ڪنهن به ويب سائيٽ کي بلاڪ ڪرڻ جو آسان طريقو...

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) طرفان انٽرنيٽ تي موجود بي شمار بي هوده ۽ فحش مواد جي ويب سائيٽ کي ملڪ ۾ بند ڪري رکيو آهي۔۔ پر ان باوجود بي هوده ۽ فحش مواد جون بيشمار ويب سائيٽس اڃان به بلاڪ نه ٿيون آهن۔۔۔ انهن ويب سائيٽس کي پاڻ پنهنجي ڪمپيوٽر تي بلاڪ ڪريو ته جيئن معاشري جي ان برائي کي ٻارن ۽ پنهنجي خاندان جي ماڻهن کان پري رکي سگهجي۔۔۔
    پنهنجي ڪمپيوٽر يا انٽرنيٽ برائوزر ۾ ڪنهن به ويب سائيٽ کي بلاڪ ڪرڻ جا ڪجهه آسان طريقا پيش ڪجن ٿا۔۔۔
    1۔ انٽرنيٽ ايڪسپلورر
    انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۾ ويب سائيٽ کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ توهان برائوزر کوليو ۽ پوءِ مينو بار منجهان Tools تي وڃو ۽ Internet Properties يا Internet Option تي ڪلڪ ڪريو ۔۔۔ ڪلڪ ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه هن طرح جي هڪ نئين ونڊو کلندي۔۔۔

    [​IMG]

    هتي توهان Security Tab تي ڪلڪ ڪريو ۽ ان کان پوءِ Restricted Sites تي ڪلڪ ڪريو۔۔ جنهن کان پوءِ Sites جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ هاڻي توهان اڳيان هن طرح جو باڪس ايندو۔۔۔

    [​IMG]

    هن باڪس ۾ توهان ان ويب سائيٽ جو يو آر ايل ايڊريس لکو جنهن کي بلاڪ ڪرڻو آهي۔۔۔ ان کان پوءِ Add جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو ۽ پوءِ OK جو بٽڻ دٻايو۔۔۔۔
    OK جو بٽڻ دٻائڻ کان پوءِ توهان جي سامهون Internet Options جو باڪس ٻيهر اچي ويندو۔۔۔ ان باڪس تي توهان Apply ۽ پوءِ OK جو بٽڻ دٻايو۔۔۔ ان طرح انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۾ توهان ويب سائيٽ بلاڪ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔

    2. گوگل ڪروم ۽ فائرفاڪس
    گوگل ڪروم ۽ فائر فاڪس ۾ ويب سائيٽس بلاڪ ڪرڻ لاءِ توهان هيٺيان ايڪسٽينشن انسٽال ڪريو۔۔۔
    گوگل ڪروم لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔
    فائرفاڪس لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔
    3. ڪمپيوٽر کي ئي بلاڪ ڪرڻ
    ڪمپيوٽر تي بلاڪ ڪرڻ سان سمورن برائوزر تي اها ويب سائيٽ بلاڪ ٿي ويندي۔۔۔ ان لاءِ توهان کي پنهنجي ڪمپيوٽر جي هوسٽ فائيل وڃو۔۔۔ هوسٽ فائيل ۾ وڃڻ لاءِ توهان اسٽارٽ مينو تي ڪلڪ ڪري Run پروگرام کوليو ۽ ان ۾ هيٺيون ڪوڊ پيسٽ ڪريو۔۔۔
    C:\WINDOWS\system32\drivers\etc

    پوءِ توهان hosts نالي فائيل کي Notepad پروگرام ۾ کوليو۔۔۔ ۽ سڀ کان آخر ۾ اچي پهريان 127.0.0.1 ۽ پوءِ هڪ اسپيس ڏيو ۽ ويب سائيٽ جو يو آر ايل ايڊريس لکو۔۔۔ ايڊريس لکڻ کان پوءِ فائيل کي Save ڪريو۔۔۔۔

    [​IMG]

    ان طرح جيڪا ويب سائيٽ توهان لکي هوندي اها توهان جي ڪمپيوٽر تي مڪمل بلاڪ ٿي چڪي هوندي۔۔۔:)
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين ٽپس سائين
    لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو