يادن تي ٻڌل ڪتاب آهي، جنهن ۾ سچ پچ ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون به آهن ته يادون به آهن. اسان جا اهي سڀ سنڌ دوست آفيسر ۽ زندگي جي ڪنهن به شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخص، پنهنجي زندگيءَ جي آخري حصي ۾ پنهنجون آتم ڪٿائون لکي، نه رڳو سنڌ کي پنهنجي تجربي جو علم لکت ۾ ڏئي احسان ڪري رهيا آهن پر اڄ جي دور ۾ اڄ جي نوجوانن جي رهنمائي به ڪري رهيا آهن، جنهن لاءِ هو جس جا ڀاڳي آهن.
    فضل الله قريشي صاحب هڪ نهايت ذهين ۽ سنڌ دوست شخص رهيو آهي ۽ جيئن ته هن ملڪ جي اهم پوسٽن تي رهيو آهي، ان ڪري هن جي آتم ڪهاڻيءَ ۾ نه رڳو هُن جي پنهنجي ڪهاڻي آهي، پر پنهنجي آس پاس جي ڪهاڻي به آهي ته ساڳي وقت سنڌ سان ۽ سنڌين سان الڳ الڳ شعبن ۾ ٿيندڙ زيادتين جو داستان به آهي، جيڪو قريشي صاحب جهڙي نهايت پڙهئي ڳڙهئي ۽ وطن دوست شخص پنهنجي تجربن جي بنياد تي قلمبند ڪيو آهي. ٻيءَ طرح هيءَ اهم ۽ تاريخي معلومات اسان تائين رسڻ هڪ ڏکيو عمل بڻجي ها. قريشي صاحب پنهنجي يادن کي سهيڙي سنڌ کي هڪ دور جي ڏٺل ۽ ان ۾ حصيداريءَ واري تاريخ لکي ڏني آهي. جيڪا سماجي تاريخ به آهي ته سياسي، سماجي ۽ معاشي تاريخ به. سندس شخصي ۽ خانداني تاريخ به آهي ته ساڳئي وقت هُن جي يارن دوستن، مخالفن ۽ محسنن جي تاريخ به ۽ ايئن سنڌ کي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي هڪ اهم ڪتاب ملي ويو آهي. جنهن جو نالو آهي، ”ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون.دنيا جي ادب ۾ جنهن تيزيءَ سان آتم ڪهاڻيون ۽ يادگيريون قلمبند ٿي رهيون آهن، ان ئي تيزيءَ سان سنڌي ادب ۾ به آتم ڪهاڻيون اچي رهيون آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن کي لکڻ جو اسٽائيل هر ليکڪ جو پنهنجو آهي. هيءَ ڪتاب ان حوالي سان به اهم آهي ته اهو هڪ ترتيب سان لکيو ويو آهي. ڪتاب کي سترهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ اهي باب باترتيب آهن، جنهنڪري ڪتاب اڃا وڌيڪ اهم بڻجي ويو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ ڪتاب جو پهريون حصو آهي جيڪو 1984ع تائين آهي. ڪتاب جو ٻيو حصو اڃا رهيل آهي. هيءُ ڪتاب ليکڪ سان گڏ گذريل مني صديءَ جي هڪ ادارتي تاريخ آهي، جيڪا اسان جي ايندڙ نسلن کي پنهنجي مستقبل جي سفر ۾ رهنمائي ڪندي ڪتاب جي اهميت جو هڪ پهلو اهو به آهي ته ان جي اهميت جا ساکي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سائين محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر سليمان شيخ، پروفيسر اعجاز قريشي، ڊاڪٽر اسد الله قاضي، ڊاڪٽر امان الله ميمڻ، محسن ٻٻر صاحب آهن، جن جا ڪتاب ۾ شامل ڪتاب بابت ويچار ڏنل آهن.
    ڪتاب کي سهڻي ڇپائڻ جو سڄو سهرو سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي روح روان نور احمد ميمڻ صاحب تي آهي. هونئن به اڄ سنڌ جي نجي ادارن ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ پنهنجي جيڪا ساک ڇڏي آهي سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو ڇپيل اها اسان جي ادارن لاءِ فخر لائق آهي ۽ رهندي هيءُ خوبصورت ڪتاب سوا پنج سؤ صفحن تي ڦهليل آهي. 400 ملهه وارو هيءُ، پڪي جلد سان خوبصورت ڪتاب سنڌ جي سڀني بڪ اسٽالن تي موجود آهي.
    [​IMG]

    بالي ووڊ جي چاڪليٽي هيرو کي آتم ڪهاڻي لکڻ ۾ ڪهڙو ڊپُ؟
    بالي ووڊ جي سپر اسٽار عامر خان چيو آهي ته کيس آتم ڪهاڻي لکڻ جو شوق ٿئي ٿو پر ان سان گڏ ڊپ به ٿيندو آهي، ڌوم ٿري ۾ کيس ۽ قطرينا ڪيف کي مرڪزي ڪردار ڏنا ويا آهن. ممبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهين دوران ڪنهن صحافي عامر خان کان پڇيو ته هاڻ اهو ڪهڙو ڪم ڪرڻ گهري ٿو، جيڪو منفرد هجي، هن جواب ڏنو ته هو ذاتي زندگي ۽ فلمي ڪيريئر تي آتم ڪهاڻي لکڻ گهري ٿو. عامر خان چيو ته ذاتي زندگي، فلمي دنيا ۽ پنهنجي رشتن کي ڏسي سندس دل آتم ڪهاڻي لکڻ تي چوندي آهي پر کيس ڊپ پڻ ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪوبه انسان مسٽر پرفيڪشنسٽ ناهي هوندو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,857
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ مان به شامل ٿيو هوس، جيڪا تاج محل هوٽل ۾ ٿي هئي۔ ٻيو ته هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ سچل ڳوٺ جي دوست ڪرم الاهي چنا جي سنگم پبليڪيشن ۾ ٿي هئي۔ پاڻ ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ ئي ڪافي قصا اسانکي اچي ٻڌائيندو هو۔ ياد رهي ته فضل الله قريشي جي هن آتم ڪٿا جو هي پهريون حصو آهي، جڏهن ته انتظار آهي ته هو ٻيو حصو به ڇپرائي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,857
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

    تنقيد (Criticism ):لفظتنقيدجي لغوي معنيٰ آهي پرکڻ يا چڱي ۽بريجو فرق محسوس ڪرڻ. انگريزيءَ ۾-تنقيد- نگاري (Criticism) جي معنيٰ عدل يا انصاف آهي. تنقيد (Criticism)بابت-انگريز- نقاد هڊسن لکيو آهي ته: ”ادبيتنقيد اُن کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن فن پاري کي سمجهڻ ۽ ان تي غور ڪرڻ جي صلاحيت هجي. تنقيدي فن جي ماهر جو ڪم آهي ته فني-تخليق- کي ڏسي، سمجهي، غور ڪري ۽ان جي خوبين ۽ خامين جي جاچ ڪرڻ بعد اُن جي قدر ۽ قيمت جو صحيح اندازو لڳائي“. پس منظر:تنقيد جي تاريخيونان کان شروع ٿئي ٿي. يونان هڪ اهڙو منفرد ملڪ آهي، جنهن جا علم ۽ فن محفوظ رهي سگهيا آهن،-ان- ڪري جڏهن به ڪنهن علم يا فن جي تاريخي سلسلي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي آهي ته سلسلو يونان کان کڻبو آهي. موهن جي دڙي جي تهذيب، ثقافت،-ٻولي ۽ علم ادب کانئن آڳاٽو هئڻ جي باوجود محفوظ نه رهي سگهڻ ڪري تاريخ ۾ ذڪر هيٺ نه ٿو اچي. ٻين سمورن علمن وانگرادب ۽ تنقيد جي ابتدا کي جاچڻ لاءِ پڻ اسان کي يونان ڏانهن نهارڻو ٿو پوي، جتي جيشاعرن، اديبن، ڏاهن فلسفين پنهنجي شاعريءَ، بحث مباحثن، ليڪچرن، تقريرن ۽ڪتابن ۾ شعر ۽ تنقيد بابت خيالن جو اظهار ڪري انهيءَ سلسلي جي ابتدا ڪئي، جنهن ۾ ڪي رڳو ”تنقيدي اشارا“ آهن ته ڪي باقاعدي ادبي-تنقيد- جا اصول آهن.
    آتم ڪٿائون (ڀاڱو پهريون) ڪتاب: سنڌي ٻولي جي بهترين اديب ۽ نقاد ناز سنائيءَجو هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ڇپيل پنجن آتم ڪهاڻين جو تنقيدي جائزو آهي. سندس تنقيدي جائزي هيٺ آيل آتم ڪٿائون هيٺيئنءَ ريت آهن:​
    [​IMG]
    (1) آپ بيتي-جڳ بيتي (ايم.ايڇ پنهور جي( آتم ڪٿا (2) ٻنڌڻ ٻاروچن جا (عبدالغفور الستيءَ جي آتم ڪٿا (3) ڪويءَ جي ڪٿا (سوز هالائيءَ جي آتم ڪٿا (4) ڪيم روح رهاڻ (ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي آتم ڪٿا (5)جوڻيون جيءَ جهان جون (ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو سرڪش سنڌيءَ جي آتم ڪٿا). ناز سنائيءَ هنن آتم ڪٿائن مان سڀ کان وڌيڪ تنقيد سرڪش سنڌيءَ ۽ پروفيسر محمد لائق زرداريءَ جي آتم ڪٿائن تي ڪئي آهي. ڊيميسائيز جي 220 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب پهرين جنوري 2010ع تي سنڌي ساهت گهرحيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جنهن جي قيمت 300 رپيا آهي.۔۔۔۔۔۔بشڪريه سنڌيانه
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    آتم ڪٿا جي نالي ۾ (ڪتاب )
    آتم ڪٿا جي نالي ۾ (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ جي مشهور اديب ۽ عالم موتي لال جوتواڻيءَ جي-آتم ڪهاڻي- آهي، جيڪا 1994ع ۾ دهليءَ (ڀارت) مان ڇپجي پڌري ٿي. هن ڪتاب ۾ ليکڪزندگيءَ جي لاهن چاڙهن جا تجربا، جيڪي کيس پيش آيا، سي جيئن جو تيئن بيانڪيا آهن، ۽ ائين ئي آتم ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ ڇپيا ويا آهن. هن-آتم ڪٿا- ۾ تاريخي، ثقافتي، ادبي، تنقيدي ۽ سياسي پهلو شامل آهن

    [​IMG]
    آتم ڪٿا (ڪتاب )

    آتم ڪٿا (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب 1932ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جيڪواصل ۾ گجراتي ٻوليءَ ۾ مهاتما گانڌيءَ جي لکيل آتم ڪهاڻيءَ جو سنڌيءَ ۾ترجمو آهي، جو اين. آر. ملڪاڻيءَ آتم ڪٿا مهاتما گانڌيءَ، (ستيه جا پريوگ/ سچ جا تجربا) جي نالي سان ٻن ڀاڱن ۾ ترجمو ڪيو هو، جنهن جو ٻيو ڇاپو 1938ع ۾ ڇپيو هو. هن آتم ڪٿا جا پنج ڀاڱا يا باب آهن. پهرئين باب ۾ جنم، ٻالڪپڻ،شادي،اسڪولي زندگي، پيءُ جي وفات، ولايت جي تياري، بئريسٽريءَ جيتعليم جو ذڪر آهي. ٻئي ۽ ٽئين باب ۾ ڏکڻ آفريڪا جا آزمودا، ڪرستانن سان دوستي،هندستانين سان ويڌن، نتال انڊين ڪانگريس، هندستان موٽ، ڪانگريس ۾ شرڪت،گوڪل سان ملاقات ۽ وري آفريڪا ڏانهن موٽ جو بيان آهي. چوٿين ۽ پنجين باب ۾انگريزن سان واسطيداري، هندستانين سان زيادتين، سياست ۾ حصي،ستياگره، بک هڙتال، جنگ، وڪالت جون يادون، شانتيڪن، مزدورن جا سنٻنڌ، هندو مسلم ايڪتا، کاڌي جي تحريڪ، قطع تعلقات ناگپور ڪانگريس جي عدم تعاون هلچل جو تفصيلي بيان آهي. هن ڊيمي سائيزآتم ڪٿاجي ٻنهي ڀاڱن جا 702 صفحا آهن. پهريون ڇاپو گوبندرام ڀوپت راءِ واسواڻيءَشڪتي جاب پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ مان ۽ ٻيو ڇاپو هيرانند ڪرمچند هندستانپرنٽنگ ورڪس ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو

    .
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,774
    ورتل پسنديدگيون:
    5,822
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سنڌ سلامتين پاران فورم تي به ۽ ذاتي گڏجاڻين ۾ ڊگهن ليکن تي اڪثر تنقيد يا وري چوجي کِل ٿيندي رهي ٿي۔ جنهن جو آئون ته پڪو شڪار آهيان۔ اوهان ڪڏهن مليا ناهيو جو انهي جُٺ (جيڪا پڪ اٿم ته ٿيندي هوندؤ) بابت پُڇان۔ پر سچ پُڇو ته اوهان جا ڊگها ليک پڙهندي به جيڪا معلومات ملي ٿي ۽ موضوع جو انتخاب آهي اهو انتهائي بهترين آهي، سفرنامي کان پوءِ ٻي نمبر تي پسند صنف منهنجي لاءِ آتم ڪٿا آهي۔ توڙي جو تمام ٿوريون پڙهيون اٿم پر ڪافي وڻن ٿيون۔ اوهان پاران آتم ڪٿا بابت، وري هر وڏي ليکڪ جي لکيک آتم ڪٿا ۽ سندس ذات جي باري ۾ لکڻ جو انداز وڻيو۔
    اُميد آهي ته اهرا ليک پڙهڻ لاءِ ملندا رهندا۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا ممتاز! اوهان ته آتم ڪٿا جي ئي آتم ڪٿا لکي ڇڏي، تمام وڏي قيمتي معلومات ڏني اٿو، سائين ڊاڪٽر عبد الحفيظ صاحب وارا ساڳيا ڪمنٽس منهنجا پڻ، ٿورا۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا ڊاڪٽر صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي ونڊ تي پنهنجي نظر رکي ڪري پنهنجا تاثر تحرير ڪيا آهن۔ادا هي دنيا آهي هت هر ڪنهن کي پسند نا پسند جو حق حاصل آهي، ڪنهن کي تفصيلي مضمون ۽ مقالا پسند آهن ته ڪنهن کي وري (شارٽ ڪٽ ذهن رکندڙ ماڻهن کي ) ننڍا مضمون ۽ مقالا پسند آهن، بس مڙئي پيو ڪم هلي۔ باقي بقول شيخ اياز صاحب ته جيڪو وقت تنقيد جي جواب لاء ٽائيم صرف ڪجي اهو ٽائيم به ڇو نه پنهنجي ڪم ۾ گذارجي۔
    باقي پاڻ ڪوشش ته اهيا ڪندا آهيون ته دوستن کي ڪجهه وضاحت سان معلومات ڏجي، مگر مختلف شارٽ هيڊنگ سان گڏ۔سو ڪندا رهون ٿا، اميد ته دوستن کي نا پسند سان گڏ پسند به ايندا​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,857
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ سلامت ان ڪري به مشهوري ماڻي آهي جو هتي ڪافي موضوئن تي تفصيلي مضمون موجود آهن۔

    موبائل تان لکڻ جي ڪوشش
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,857
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ نامياري ليکڪ عبدالحئي پليجو صاحب جي آتم ڪهاڻي جو ڪتاب اسان پنڌ پريئن ڏي اپلوڊ ڪيو ويو آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. غفوررند

    غفوررند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا سليمان صاحب ڪوشش ڪيو ت سنڌي ٻولي ۾ جيڪي ب آتم ڪھاڻيون ، سوانح عمريون ، خاڪن جا ڪتاب ۽ تنقيد تي جيڪي ڪتاب شايع ٿيل آھن اھي سنڌ سلامت تي آ ڻيو ت اھا تمام بھترين ڪوشش ليکي ويندي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,857
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪوشش ڪبي ته ايئن ڪجي ۽ اوهان دوستن جي مدد سان ڪري سگهون ٿا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو