شاه رح صاحب جي شخصيت، شاعري ۽ سندس رسالي تي مختصر نظر۔

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪڪر منجھه ڪپار، جھڙ نيڻنئون نه لهي،
    جھڙا منهنجا سپرين، تهڙا ميگهه ملار،
    کڻ اکيون، کل يار! وڃن سور سنڌا ڪيو.
    سنڌي ادبجي شروعات ۽ ارتقاء بابت عالمن ۾ ڪجهه اختلاف آهن. ڪجهه عالمن جي اها راءِآهي ته سنڌي شاعريءَ جي شروعات عربن جي دؤر ۾ ٿي، پر ڪجهه عالمن جو اهوچوڻ آهي ته سنڌي شاعريءَ جي ابتدا سومرن جي دؤر ۾ ٿي."اره بره ڪنڪره، ڪرڪري مندرا"​
    يا ڪن روايتن موجب اهو جملو هيئن آهي؛
    "اره اصره ڪڪرا. ڪي ڪره مندره"​
    هنجملي بابت چيو وڃي ٿو ته ڪو سنڌي مائهو بغداد ويو ۽ اتي يحيى بن برمڪيءَجي روبرو اهو جملو پڙهيائين. انهي جملي جي معنى هن ريت ٻڌائي وڃي ٿي. "جڏهناسان وٽ نيڪين جو ٿئي ٿو ته ان وقت تنهنجو ئي نالو ورتو ويندو آهي".
    هنجملي بابت ڪيترن ئي ماهرن جا تحقيقي مقالا ڇپجي چڪا آهن ۽ اڪثر ماهرن جياها راءِ آهي ته اهو جملو ڪنهن افريقي ٻولي جو آهي. جيڪو حضرت بلال رسولڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ چيو هيو.
    بحرحال جيڪڌهن هن جملي کي سنڌي ڪري به مڃجي تڏهن هن دؤر کي "سنڌي ادب جو دؤر" نٿو چئي سگهجي. سنڌي ادب جي باقائده شروعات سومرن جي دؤر ۾ ٿي جنهن کي "سنڌي ادب جو اوائلي دؤر" به سڏيو وڃي ٿو۔
    ادب۽ شاعري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دنيا جي ڪنهن به ادب ۾ شاعري جو نه هجڻ نا ممڪن آهي، ۽ڪو به ادب شاعري کانسواء اڌورو آهي۔اهڙي ريت دنيا جي ٻين ٻولين وانگر سنڌيادب ۾ به شاعري جو وري پنهنجو مقام آهي، ۽ وري سنڌي شاعري ۾ شاهه جي شاعريجو هڪ پنهنجو مقام آهي، ۽ سندس شاعري سنڌي ادب کي هڪ پنهنجي سڃاڻپ ڏني آهيشاه صاحب جو اهو اسان تي وڏو احسان آهي جو اهڙي لازوال ۽ ڪمال واري شاعري سنڌي ٻولي کي ڏئي ڪري سنڌي ٻولي کي مالا مال ڪري ڇڏيو آهي۔ ...۔هت اسان شاهه جي شاعري جي مختلف پهلوئن تي ڪجهه روشني وجهنداسين۔



    شاهه جو مختصر تعارف
    شاه عبداللطيف ڀٽائي
    تاريخ پيدائش: 1101 هه، 1689ع
    جاء پيدائش: ڳوٺ سُئي ڪنڌر هاڻوڪو تعلقو ٽنڊو آدم
    تاريخ وفات: 1165هه، 1752ع
    جاء وفات: ڀٽ شاه
    مدفن: ڀٽ شاه

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنه1689ع ۾حيدرآباد ضلعي جي [[هاڻوڪي ٽنڊي آدم تعلقي جي هڪ ڳوٺ سُئي ڪنڌر]،هالا حويلي۾ ڄائو. شاهه عبداللطيفحبيب شاهه جو پٽ،عبدالقدوس شاهه جو پوٽو،جمال شاهه جو پڙپوٽو ۽ جمال شاههشاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو ٽيون پٽ هو. شاه تاڃيءَ پيٽيسيد هو. سندس والده ڏيرن فقيرن منجهان هئي. سندن ڳوٺ ڀٽ کان ٿورو ئي پنڌ آهي،۔۔۔۔۔۔۔۔وڌيڪ سندس زندگي جي باري ۾ پڙهڻ لاءهت ڪلڪ ڪندا۔
    شآه جي شاعري ۾ صوفياڻو شعر۔۔
    شاه جي شعر جي، گويا تاڃي ۽ پيٽو آهي؛يا جيڪر تصوف، ساندس شاعراني عمارت جو مکيه پايو ڪري چئجي. جيتوڻيڪسندسشعر جا مضمون علحدا علحدا آهن؛ تڏهين به تصوف هڪ سر وانگر آهي، جنهن تي اهيمضمون موتين جيان مڙهيل آهن. اهڙيءَ صنعت ۽ جدت سان، شعر جي پلٽ ڪئي اٿس،جو ظاهريءَ طرح مضمون جي ڪثرت معلوم پيئي ٿي مگر اندروني طرح مڙيئي وحدتآهي اها وحدت ۾ڪثرت ۽ ڪثرت ۾ وحدت، سندس صوفياني خيال جو نتيجو آهي.ڪن ڪنسرن ۽ بيتن ۾، تصوف دونهيءَ جيان دٻيو پيو آهي، پر ڪن ڪن ۾ ته ڀڙڪو ڏيوڀنڀٽ ڪيو وجهي. رواجي شاعرن تصوف جا باريڪ نڪتا ۽ عبارتون، جهڙوڪ گل ۽بلبل، ناز ۽ نياز، شراب ۽ ساقي وغيره، هڪ نظم جو سينگار سمجهي، هروڀرو کڻيپنهنجي ڪلام ۾ ٽنبيون آهن. جلال الدين روميءَ، اهڙن شاعرن بنسبت ’مثنويءَ‘ ۾چيو آهي: لفظ درويشان بدزردد مرد دورن، تابخواند برسليمي اين فسونشاه جو صوفيانو ڪلام حال آهي، ۽ نه قال. جيڪو ذڪر ڪري ٿو، سو سندس انيهءَحالت جو گويا هڪ آئينو آهي.پنهنجو ئي آزمودو ۽ تجربو بيان ڪيو اٿس، نه فقطٻين کان ٻڌل ڳالهيون؛: نڪي ڪي فيلسوفن وانگي منطقي حجتون ۽ دليل پيش ڪريٿو.ڍ عالم ۽ عالم جي شين جي وماس؛ ذا ۽ صفات جي باريڪ نڪتن جي موشگافي؛ قدم۽ حدوث جي لاحل مسئلن جي نوس نوس؛ - اهو آهي فيلسوفن جو طريقو، جنهجن مانهڙ نه حاصل. قاضي قاذن چوي ٿو: ڪنز، قدُوري، ڪافيه، جي پڙهي پروڙين سڀ تهمنڊيم اڪوڙي کوه ۾، پيئي ڪڇي اڀ
    هن عالم جون شيون جن جي ڄاڻ اسان کي پنهنجن حواسن جي رستي ئي پئجي سگهيٿي، تن کي ڪا سچي هستي نه آهي، مگر هڪ قسم جي اضافي بود. مٿن غور ڪرڻ ساناسان کي حق ۽ حقيقصت جي خبر اصل پئجي نه سگهندي. جيستائين اسين انهن جيکوجنا ۾ مشغول آهيون، تيستائين اسين انهن ماڻهن وانگر آهيون، جي ڪنهن غفا ۾رهدنڙ هجن، جتي اهڙو چؤکنڀو ٻڌل هجن، جو پنهنجو مٿو به ورائي نه سگهن، ۽پٺيان هڪ باه جو مچ پيو ٻرين. اهڙيءَ حالت ۾ اسين ڪنهن به شيءِ جو، پنهنجيسامهون ديوار تي فقط پاڇوئي ڏسي سگهنداسين؛ ۽ خود پنهنجو ۽ ٻين جو به پاڇيکان سواءِ ٻيو ڪي به ڏسي نه سگهنداسين. اهڙيءَ حالت ۾ اسان جي فيلسوفي رڳوپاڇن بنسبت ئي بحث مباحثو ڪري سگهندي. مگر اهي شيون جن جو اسان فقط پاڇوڏٺو آهي، سي خود ڇا آهن، ڪٿان آيون آهن ۽ ڪاڏي ٿيون وڃن، تن جو اسان کي پروپئجي نه سگهندو.“ پر صوفي، ظاهري حواسن کي ترڪ ڏيئي، ’اندر جي تگاڙيلاهي‘، معرفتجو مشاهدو، منجهائين ماڻي ٿو. صوفي ڄاڻي ۽ ٻڌي نٿو، مگر ڏسيٿو. سندس علم، عين اليقين آهي. چون ٿا ته جڏهين حڪيم بو علي سينا، ابو سعيدابوالخير مشهور صوفيءَ سان ملاقات ڪري موٽيو، تڏهين ابو سعيد هاضرينن کيچيو ”؟آنچه او مي داند، من مي بينم.“ يعني ”جيڪي هو ڄاڻي ٿو، سو آءٌ ڏسانٿو.“تصوف جا متا، ڪيترن فارسي شاعرن نظم ۾ بيان ڪيا آهن؛ مثلاََ فريدالدين عطارمنطق الطير‘ ۾؛ حڪيم سنائيءَ ’حديقة الحقيقة‘ ۾؛ محمود شبستريءَ ’گلشنسراز‘ ۾؛ ۽ جلال الديدن روميءَ ’مثنويءَ‘ ۾.انهنب زرگن جو اثر، خاص ڪريروميءَ جو، شاه جي صوفياني شعر تي گهڻي قدر معلوم ٿئي ٿو. مگر شاه ڪنهن جيتقليد نه ڪئي آهي. پنهنجي ئي بي نظير نموني ۾ اهي مضمون ادا ڪيا اٿس. صوفياني مضمون کي عاشقانو ۽ خيالي لباس پهرائي، مروج محواري ۾ بيان ڪري ٿو. صوفيانو شعر رسالي ۾ جاءِ بجاءِ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. اهڙو ڪو سر نه آهي،جنهن ۾ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح، ظاهري يا باطني نموني ۾، منظوم ٿيل نه آهي،ڪن ڪن سرن جهڙوڪ ’ڪلياڻ‘ ۽ ’آسا‘ ۾ ته پلٽجي ”پاريون ٿو ڪري.“ دهري خدا جامنڪر آهن، سوفسطاين کي خدا جي هستيءَ ۾ شڪ آهي، ۽ فيلسوف منطقي دليل جامحتاج آهن؛ مگر شاه عبداللطيف جي نظلر ۾ سارو عالم، زمين ۽ آسمان، سج چنڊ ۽تارا، وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا، مانهو ۽ مرون،- سڀ خدا جي هستيءَ جي شاهدي ڏيئي رهياآهن. مگر نهايت پيدائيءَ جي ڪري ناپيدا آهي. هيءُ ”عالم جو آءٌ ساڻ ڀريو ٿوڀير ڪري“ ۽ قسمين قسمين نامن ۽ روپن سان چٽيو پيو آهي، سو درحقيقت وحدت ئيآهي. ڪثرت ۽ دوئي وهم جي پيدائش آهي. وهم وسارياس، نا ته پنهو آءٌ پاڻهئي. حق حقيقي هڪڙو آهي. ڪثرت وحدت آهي؛ وحدت ڪثرت. خالق ۽ مخلوق، شاهد۽مشهود، عاشق ۽ معشوق، مرون ۽ مور، پکي ۽ پکڻ سڀ پاڻ آهي. نه فقط الله کانسواءِ ٻيو ڪي ڪين آهي. مگر جيڪي آهي، سو سڀ الله آهي. ڪوڙين ڪيائؤنتهجيون، لکن لک هزار جي سڀڪﮣ جي سين، در سن ڌارو ڌار پريم تهجا پار، ڪهڙاچئي ڪي چئان. انهيءَ حق حقيقيءَ کي سڇاڻڻ جو رستو آهي، دل جي آرسيِءَ تاندوئيءَ ۽ ڪثرت جي ڪٽ اتارڻ: اندر آئينو ڪري، پرين سو پسيج، انهيءَ راهرميج، ته مشاهدو ماڻيين. پر اندر ڪئن اُجارجي؟ نه ڏيهه ڏورڻ ۽ جهنگل جهاڳڻسان، نه فقط روزن ۽ نمازن سان، مگر پاڻ وڃائڻ سان؛ ڇاڪاڻ ته پنهنجو پاڻ ئيهڪ ’جاڏي جبل‘ جئن حق جي آڏو اچي ٿو ۽ دوئيءَ جو ڪارڻ بنجي ٿو. پاڻ پردوپاڻ کي، سُني ڪر سنڀال. پر پاڻ ڪئن وڃائجي؟ رياضت جي رستي، قربانيءَ ۽ايثار جي رستي، عشق جي رستي، ۽ مرشد ڪامل جي معرفت. هاڻ اهو پاڻ وڃائڻ آهيدر حقيقت پاڻ سڃاڻڻ، ۽ پاڻ مڃائڻ آهي خدا کي سڃاڻڻ. ”من عرف نفسـﮣ، نقد عرفربـﮣ“ نابودي نيئي عبد کي اعليٰ ڪيئو. جڏهن سالڪ پاڻ ماري، پاڻ سڃاڻي، فنافي الله ٿئي ٿو، تڏهن از خود سندس اندر ۾ ’اناالحق‘ جو نعرو وڄڻ لڳي ٿو. انهيءَ حالت ۾ ساري ڪائنات ساڻس ليءَ ٿيو منجهس سمائجيو وڃي، ۽ عالم جي هرهڪ جزيم ان اهو ئي آواز پيو نڪري؛ جر ٿر تک توار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي سڀيئيشيءِ ٿيا، سوري سزا وار همـﮣ منصور هزار، ڪهڙا چڇاڙهئو چاڙهيان. جو شخصاهڙيءَ منزل تي رسي ٿو، تنهن جي نظر ۾ مذهبن ۽ ڪوفن جي پاڻ ۾ لڙائيءَ غلطفهميءَ کان آهي؛ ڇو ته حقيقت جي پوري پوري خبر ڪنهن کي به ميسر نه آهي. چوننديدند حقيقت سر به افسانه ردند. سڀ تانگهي ۾ ٿاڦوڙا هڻي رهيا آهن. سندنحال به انهن انڌن جي آچار آهي، جي هڪ هاٿيءَ کي ڏسڻ ويا هئا. اگرچه هر هڪجزوي طرح پنهنجي پنهنجي خيال موجب پورو هو، مگر ڪلي طرح سڀيئي فاش غلطيءَ ۾هئا: مئي هاٿي سين مامرو، آچي پئو انڌن مناڙين هٿن سين، اکيين ڪين پسن فيالحقيقت فيل کي، سڄا سڃاڻڻ سندي سردارن، بصيرت بينا ڪري. اهي آهن تصوف جامول مسئلا، جن کي شاه پنهنجي بي نظير ٻوليءَ ۾ هڻيءَ چٽائيءَ سان بيان ڪيوآهي. ازانسواءِ شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت جي جدا جدا منزلن، قضا ۽ قدر،رضا ۽ تسليم، تجليٰ ۽ استتار وغيره ڏي پڻ سندس ڪلام ۾ هر هنڌ اشارا لڀندا.
    شاه جي ناصحاني شعرجي وڏي خوبي هيءَآهي، جو هر ڪا مت ۽ نصيحت اهڙيءَ دلپذير طرز ۽ وڻندڙ ٻوليءَ ۾ ڏئي ٿو، جوپڙهندڙ جي دل ۾ ازخود چڀيو وڃي، ناصح کي جيڪڏهن انهن باريڪ نڪتن جي خبر نههوندي، جن جي وسيلي نصيحت جي ناگواري ۽ ڪڙائي دور ٿي وڃي، ته سندس نصيحتقبول پوڻ جي ماڳ موراهين ملالت ۽ نفرت پيدا ڪندي. شاه دنيا جو هر هڪ جزوپنهنجي حڪيماڻيءَ اک سان ڏسي ٿو، ۽ خسيس خسيس شين مان پڻ اخلاقي سبق وٺي،ان کي دلچسپ ۽ خوبصورت لباس پهرائي، پڙندڙ جي اڳيان پيشڪ ري ٿو. اخلاقيتعليم جو دامن سندس هٿان هرگز ڇڏايو نٿو وڃي. نصيحت جو دروازو هميشه کليوپيو آهي، ۽ قدم قدم ٿي نيڪ صلاح جا موتي منظوم ٿيا پيا آن. مگرڪ ن سرن ۾ تهنج ناصحانو شعر ئي نظر اچي ٿو، جهڙوڪ سر ’يمن ڪلياڻ‘ جي اٺين فصل جي آخر۾، سر ’سينهه ڪيڏاري‘، سر ’ڪاپائتي‘ وغيره ۾. انسان کي نمي کمي هلڻ گهرجي. سڀني سان من ماري ميڻ ڪرڻ گهرجي، ڪينو ۽ ڏمر نه ڌارجي، ڇو ته منجهائنڌولائو ۽ ڏک حاصل ٿو. کانڌ وڏيائي کيڻ آهي. ڪنهن کي به واتان ويڻ ورائڻ نهگهرجن، دل مان چاوت ۽ بغض ڪڍي تواضح ۽ خاڪساري اختيار ڪرڻ گهرجي، مطلب ته: اڻ چونڊن م چؤ، چوندن چيو وسار اٺئي پهر ادب سين، پر اهائي پار پايوپ مـﮣمونن ۾، غربت ساڻ گزار مُفتي منجهه وهار، ته قاضي ڪانيارو نه ٿيين. اگرچهتواضع ۽ خاڪساري هر حال ۾ بهتر آهي، ته به انهيءَ جو مطلب اهو نه آهي تههروڀرو گيدي يا ڪانئر ٿيڻ گهرجي. جڏهين ڪنهن نالائق ياڪ ميڻيم اڻهوءَ سانڪم پوي ته ان کي پنهنجي حشسمت ۽ جرات جو ڏکو ڏيکارڻ گهرجي. ۽ جيڪڏهينسختيءَ جي ضرورت ٿئي ته اهابه روا آهي، ڇو ته اهڙيءَ حالت ۾ سختي رحمت آهي: ڪڏه پئجي ڪن ٿي، ڪڏه ٿيجي وات ڪڏه ٿيجي ٻڪرو، ڪڏه ٿيجي ڪات انسان جي مٿانڪهڙيون به مشڪلاتون ۽ آپدائون نازل ٿين، ته کيس ثابت قدم ٿي، انهن کي منهنڏيڻ گهرجي؛ نه رڳو خدا تي ڀاڙي، ٻانهون ٻڌي ويٺو رهي. اگرچه خدا تعاليٰ جيمرضيءَ کان سواءِ ڪي به ڪين ٿو ٿئي، مگر انسان کي سيعو ڪرڻ ضرور جڳائي. ”ليس للانسان الا ماسعي.“ يعني ”انسان لاءِ سعيي کان سواءِ ٻيو ڪجههڪينهي.“ اول پاڻ تي ڀاڙڻ گهرجهي، پوءِ خدا تي ڀروسو رکجي. موقعو هٿان نهوڃائجي، ڇاڪاڻ ته تر گٿي سو چوٽون کائي. تانگهي ۾ تاڻي ٻڌُ پهجو ترهو اونهي۾ آڻي، ڪونه ڏيندءِ ڪو ٻيو. دنيا ۾ وفائيءَ ۽ محبت جو ڏڪار آهي. آدمينپنهنجو اخلاص مٽائيم اٺو ڪيو آهي، ماڻهو ماڻهوءَ جو ماس پيو کائي. ماڻهنکان وڌيڪ مرن ۽ پکين ۾ ميٺ ۽ پيار آهي. پر تڏهين به اڳلي کي کپي ته پنهنجيوڙان نه وڃي. چڱايون ڪرڻ چڱن جو لائق آهي. ۽ بڇايون بڇڙن جو. جيڪڏهين تونبڇڙي سان بڇڙو ٿئين، ته پوءِ تنهنجي ۽ هن جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت؟ل جيڪڏهين ڪوچڱو ماڻهو هجي، ۽ توکي خاطري آهي ته ان جي سنگ مان تون لاڀ پرائيندين، تهڀل ته هو تو سان ڪهڙي به هلت ڪري، تڏهن به تون هن جي پاند کي هٿان نه ڇڏ. جي هو ٻوڏ چويئي ته جيءُ چؤ، جي هو هڪاليڪ ڍيئي، ته به ان جي اوڏو پکڙا اڏيگهار: ڇنن توءِ م ڇن، پاءِ اميري ان سين جي هو آوڳڻ ڪنئي اسنهين، ته تونڳڻانئي ڳن پاند جهليو تون پن، هن سونهاري سڱ ۾. مثالن جي ڪمي ڪانهي، جئنجئن اهڙن ناصحانه نڪتن تي ويچار ڪبو، تئن تئن سندن لطف وڌيڪ معلوم ٿيندو. ڳالهيون ته معمولي ۽ رواجي آهن جن جي هر شخص کي ڄاڻ آهي، مگر انهن مان جيمطلب ڪڍيا اٿس، ۽ جو سهڻو ۽ عجيب نمونو اختيار ڪيو اٿس، تنهن جي ڪري ڄڻ تهڪهنن خيالن کي هڪ نئون جامو پهرايو اٿس، يا پراڻي شراب کي هڪ نئينءَصراحيءَ ۾ اوتيو اٿس
    شآه جي شاعري ۾ عاشقاڻو شعر۔۔
    شاه جو عاشقانو شعر ٻن نمونن جو آهي. هڪڙو اهو جنهن جو مضمون نج مجازي عشق آهي، ۽ ٻيو اهو جنهن جو مضمون حقيقي عشق آهي. فصل پهرئين ۾ ڄاڻايل آهي ته جڏهين شاه ڳڀرو جوان هو،ت ڏهن مرزا مغل بيگ جينياڻيءَ کي هڪوار ڏسڻ شرط مٿس مفتون ٿي پيو هو؛ ۽ جيستائين کيس نڪاح ۾ نهآندائين، تيستائين نهايت حيران ۽ پريشان هو. انهيءَ بيقراريءَ ۽ بيتابيءَجي حالت ۾ جيڪو شعر چيو اٿس، سو عشق سان ٽمٽار آهي؛ ۽ نوجوانن کي شايدمنجهانئس گهڻو مزو ايندو. سر ’کنڀات‘ سر ’برووي سنڌيءَ‘ ۽ سر ’پورب‘ ۽اهائي لات لنئي اٿس انهن بيتن مان جتان ڪٿان حسن ۽ عشق، ۽ ناز ۽ نياز،دلڪشيءَ ۽ دلربائيءَ، مايوسيءَ ۽ مبتلائيءَ، انتظاريءَ ۽ بيقراريءَ جي بوءِپيئي اچي. سندسعاشقاني نظر ۾، معشوق جي مورلت ڪل مخلوقات کان سهڻي آهي. سج، چنڊ، تارا،قطب ۽ ڪتيون، سندس جمال جي جوهر اڳيان جهڪا ٿيو وڃن، محبوب جي اکين ۾ اهڙوناز ۽ خمار آهي جو کيس ڏسڻ شرط، نه فقط ساهوارن، پر بي جاندارن کي به حيرت ۽ادب وٺيو وڃي. ناز منجهارا نڪري، جڏه پرين ڪري ٿو پنڌ ڀون پڻ بسم اللهچئي، راه چمي ٿي رند اُڀيون گهڻي ادب سين، وٺي حورون حيرلت هنڌ سائينءَ جوسوگند، ساڄن سڀينا سوهڻو پرينءَ جا نيڻ مقيلا آهن ۽ ڀرون ڪارا ڀونر.ن يڻنجا نيزا نت عاشقن جي جان تي وسڪارا وسائين ٿا، پر عاشقن جيجيءُ نينهن جي آري ۾ اهڙو اڙيل آهي، جو پاڻ ڇڏائي نٿو سگهي. جئن ميـﮣ ڪنڍيپور، تئن دوست وراڪو دل سين. عاشقج و ڪم آهي وفائي، ڀل ته معشُقڪ يتري بهجفائي ڪري، ثابت قدمي ۽ يڪدلي عاشق جو مرڪ آهي. معشوق بي رحمي ۽ سنگدليڪٿان سکيو؟ اها ڪاسائڪي ڪار سندس سڀاءَ جي ابتڙ آهي. پر سندس ڏوه ڪونهي. پنهنجي وس نه آهي، پر وس آهي. پاڻ گهڻ وئي مصاحب آهي، پر ڏاڍن جي ور آهي، ۽کر چوڌاري چاري ٿيا بيٺا آهن. شال کرن کي ڪو کپر کائي! هي چڱا چنڊ! تون ڪونياپو کڻي وڃي پهچائينس ۽ چئينس ته ”عاشق جي جان ۽ جگر، جيرا ۽ بُڪيون،عشق جي جوش ۾ جلي رهيا آهن.“ عجيبن جي اڱڻ مٿان اُڀري، پيرين هٿڙا وجهي،ڳچيءَ پاند پائي، جهيڻو ڳالهائي، سنيهو ساري ڏج. پر اي چنڊ! متان ڀانئين تهآءٌ به ڪا شيءِ آهيان.“ تنهنجي ذات ڪا پرينءَ سان پڙندي؟ تنهنجي اڇائيءَته پاڻ مصيبت مچائي آهي. سنجهيئي سيخ ٿيو بيهو رهن. شل ڪو منڊ لڳيئي! تنهنجي چٽائي سهائي ۾ سور آهي. ”ڪرا انڌاهي انڌ، ته ملان محبوبن کي.“ هاڻعشق چنڊ کي غيرت وچان ڇڏي، ڪانگل کي پنهنجو قاصد بنائي ٿو: ڪري ڪانگڪرنشون، پرين پري پئيج آءٌ جو ڏيئن سنهيو وچ م وساريج لله لڳ لطيف چي، ڳجهوڳالائيج چئان تي چئيج، ته کياتا خوش هيين. ڪانگل وهلو وري، وصل جونواڌايون آڻي ٿو؛ ۽ قرب جو ڪاڍو عاشق کي يار جي ديار ڏي ڪاهي ٿو. چانگي کيچندن چاري، ياقوتي ڳل ڳانا وجهي، ڪديفيجي هيدي پائي، سفر لاءِ سنباهي ٿو؛ ۽مٿس چڙهي، ماهر ڪندو، کرن کي کجائيندو، هونديءَ رات اچي پنهنجي پرينءَ کيپسي ٿو: شڪر گڏئا شون سپرين، جيري جاني يار ويٺي جنين وٽ ۾، ڪوڙين ٿئا قرارڌڻيم ڪر نه ڌار، پاڙو تن پرين سين. مطلب ته شاهجي عاشقاني شعر جو مضمون پارسي غزل جهڙوئي آهي؛ مگر شاه پارسي غزل جوهروڀرو تتبع نٿو ڪري. پارسي غزل ۾ صبا پيغام پهچائيندڙ آهي، پر شاه جوسنيهو رسائيندڙ آهيقمر يا ڪانگ. ازانسواءِ پارسي غزل ۾شراب،س اقيءَ، مطرب، باغ راغ وغيره جي گهڻي پٽار ڪيل آهي، مگر شاه ۾ اهڙوذڪر ڪو ڇڊو لڀندو، شاه جو طريقو هر طرح نئون آهي، ۽ سنڌ جي حالتن تي پورو،سندس اشارا ۽ استعارا، ڪنايا ۽ تشبيهون، مڪاني حالتن جي مطابق آهن. يونانيڏند ڪٿائن ۾ عشق کي هڪ نهايت سهڻي مگر انڌي جوان جي تصوير ڏني اٿن. سندس هٿ۾ تيرڪمان آهي. جنهن جي سيني تي تير هڻي ٿو، نتهن جي دل ۾ عشق جو وڻاءُٿيوپوي، پوءِ ڀل ته معشوق ڪير به هجي. عشق هڪ عجيب اسرار آهي، جنهن جو ذاتپات سان واسطو نه آهي. سنسڪرت ڪاوين ۾ مدن جي مورت به اهڙي ئي ڪڍي اٿن، مگرتفاوت رڳو هيءُ ته هو ’اننگ‘ يعني بي جسم روح آهي. ڄام تماچيءَ جهڙوهاڪارو حاڪم، هڪ ککيءَ هاڻيءَ مهاڻيءَ جي عشق جي چنبي ۾ گرفتار ٿي، سندسغلام بنجي، کيس پنهنجي پٽ راڻي ڪري ٿو.نوريءَ جي صديقي پنهنجو گيرب ۽گاءُ ڦٽو ڪري، اپڻ کي سندس پد تي آڻي ٿو. ڪو جو ڪامڻ مي، آهي اکڙيي ۾ تنتماچي ڄام جو، ناڀو پايو ني عشق اي ڪري، جن ڄارو ڄام ڪلي ڪئو.سر ’ڪاموڏ‘ سارو عشق جي عيش و عشرت بوس و ڪنار، ناز و نياز ۽ وصل جي ميٺ ۽ مزي سان ڀريل آهي. شاه اهو سڄو واقعو نهايت نزاڪت سان بيان ڪيو آهي. هيٺ جر مٿيم ڃر، پاسي ۾وڻراه اچي وڇي وچ ۾، تماچي جي ساءِ لڳي اُٿر واءِ، ڪنجهر هندورو ٿيئي.
    شآه جي شاعري ۾ طبيعي شعر۔۔
    نجمجازي عاشقاني شعر کان سواءِ،ٻئي هڪڙي قسم جو شعر جو شاه ڳايو آهي، سومجازي به آهي، حقيقي به آهي؛ ٻنهي جو وچ آهي. انهيءَ شعر کي جيڪر تمثيليشعر ڪري چئجي. سنسد اڏاوت جو مکيه بنياد آهن عشقي قصا ۽ڪهاڻيون، جي عام ماڻهن ۾ مروج آهن. اهو نمونو جلال الدين روميءَ به اختيارڪيو آهي. پر شاه ۽ روميءَ جي وچ ۾ هي تفاوت آهي، جو رومي سڄي آکاڻي منڍ کانوٺي وڇاڙيءَ تائين کڻندو، لڏندو، لمندو، بيهندو، اندروني مطلب ۽ معنائونڪڍندو، وڄيو توڙ کي پهچي؛ ۽ ڪڏهين ڪڏهين ته آکاڻيءَ ۾ آکاڻي آڻيو وجهي،جنهن ڪري البت مونجهارو ٿيو پيو. پر شاه جو طريقو علحدو آهي. آکاڻي سڄي ڪٿيبه ڪانه ٿو کڻي، فطقط ڪي دلچسپ واقعا يا حالتون نقش ٿو ڪري؛ ۽ ائين سمجهيٿو ته آکاڻي سندس پڙهندڙن کي اڳيئي معلوم آهي.شاه جو نمونو به مشهور انگريزي شاعر شيڪسپيئر وانگي ناٽڪ جهڙو آهي. هي هڪنئون نمون آهي، جو سنڌ جي ٻئي ڪنهن به شاعر استعمال ۾ نه آندو آهي. انهيءَشعر ۾ شاه جي شعور جون ڪُل خوبيون نڪري نروار ٿين ٿيون.شعرجون سڀيئي وصفون، جهڙوڪ واقعه نگاري، قدرتي ۽ انساني حسن جي تصوير، سيرتنگاري، خيالي قوت، عبارت، صنايع بدايع وغيره. هتي جهڙيءَ ڪماليت کي رسيونآهن، تهڙو ٻئي ڪنهن ٻئي ڪنهن به هنڌڏ نه. اهڙو پختو ۽ سهڻو شعر پنجن سرن ۾چيو اٿس؛ سر ’سهڻيءَ‘ سر ’سسئيءَ‘ سر ’مومل رااڻي‘، سر ’ليلا چنيسر‘، ۽ سرمارئيءَ‘ ۾، انهن سرن واقعن جي تصوير اهڙن موزون ۽ مناسب اکرن ۾، چٽائيءَ ۽صفائيءَ سان ڪئي اٿس، ۽ انسان جي اندر جا طرح طرح جا پور ۽ جذبا اهڙيءَسچائيءَ سان ورنن ڪيا اٿس، جو پڙهندڙ جي دل هڪدم ڇڪجيو وڃي. جيتوڻيڪ انهنقصن ۾ آيل سورما ۽ سورميون پاڻ اکين سان نه ڏٺيون هئائين، تڏهن به انهن کيپنهنجي خيالي قوت جي وسيلي، اهڙو جيئرو جاڳندو بنايو اٿس، جو پڙهندڙ ائينپيو ڀانئي ته ڄڻ پاڻ کين روبرو ويٺو ڏسي ۽ ساڻن ڳالهائ ٻولهائي، جيتوڻيڪشاه سهڻيءَ کي درياه ۾ ٻڏندو ۽ لهرن ۾، لڙهندو، پنهنجي جسماني اکينس انهرگز نه ڏٺو هو، پر تڏهين به ڏسو ته ڪهڙو نه واقعي بيان ڪيو اٿس: گهڙي گهڙوهٿ ڪري، لاهي تهار جنگهه ڄرڪي، وات ۾، سسي کي سئسار چوڙا، ٻيڙا چڪ ۾، لڙ ۾لُڙيس وار لکين چهٽيس لوهڻيون، ٿيليون ٿر نئون ڌار مڙئا مڇ هزار،ڀاڱاٿهيندي سوهڻي. هاڻي وري ڏسو ته انهيءَ ساڳئي روئداد کي ڪهڙو نه صرفخيالي لباس پهرايو اٿس: ڪانڌيءَ ڪنگ ٿياس، وهڻو جنازو سوهڻي ٻگا جي ٻيٽنجا، ڪُلا تن ڏناس اکيين ملڪ ڏٺاس، توءِ من ڪاڍو مهار ڏي. ڪهڙو نه بيان! ڄڻته سڄو واقعو اکين اڳيان پيو ڦري! وري جڏهن درياه جي وه ۽ تک جو بيان ٿوڪري، تڏهن ته ڪنن جي ڪڙڪن، ڀرين پوڻ جي ڀوارن آوازن، لهرن جي ڌڌڪن جا پڙلاڪنن ۾ پيا ٻرن، رات جي اونداهي، وهڪرن جو هبيتناڪ هلاچو، پاڻيءَ جا سنها ور۽ وراڪا وغيره، پڙهدنڙ جي دل ۾ هڪ قسم جي دهشت پيدا ڪن ٿا: ڪارا ڪن، ڪاريتُڳي، ڪاريهر ڪڙڪا مئيم تي مهراڻ ۾، اچن دُپارا دڙڪا جڏهين سونهن ۽ سينگارجو ذڪر ٿو آني، تڏهين وريهڪ نئين قسم جي نزاڪت پيئي بکي. ڏسو ته مومل ۽ سنديس سهيلين جي هار سنيگارجو ڪهڙي نهج دلڪش ۽ رنگين پيرايي ۾ بيان ڪيو اٿس: جحڙا گل گلاب جا، تهڙامٿن ويس چوٽا تيل چنبيلئا، ها ها هو هميش پئسو سونـﮣ سيد جي نيـﮣ چن نيشلالن جي لبيس، اتڻ اگر نه اُجهي.
    جهڙاپانن پن، تهڙيون سالون مٿن سائيون عطر ۽ عبير سين،تازا ڪيائون تن مڙهياگهڻو مُشڪ سين، چوٽا ساڻُ چندن سونهن رپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن ڪيائون لعللطيف چي، وڏا ويس ورن منجه مرڪيس من، سوڍي سين سڱ ٿيو. سسئيءَ کي ڏسو تهڪلهي ڦاٽو ڪنجرو پهري، مٿهو اگهاڙو ڪري ڀنڀوران ٻاهر نڪري، جهنگل جهاڳيندي،وڻ ولاڙيندي، ٽڪر ٽاڪيندي، مرن سان اوريندي، واري وسائيندي، ورلاپ ڪندي،پنهل جو پير کڻندي، هيڪليائي هاڙهي ڏي هلي ٿي. پڙهندڙ ائين پيدو ڀانئين تههر حال ۾ هر منزل ۾ سسئيءَ سان ساٿي آهي. ڏُکي سنديون ڏنگرين، پسو پٽون پونمئي پڄاڻا منڌ کي، روجهه رڃن ۾ رون ڀڻا ايهين چون، ته مي اسان کي ماريو. سيرت نگاريءَ ۾ پڻ بي مثل آهي. جيتوڻيڪ سندس سورميون سچيون عاشقاڻيون آهن،تڏهن به هر هڪ جي سيرت ۽ چال نرالي نرالي آهي. سهڻي آرپار سهڻي آهي. سندسعشق بي انتها آهي، سندس سڪ ۽ سور جو سنڌو نه آهي. تن ۾ سدائين پرينءَ جيتؤنس اٿس. کامي ۽ پچي، لڇي ۽ لوچي پيئي. سندس عشق جي اُساٽ درياهن کي بهدرهم ڪيو ڇڏي. سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ وه وڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌڪپن سين. سسئي پڻ سچي عاشقياڻي آهي. مگر ڪڏهين ڪڏهين سندس دل م اهي خيال بهاٿن ٿا ته ناحق عشق ۾ پاڻ اڙايم: رتي جي رهاڻ، جي اڙايم جيڏيون. ڪڏهينڪڏهين خودي به ڏيکاري ٿي، ۽ پنهنجي دوست کان ڌرڪ ندڙن تي ڪاوڙ ۽ غصو ڇنڊيٿيد. ڀايم جي سرواڻ، ڇلائيندم ڪڇپرين کايم هند پلاڻ، اٺ گڏايم ان جا.ئڪڏهين ڪڏهين پڇتائي ٿي ته پرديسي پرينءَ سان ڇو پريت پاتيم، ۽ چوي ٿي: ديسيسيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين. ڪڏهين ته ڏکن ڏاکڙن ۽ ڏولائن ڪري اهڙو ڪڪ ٿئيٿي، جو اچانڪ سندس واتم ان نڪري وڇي ٿوت ته: کوءِ هاڙُ، ٻن هوتُ، کوءِپنهو، ٻن پريتڻو مادر مون موت، پسڻا پرائيو. پر آخر ۾ خود انهن خيالن ۽خطرن کي ئي کـﮣ وجهي،س ر جو سانگو لاهي، پنهوءَ جي پار ڏي ڪاهي پوي ٿي. سڀ مشڪلاتون خوشيءَ سان برسرڪ ري ٿي، ۽ اهڙي ثابت قدم رهي ٿي، جو نيٺ پنهونءَ جي پير تي پٿون ٿئي ٿي. مرون کينم ماس، ته ڀي هڏ هلندم هوت ڏي. مومل راجڪماري آهي. سندس شڪلشبيـﮣ، هلت چلت ۽ ويس ورن شاهاڻو آهي.س ندس سونهن لاثاني آهي. پنهنجي اکينجي الماس سان ڪيترائي پنڊت، پير، مير ۽ فقير گهائي وڌا اٿس. نهايت چتر ۽چالاڪ، مغرور ۽ بي پرواه آهي. ڪنهن جي عشق جي ڦيندي ۾ پاسڻ جي نه آهي. گهنيئي راول سندس سونهن جي سرهاڻ تي ڀؤنرن جيان ڀنڀولجي ٿي آيا، مگر سوڍيءَسڀني کي سجهائي ٿي وڌو. گجر کي گجميل جيون، تارن ۾ تبرون هڻيد حاڪمين کي،زور ڀريون زبرون ڪاڪ ڪنڌي قبرون، پسو پر ڏيهين جيون. اهڙي نه آهي، جو ڪنهنجي ٻاهرئن ڏيک ويک يا شان شوڪت تي موهجي وڃي. چيترائيءَ ۽ چالاڪيءَ، ذهن ۽ذڪاءُ جي گهوري آهي. جڏهين راڻي کي سياڻپ ۽ دانائي ۾ پاڻ کان سرس ڏسي ٿي،ان لاءِ سندس اندر ۾ ازخود عزت جاڳي ٿي، جا عزت مٽجيو اونهو عشق ٿيو پوي. گجر گهڻا گهائيا، پاڻا لڳس گهاءُ مئدري ملاءُ، لڳس ڪان ڪپار ۾. انهيءَنينهن اتپن ٿيڻ بعد، اگرچه راڻو غلط فهميءَ وچان ساڻس رُسي وڃي ٿو، ۽ ڏوهمڙوئي سندس آهي؛ تڏهن به مومل ماڙيون ۽ محلات ڦٽا ڪري، سندس تات طلب ۾، ڪاڪجا ڪانگ اڏائي ٿي، ۽ جوڳڻ بنجي در در بيک ڪري ٿي. حال قربان، مال قربان،گهوريان لڊاڻو فدا ٿي فقير جو رسي م راڻو مين سين ماڻو، مناسب نه مئدراليلا به راجڪماري آهي، مگر عقل ۽ سمجهه ۾ مومل جي اُبتڙ آهي، اول ۾ چاڳلي ۽چلولي آهي. مڻين ۽ موتين، هار ۽ سينگار، سينڌ ۽ سرمي سان، گهڻو چاه اٿس،جنهن جي ڪري ئي سندس ڀتار ڀري وڇي ٿو، ۽ ڏهاڳ جو ڏنءُ اچيس ٿو. اهو سور کيسسياڻو ڪري ٿو، پوءِ گيرب ۽ گاءُ ڦٽو ڪري، حيلا حوالا ڇڏي، ڳچيءَ پانڌپائي، ڪارون پُڪارون ڪري، روئي ڪانڌ کي ريجهائي ٿي، سندس دانهون ۽ فريادوننهايت درد واريون ۽ جان ڏاريندڙ آهن. اوڳڻ ڪري اپار، تو در ايس داسڙا جن تورسڻ سندي روح ۾، تن مون ڀيڻي ناه ڀتار سائينءَي لڳ ستار، ميٽم دايونمهجيون مارئي هڪ نماڻي ڳوٺاڻي نگنر آهي. حب الوطنيءَ ۽ ديش ڀڳتيءَ جي مورتآهي. پنهنجي ڏيهه جو ڏٿ ۽ ڏونرا، گولاڙا ۽ گگريون، ڦره ۽ لاڻيون، کارا ۽کٻڙيون، سندس نظر ۾ بهشت جون نعمتون آهن. وطن جي آراڙيءَ سان عمر جو پلاءُبه نٿي پاڙي. جڏهن عمر کيس ڌتاري، سندس ڏيهه ۽ ڏاڏاڻن کان وڇوڙي، زوريءَڀڄائي، ڪوٽن ۾ قباو ڪري ٿو، ۽ طرحين طرحين جون لالچون اڇي ٿو، تڏهن به هيءَستي هرگز نه ٿي مڙي. ويڙيچن جي وڇوڙي ۾ جان، جسو ۽ جيءُ جلائي رکي ٿي. ابائي لوئي ليڙون ليڙون ٿي وڃيس ٿي، ته به لڱن تان نٿي لاهي. سبي سيبا ڏي،ڀوري نيـﮣ نه ڪڄئو کٿي وٽيون کٿيون، ستي سيوي سي مڇڻ چونم ڪي، ته لڄائبي ٿرڄائيون. وطن ۽ ور جي سار ۾ هن وينگس جا وار ڪرنڊيون ٿي وڃن ٿ ا، ۽ سندسساري سونهن ۽ سوڀيا هلي وڇي ٿي، پر تڏهين به رات ڏينهن وطن لالءِ پيئيواجهائي، ۽ ماڙين مٿي ماروئڙن لاءِ هنجون پيئي هاري؛ ۽ توڙ تائين ست ۽ سيلتي ثابت رهي ٿي. واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساه بُت مهجو بند ۾، قيد ۾ڪريجاه پر ڏيهياني پري ري، ڌار م ڌاريجاه ٿڌي وسائيجاه ٿرن جي مٽي ميم ٿانجي پويون ٿئي پساه، ته نجاه مڙه مليدر ڏي ’عمر مارئيءَ‘ کانسواءِ مٿيڄاڻايل قصن جي پڇاڙي تعزيه جهڙي آهي، يعني عاشق پنهنجي مقصد کي مرڻ بناحاصل نٿو ڪري. مارئي به ذري گهٽ موت جي ڪناري تي آهي. مطلبته جيستائين عاشق جيئرو آهي، ۽ پنهنجي پاڻ جي ڄاڻ اٿس، تيستائين ڏک ۽ڏاکڙا، محنتون ۽ ڪشالا ڪڍڻا پونس ٿا. پر جڏهين پاڻ ماري فنا ٿئي ٿو،ت ڏهينئي وصال جو ورق وري پويس ٿو. انهن سڀني قصن مان شاهنيٺ وڃيو ساڳيو مطلب ڪڍي؛ ۽ ور ڏيئي حقيقي عشق سان لڳائي، صوفياني مول متيموتوا قبل ان تموتوا“، يعين ”مرڻ کان اڳي مرو“ کي ثابت ڪري ٿو. مرڻا اڳيجي مُئا، سي مري ٿئا نه مات هوندا سي حيات، جيڻا اڳي جي جئا. سر ’سورٺ‘ ۾شاه حقيقي عشق جي آڻيو ڇيهه ڪري. سهڻي ۽ سسئي، مومل ۽ مارئي جڏهين عشق ۾جيءُ اڙائين ٿيون، تڏهين کين ڪا اهڙي مثال _سڌ) ڪانهي، ته ڪو طرحين طرحينجون تڪليفون ۽ مصيبتون سهڻيون پوندين؛ ۽ جڏهن اهي تڪليفون ۽ مصيبتون برسرڪن ٿيون، تڏهين به اها خبر نه اٿن ته ڪو فراق ۾ ئي موت نصيب ٿيندن. اُميد ۽آسري تي توڙ تائين پييون تڳن. پر راءِ ڏياچ ڄاڻي ٻجهي، دل و جان، رضا ۽خوشيءَ سان حق جي رستي ۾ پنهنجو سر فدا ڪري ٿو. اهڙيءَ نشڪام ۽ لاطمعقربانيءَ ۾ سالڪ جي اعليٰ سعادتمندي آهي. هو پنهنجي حقيقي محبوب يعني مرشدڪامل جي فقط اشاري تي تن، من ۽ ڌن نثارڪ ري ٿو. سوء سرن پائي، جي تند برابرتوريان اٽل اوڏاهين ٿيي، جيڏاه ٻيجل ٻرائي سکڻون هڏ آهي، سر ۾ سڃڻ ناهڪين. حقيقي عشق ڪا سٿري ڳالهه نه آهي. سندس پهريون ئي پهريون شرط آهي، جان،جسي ۽ جيءَ جي هيڪاند ڀڃڻ، سوري عاشق جو سينگار آهي، مڙڻ ۽ موٽڻ سندسلاءِم هڻو آهي. الله ڪارڻ پنهنجو لڱ ۽ لحم وڍڻ سندس مرڪ آهي. عاشق جو ڪمآهي پنهنجو سور سکائون به سانڍڻ. سپيريان جي سور جو ماڙهڻ ڏجي نه منجهه. عاشقکي گهرجي ته سختين ۽ مصيبتن ۾ سنرو رهي، واڙيءَ ڦل جيان پيو وهسي. هيدءَته هڪڙي سسي اٿس، پرجي کڻي سو سسيون هجنس، ته به دوست جي هڪ دم برابر به نهآهن. مل مهنگو قطرو،. سڪڻ شهادت آسان عبادت، نظر ناز پرينجو. پرينءَ جي پار جي مڙيئي مڍائي آهي، ۽ ظاهري مدائيءَ ۾ عاشق جي ڀلائيآهي. انهن سختين جي رستي ئي عاشق پنهنجو پاڻ فنا ڪري، اندر ۾ معشوق جوآستان بنائي سگهي ٿو. جمله معشوق، ست و عاشق پردهُ زندهء معشوق است وعاشق مردهُ. اهڙيءَ حالت ۾ معشوق، خود عاشق جو عاشق بنجيو پوي، يعني جڏهنعاشق پاڻ کي شهيدڪ ري معشوقج و لائقڪ ري ٿو، تڏهين معشوق کيبه سندس تات طلبٿئي ٿي. جيڪڏهنل اڃايل پاڻيءَ جا ڳولائو آهن،ت ه پاڻي به اڃايلن جو ڳولائوآهي. تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تهجي فاذ کروني اذ کر کم اي پروڙج بات هٿڪاتي، ڳڙ وات، پڇڻ پر پرين جي. حقيقي عشق صوفين جو مول مقصد آهي ۽ شاهانهيءَ تند کيگهڻو تاڻيو اهي. وڌيدڪ تفصيل تصوف جي بيان ۾ ڪيو ويو آهي. قدرت جا نرمل نظارا، جبلن ۽ ماٿرين جي سانت ۽ ايڪانت، شاه جي جان لاءِاهڙيون ضروري هيون، جهڙي سڄر ۽ صاف هوا انسان جي ڦڦڙن لاءِ، يا جئن پاڻيمڇيءَ لاءِ، سندس مشاهدي جي قوت نهايت سگهاري هئي، ۽ پنهنجا تجربا بلڪلوڻندڙ ۽ دلچسپ لفظن ۾ بيان ڪيا اٿس. رسالي ۾ ڍنڍن ۽ ڍورن، ندين ۽ نهرن، برن۽ بحرن، ٽڪرن ۽ ٿرن جو هر هنڌ ذڪر ڪيل آهي، سر ’سارنگ‘ ۾ برسات جو دلڪشبيان ڏنو اٿس، ۽ سر ’مارئيءَ‘ ۾ ٿر ملڪ جو سربستو احوال ڪيو اٿس، ۽ سرسراڳ‘ ۽ ’سامونڊيءَ‘ ۾ وري درياءَ ۽ سمنڊ جا عجيب نقش ڪڍيا اٿس. انيهءَطبيعي شعر ۾ شاه جي شعراڻي قوت ۽ خوبي اعليٰ درجي جي آهي. جڏهين ڪو طبيعينظارو بيان ڪري ٿو، تڏهين گهڻي اينگهه نٿو ڪري. رڳو هڪ ٻه مکيه وصفون،نهايت صفائيءَ سان نقش ڪري ٿو؛ ۽ پوءِ يڪدم وڃيو انهن جي اندروني ڳجهارت ڏياشارو ڪري، ۽ انسان جي حال سان لڳائي. ڪن ڪن شاعرن جي عادت ٿيندي آهي، جوڪنهن ڳالهه کي کڻندا آهن ته ان کي پڇاڙي رکندا آهن، ۽ طرحين طرحين جي وهميرنگن ۽ روپن سان ٿڦيندا اٿس؛ ۽ پنهنجي دل جون معنائون ۽ مطلب پيا ڪڍنداآهن. پر شاه قدرت جي جدا جدا نظارن جي هوبهو تصوير ڏئي ٿو، ۽ انهن ۾ ڪابهاجائي رنگيني ۽ گلڪاري نٿو گڏي. ڏسو ته بادل جي برکا، وڄن جا چمڪا، رعد جيرڙ، پلر جي پالوٽ، ڪهڙن نه مختصر، مگر مائيدار لفظن ۾ بيان ڪئي اٿس: اڄرسيلا رنگ، بادل ڪڍئا برجن سين ساز، سارنگيون، سرندا، وڄائي برجنگ صراهيونسارنگ، پلٽيون رات پڍام تي. بادل جي رم جهم، تاڙي جي تنوار، ۽ پپيهي جيپاڪهان‘ يڪدم شاعر جي من ۾ ورن کان وڇڙيل وانڍين جو خيلا پيدا ڪري ٿي. ڪڻڪن ڪاند چت ڪئو، جهڙ پسيو جهڄن ور ري وانڍن آڏئا، پکا سي م پسن اتر ڊاهاُن جا ته ڪـﮣ کي ڪارون ڪن وارث وري تن، اچي شال اولو ڪري. مشهور سنسڪرتشاعر ڪاليداس پنهنجي ڪاويه، ’ميگهه دوت‘ (ڪڪرن جو قاصد) ۾ براتر جو بيانڪندي ساڳيو ئي خيال ظاهر ڪيو آهي: ”جڏهن سکي انسان جي دل به جهڙ ڏٺي جهڃيوپوي، تڏهن ويچار ڪريو ته انهيءَ شخص جو ڪهڙو حال هوندو، جو پرينءَ سان ڳللڳي ڳالهين ڪرڻ جو ڳولائو آهي، مگر ڏور ڏيهه ۾ آهي.“ درياه جا دور ڏسي شاعرجي دل تي دهشت ٿئي ٿي، ۽ اهو نظارو بيان ڪندي کيس ڳڻتي وڍي ٿعي،ت ه ويچاراوڻجارا جي الله جي آسري، ٻيڙين ۾ وکر وجهي، ڏورانهن ڏينهن ڏي ويا آهن، تنجي جان ۽ مال کي شل جو کو نه ٿئي. کوها ڪال کڻي، ان وڌا اتر آسري الا جهري مان جي، اولي جي اڻي وڻجارن وڻي، وکرُ وڌو ٻيڙيين. اهڙي ريت جڏهين مندن جيڦير ڦار تي عور ڪري ٿو، ته وري سفر ويل سڄڻن جي سار ٿئيس ٿي. سرن سڙيا پانداتر لڳا، آءٌ پرين مون تو ڪارڻ ڪاند، سهسين سکائون ڪيون.
    جيڪر اچي هاڻ، ته ڪريان روح رچنديون آيل چولي ساڻ، هند ڳر لڳي ڳاليون ڪريان. اهڙا مثال گهڻيئي لڀندا. اهو طريقو اعليٰ درجي جي شاعر کان سواءِ ٻئي ڪنهنجي لاءِ ممڪن نه آهي. مشهور انگڀريزي شاعر ورڊ سورٿ جي طبيعي شعر جي سڀنکان وڏي خوبي اها ڳڻي ويندي آهي.
    شآه جي شاعري ۾ رزمي شعر۔۔
    رزميشعر يعني لڙاين ۽ جنگين جو ذڪر، شاه گهڻو نه چيو آهي. سر ’ڪيدڏاري‘ کيرزمي شعر جي قطار ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. امام حسين ۽ سندس جنگ جوانن جيننڍڙيءَ ٽوليءَ جي همت ۽ بهادري، ڪربلا جي ميدان جون سختيون، کڙڳن جي کلول،رڻ جو راڙو، مانهن جو مارو، ونڪن جون ڊهون، مهاين جي وهن جي واويلا وغيره. ڪهڙي نه بي نظير نموني ۾ بيان ڪئي اٿهس. ڪٿي ڪٿي ته اهڙا اثرائتا لفظ ڪتبآندا اٿس، جو انهن شين جن لاءِ اهي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، تن جو پڙلاءُڪن ته پيو پوي، مثلاََ اُن سين طبل باز تبرون، ڪُند ڪٽارا ڪير. انگريزيشاعر ملٽن جي رزمي شعر جي هيءَ هڪ خاص خوبي ليکي ويندي آهي. شهيدن جي شهادتتي ساري فطرت ماتم ڪري ٿي. اهڙي خيال کي انگريزي شعر ۾ پئٿيٽڪ فئلسي ۽عربي ۾ مجاز عقلي ڪري چوندا آهن. حسن مير هسين کي، رُنو ٽن ٽولن گهرماڙُهين، جهنگ مروين، اُڀن ۾ ملڪن پکين پاڻ پڇاڙيو، ته لڏئو هوت وڃن الاشهزادن، سوڀون ڏيين سچا ڌڻي. جيڪي ڪانئر ٿي جنگ جو ميدان ڇڏي وڃن ٿا،ت ن جيمڙه کائڻ کان ڳجهن کي به ڪراهت اچي ٿي؛ مگر جو لڙائيءَ ۾ سورفه ٿي وڙهي سرڏئي ٿو، تنهن جي لاش تي ڳجهن جو به ڳارو آهي. ڪانئرن کي سندس زالون بهنفڀرت سان نهارين ٿيون، ۽ کين چون ٿيون: ڀڄي آيين ڀڄڻا، لڄاييءَ مون يارويٺيون ڪن ڪوار، مـﮣ مٿاها جن جا. پرجيڪي بهادر آهن، ۽ سر فدا ڪرڻ کان نٿا گسن، تن جي زالن لاءِ به فخر جيڳالهه آهي، ڪئن نه اهي دلاور زالون پنهنجي مانجهي مردن کي همٿائين ٿيون: مرمرين آءٌ روئين، موٽي ڪاند م آءٌ مڇن تو پئاءُ، ڪچا ڪنم جيڏيون. دنياگذرگاه آهي. مڙس اهو جو ڌرم يڌ، يعني غزا ۾ لڙي سر ڏئي.اڳي پوءِ نيٺ مرڻوآهي، تنهن ڪري ڇو نه فرض ادائي ڪندي ساه ڏجي. گهوڙن ۽ گهوٽن جيڻ ٿورا ڏيهڙاڪڏه منجهه ڪوٽن، ڪڏه واهي رڻ جا.قمطلب ته سڄي سر ۾ لڙائيءَ،مردانگيءَ، شجاعت ۽ فرض ادائيءَ جا بلڪل چٽا دردانگيز ۽ دلسوز بيان آهن. لفظن جي ڪثرت، تشبيهن ۽ استعارن جي نمزاڪت، جدت ۽ جوش جهلڪو ڏيئي رهيا آهن. ڪن ڪن بيتن ۾ ’مرثيي‘ جي لغار لڳل آهي. انهن ۾ جا دلسوزي ۽ رقت رچيل آهي،سا پٿر کي به پاڻي ڪيو ڇڏي.سنڌ ڏيهه ۾ ’مرثيا‘ گهڻ ئي چيا آهن، جهڙوڪ سيدثابت علي شاه، مگر شاه جو ڪلام انيهءَ باري ۾ جيتوڻيڪ ٿورو آهي، ته به بيمثال آهي.۔۔۔۔(نوٽهن شاه جي سر تي مختلف عالمن جا مختلف رايا آهن جن جو چوڻ آهي ته هي شاههجي شاعري آهي ۽ ڪن جو وري چوڻ آهي ته هي سڄو سر شاهه جي مريد احسان فقير جوآهي والله عالم۔۔)
    شآه جي شاعري ۾ مديحي شعر۔۔
    مديحيشعر لکڻ جو رواج مشرق ۾ ايامن کان جاري هو. اهڙي شعر کي عربستان ۾ ’قصيدوڪري چوندا هئا، ۽ اصل پيدائش به اتي جي آهي. عرب انهيءَ قسم جي شعر ۾ڪماليت کي وڃي رسيا هئا. ’قصيدي‘ جو مضمون اڪثر ڪري ڪنهن امير يا حاڪم جيتعريف هوندي هئي، ۽ شاعر کي اهڙي مدح لکڻ جي عيوض انعام اڪرام ملڻ جي تمناهوندي هئي. انهيءَ لالچ تي ڪيترن نالائق ۽ ڪميڻن ماڻهن جي پڻساراه، نهايت رنگين عبارت ۾ ڪئي ويندي هئي. شاه پڻ انيهءَ شعر ۾ پنهنجيطبع آزمائي ڪئي آهي. مگر ٻيا ڪنهن لالچ جي، ڇاڪاڻ ته سندس ممدوحن مان ڪوبهحيات نه هو. فقط سندن چڱين خصلتن ۽ سخاوت جون ساکون ٻڌيون هئائين، جنهن جيڪري ئي، ۽ نه ڪنهن خود غرضيءَ ڪري، انهن کي پنهنجي ڪلام جي وسيلي هميشهلاءِ زندي رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. گرچه اهو شعر گهڻو ڪونه چيو اٿس، ته بهجيڪو چيو اٿس، تنهن مان سندس خيال جي ڳوڙهائي، لفظن جي پختگي، ۽ عبارلت جينزاڪت خوب ظاهر آهي. سر ’سارنگ‘ ۾ نبيءَ سڳڪوري جي نعت نهايت چيدن لفظن ۾چئي اٿس: اڳيان ميگهه ملار، صورت تُهجي سڀ جڳُ موهيو. سجدو فيل في الحالڪئو، پسي مطلب نور نراڙ ڄاپڻ وقت ڄام جي، ڪرئا ڪوٽ ڪُفار آگي آسمانن جو،توکي ڪاريو سير ستار ولسوف يعطيڪ ربڪ، توسين قادر ڪئا قرار قادر پاڻ قسمڪئو، خاڪ قدمن جو ڪلتار ڍآهين ڪرم ڪريم جا؛ احمد ساڻ اپار اُڪنڊئا جي ابرکي، سرها ٿئا سنگهار موڪل ٿي ميهن کي، دوست هٿا دلدار. سربلاول’ ۾ سنڌ جي اڳاڻن سخي حاڪمن، جادم جکري، راهوءَ، ابڙي، سمي وغيره جيسنجيدي ساراه ڪئي اٿس. ڏسو ته جادم جکري جو سڀاءُ ڪهڙن نه جامع لفظن ۾ظاهر ڪيو اٿس: ڏمرئو ته ڏي، پرچي و ته پاٽ ڀري جُنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾سر ’پرڀاتي‘ ۾ وري لس ٻيلي جي مشهور رحمدل حاڪم سپڙ سخيءَ جي واکاڻ ڪئياٿس. سپڙ سخي هڪ اعليٰ درجي جو انسان هو، ۽ سوالي خالي نه موٽائيندو هو. شاه انيهءَ وصف کي نهايت سهڻي نموني ۾ بيان ڪيو آهي: ( نوٽ شاهه جي شاعري جي اهيا ظاهري معني ۽ مخلب ڪڍيو ويو آهي ۽ ان جو روحاني رنگ الڳ آهي) ڏاتار ته تون، ٻئا مڙئي مڱڻا ميـﮣ مدائت ا وسڻا، سدا وسين تون جي گهر اچين مون، ته ميريائي مان لهان
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    .
    شآه جي شاعري ۾ ظريفاڻو شعر۔۔
    شاهپنهنجي شعر ۾ هميشه مان ۽ شان سان نظر اچي ٿو، منجهس ڪنهن به قسم جيهلڪڙائي يا اجائي مسخري ڪانهي. حافظ ڪڏهين ڪفر ٿو بڪي، ڪڏهين موالين جيانلاتيون پيو ڪري، ڪڏهين ملن ۽ مولوين تي خندو ٿو ڪري؛ پر شاه هميشه ڳورو ۽ڳنڀير رهي ٿو. کيس هميشه اهو خيال هوندو هجو ته سندس ڪم آهي ماڻهن کيپنهنجي شعر جي وسيلي اوچي درجي تي آڻڻ. انهيءَ ڪري ظريفانو شعر گهٽ چيواٿهس. سربلاول‘ جي چوٿين فصل ۾ البت خوش مزاجي ڏيکاري اٿس. پنهنجي هڪ فقير و ڳنسان طرحين طرحين جا چرچا گهٻا ڪيا اٿس. انهيءَ شعر ۾ به ڪنهن جي تقليد نهڪئي اٿس، مگر پنهنجو نئون نمونو اختيار ڪيو اٿس. مٿال طور هڪ ٻه بيت ڏجيٿو: آسور سندو آسرو، و ڳنڌ کي وڏو جُسي ۾ جڏو، پر کئڻ تي ک ُرا کڻي.
    ٻانڊوٻيلي نه ٿئو وارو اڄ ويو پيٽر پنڌ پئو، سونهاري سيد ڏي. مضمون جي لياقتکان ساوءِ شاه جي شعر جي عبارت اڪثر ڪري هڪجهڙائي آهي. منجهس ڪنهن قسم جيپيچيدگي يا ابهام ڪونهي. ساري رسالي ۾ ابهام جا ڪي ٻه ٽي مثال مس مليسگهندا. مگر اهي به اهڙا آهن، جو آسانيءَ سان سمجهي سگهجن ٿا. مثلاََ جا هڙاندر جيءَ، ساهڙ ڏني ساه کي سا هڙ ڇڙي نه ساه جي، سا هڙ ساهڙ ريءَ ساهڙميڙ سميع، ته ساهڙ ڇُڙي ساه جي.
    ور۾ ڪونـﮣ ور، ڏيرن ور وڏو ڪئو. اگرچه شاعر عربيءَ ۽ پارسيءَ جو ماهر هو،تڏهين به نج سنڌي لفظ ۽ اصطلاح استعمال ڪيا اٿس، جن جو وٽس اکٽُ خزانو هو. اها وصف سندس ساريءَ حياتيءَ ۽ هلت چلت جي موافق آهي. جئن ته هو نهايت وطندوست هو، انهيءَ حب الوطنيءَ جا مثال، رسالي ۾ گهڻا موجود آهن.سندس دل ۾ هميشه سنڌ ۽ سنڌ جي شين لاءِ بيحد پيار هوندو هو. ڏسو ته جڏهنسر سارنگ ۾ برسات جي بي نظير بيان ڪندو پيو وڄڃي، تڏهين ڪئن نه پهريائينپهريائين پنهنجي ديس جو خيال پويس ٿو: سايم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،دوست تون دلدار عالم سڀ آبادڪرين. نه فقط سنڌي اکر ڪم آندا اٿس، پر استعارا۽ تشبيهون به اهڙيون ساديون ۽ سليس آن، جو عامين ۾ عامي مانهو به سولائيءَسان سمجهي سگهي ٿو. سندس معلومات ۽ تجربو ايتري قدرڪشادو هو، جو اهڙي ڪا صنعت يا فن نه اهي، جنهن جي اصطلاحن سان پنهنجو ڪلامنه سينگاريو اٿس. ويڄن، خلاصين، مهاڻن، ماڇين، لهارن، واڍن، ڪڙمين، ڪنڀرن،ڪورين، ڪاساين، ساڌن، فيقرن وغيره جو روزمره جي عبارتن ۽ اصطلاحن کان ڀليءَڀت واقف هو؛ ۽ انن کي نهايت خوبيءَ سان پنهنجي شعر ۾ درج ڪيو اٿس. جمادات،نباتات ۽ حيوانات جي طرحين طرحين نالن ۽ وصفن جو چڱو مايو هوس. گاني جيعلم ڏانهجن پڻ اشارا ڪيا اٿس. زناني عالم جي وات ۾، جي لفظ اڪثر ڪري هونداآهن، سي پڻ نهيت نزاڪت سان ڪتب آندا اٿس؛ جهڙوڪ ’مٺي‘، ’آئي‘، ’ٻڙي‘ ’هاري‘ ’مئي‘ ’ماري‘ وغيره، هر شيءِ کي اڪيچار نالنس ان سڏيو اٿس، مثلاََ اٺ کيچانگو‘، ’توڏو‘، ’گؤنرو‘، ’ڏاگهو‘ وغيره، ۽ تير کي ’ٻاڻ‘، ’ڪان‘، ’تنگر،سيلو‘، ’پيلو، ’لوري‘ وغيره. انسان جي دل کي ’نهائينءَڙ‘ سان مشابهت ڏئيٿٿو. جيڪڏهيننهائين برابر چڪيل نه هوندي ۽ منجهائنس ٻاڦ ٻاهر پيئين ڪرنديد ته رڇ برابرپڇينه سگهندا. اهڙيءَ طرح، جيڪڏهين عشق جي آه، عام سلبي ته عشق ڪچو ئيرهندو. نيهائيءَ کان نيـﮣ، سکُ مهجا سپرين سڙي سارو ڏيـﮣ ٻهرٻاڦ نه نڪري. عشق جي بيحد سورن کي ’ٻاڙ ٻڌي نار‘ سان ڀيٽ ڪري ٿو. جڏهينپاڻي پڙهاڏي ۾ ُڦرهين ٻوڙو ٿيندو آهي، تڏهين مالهه کي ڦرهين سان ٻڌي ڇڏينداآهن، جنهن ڪري نار نهايت هلڪو ٿي پوندو آهي، ۽ پاڻي جهجهو ڪڍندو آهي. سورنسانگهارو، ڪڏه تان ڪونه ڪئو آيل اوڀارو ٻاڙ ٻڌو ٻوڙ وهي. عاشق کي پرينءَجا گوندر ۽ غم ’ولين‘ جيان وڪوڙي ٿا وڃن؛ ۽ هو دنيا ۾ ’هرڻ‘ يا ’هماءَوانگي سرگردان آهي؛ سندس درد واري دانهن ’ڪوئل‘ جي ’ڪوڪ‘، ’چتونءَ‘ جيچانگهار‘ ۽ ’ڪونج‘ جي ’ڪرڪي‘ جهرفي آهي. عشق ’وسيهر‘ نانگ آهي. ننهنسيچاڻي‘ ۽ ’شيدنهن جئن ڪڏهين ڍاپڻ جو نه آهي، معشوق ’آسمان مثلا عاشق کاندور آهي؛ سندس تر ۽ تروکڙين ’تارن‘ جهڙيون آهن؛ ۽ سندس اکيون ’الماس‘ ياانبوريءَ‘ جهڙيون. گجگوڙ جو آواز ’منڊل‘ ۽ ’مرڌنگ‘ جهڙو آهي، انڊلٺ جا رنگچنيءَ‘ جي ’چٽن‘ جهڙا آن. خوفناڪ جبل ۽ تڪر ’هيبت جا هاٿي‘ آهن. مرشدڪامل ’باز‘ يا ’هماءَ‘ جهڙو اعليٰ همت آهي، جو هن ڌرتيءَ کان مٿي پرواز ڪريٿو‘ مگر ٺوڳي گرو هڪ ’ڳجهه‘ وانگر آهي، جا ڍونڍ جي عاشق آهي.سچو سالڪ ’هنج‘ مثل آهي، جو پاتال مان پٿون ڳولي ڪڍي ٿو؛ ۽ ڪوڙ فقير ’ڪنگ‘ مثل آهي جو ڪني دُبي مان مڇيون ماري ٿو. اهڙا انيڪ مثال ملي سگهندا. مطلب ته مٿي ڄاڻايل خوگبين ڪري، شاه جو ڪلامگهڙجي، ماڻهن جي دلين ۽ حياتيءَ سان هڪ ٿي ويو آهي، ۽ سندس ڪيترا بيت عامجام پهاڪن طور ڪتب اچن ٿا، جا ئي وڏي ثابتي آهي، سندس بزرگيءَ ۽ ڪماليت جي،جئن چنڊ جي ڪشش ڪري وير چڙندي آهي، ۽ آسپاس وارن وارياسن مڪانن تي، مهراڻجا موتي اُڇليندي آهي، تئن شاه عبدالطيف جي شاعراڻي طبع به الهام جي اثرهيٺ موج ۾ اچڍي، هن دنيا ويراني تي ڇولون ماري، امل ماڻڪن جي اوت ڪئي آهي. موج چون بر اوج شد آن بحر زخار از شرف لؤلؤي منظوم بر ساحل فگند از هر طرف.
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مددي وسيلا۔۔۔۔۔۔۔وڪيپيڊيه، شاهه جو رسالو، سنڌ سلامت جا مضمون،مقالا، سنڌي اخبارون، ڪاوش، عوامي آواز، سنڌي ادبي بورڊ جي سائيٽ، شيعه فورم، آن لائن سنڌ ڊاٽ ڪام، ماجد ڀرڳڙي صاحب جي سائيٽ،وغيره
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    تمام سٺي محنت سان ۽ نهايت پيرائتي نموني لکيل سهڻي سنڌ جي لازوال شاعر، ڀٽ جي گهوٽ لطيف سرڪار جي شاعري بابت مختلف رخن کي بهترين انداز سان بيان ڪيو ويو آهي۔ جزاڪ الله۔
    بيشڪ لطيف جي شاعري هڪ سمنڊ آهي۔ ان جي گهرائي، ڊيگهه، ويڪر ڪجهه به معلوم ڪرڻ هڪ بيحد مشڪل ڪم آهي۔
    شاهه سائين جي هر شعر جي هڪ روحاني ۽ هڪ ظاهري معنى هجڻ جي ڪري هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي ذهني ليول مطابق ان مان لاڀ حاصل ڪري ٿو۔
    بس ايترو چوندس ته ادا ممتاز وگهيو پاران لطيف جي شاعري تي لکيل سٺين تحريرن ۾ هڪ اهم اضافو ڪيو ويو آهي۔
    ۽ آخر ۾ هڪ عرض ڪندس ته منهنجي خيال ۾ شاهه سائين جي ڪا به خيالي تصوير نه ڏيڻ گهرجي ، اهو درست نه آهي۔ وڌيڪ وس وارا آهيو۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاهه لطيف جي شاعري به جي سمجهجي ته ان ۾ سڀ ڪجهه آهي ۔۔۔۔ هر شعر جون ڪيئي معنائون، ڪيئي رخ آهن ۔۔۔۔ لطيف سائين جي شاعري سچ ته ڪمال جي شاعري آهي، جنهن تي اسانکي فخر آهي۔ ڪاش اسان ان جي سمايل پيغام کي سمجهي سگهون۔۔۔۔۔

    ممتاز سائين ۔۔۔ لاجواب ليک جوڙيو اٿو ۔۔۔ شال سدا سلامت هجو

    شاهه سائين جي هن شعر کي ته ڏسو ۔۔۔

    الله جيئن نالو تيئن مون وڏو آسرو ۔۔۔۔۔ يا وري هي سٽ

    جيڏو تنهنجو نانءَ ٻاجهه به اوڏيائي مڱان ۔۔۔۔

    هاڻي رب جو نالو ڪيڏو وڏو آهي، رب جو نالو ڪيڏو وڏو ۽ وسيع آهي ۽ لطيف اوڏي ئي ٻاجهه ٿو گهري ۔۔۔۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    محترم ممتاز وگهيو جو هڪ لاجواب موضوع شاه سائين جو رسالو به آن لائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بهترين محنت ٿيل ونڊ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    بيشڪ لطيف جي شاعري هڪ سمنڊ آهي۔ ان جي گهرائي، ڊيگهه، ويڪر ڪجهه به معلوم ڪرڻ هڪ بيحد مشڪل ڪم آهي۔شاهه سائين جي هر شعر جي هڪ روحاني ۽ هڪ ظاهري معنى هجڻ جي ڪري هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي ذهني ليول مطابق ان مان لاڀ حاصل ڪري ٿو ڀاء ممتاز قريشي صاحب مان توهان جي هن راء سان اتفاق ٿو ڪريان، ۽ اهيا حقيقت آهي ته شاه جي شاعري هڪ وڏو سمنڊ آهي ۽ هر محقق پنهنجي ذهني حيثيت مطابق انهيء سمنڊ مان موتي ڳلوهي کڻي ٿو اچي، ۽ هر محقق (شاهه جي عاشق ) جو ڪمال آهي، شاه صاحب جي شاعري امن شانتي پيار ء محبت جو درس ڏئي ٿي. شاه صاحب جو اهو اسان تي وڏو احسان آهي جو اهڙي لازوال ۽ ڪمال واري شاعري سنڌي ٻولي کي ڏئي ڪري سنڌي ٻولي کي مالا مال ڪري ڇڏيو آهي۔ توهان سنڌي ادب مان اگر شاه جي شاعري ۽ سندس شخصيت کي الڳ ڪندا ته توهان کي سنڌي ادب خالي خالي ۽ اڻ پورو لڳندو۔ ڀٽائي جو فڪر دنيا ۽ آخرت سنوارڻ جي پنڌ جوپڻ ڏس پتو آهي،
    شاه جي شاعري مان ڪجهه بيت ڏيان ٿو جنهن ۾ توحيد کان وٺي رسالت تائين، ۽ رسالت کان وٺي صحابن جي تعريف ۽ اخلاقيات تائين، اخلاقيات کان وٺي تصوف تائين، نيڪي ڪرڻ جي حڪم کان وٺي بدي کي ڇڏڻ تائين، ۽ وهم وسوسا توهم پرستي، ۽ قبرپرستي کي ندڻ کان وٺي دل جي پاڪائي تائين، صبر تحمل کان وٺي جهاد جي فلسفي تائين جو تفصيلي ذڪر ڪيل آهي​
    شاه صاحب جي شاعري ۾ توحيد جو ذڪر ۽ سبق
    تان وڃيو ڪيئن ، نائين سر ٻين جي
    وحده لا شريڪ له، جان تون چئين اي
    تان مڃ محمد ڪارڻي نرتون منجهان نينهن
    شاه جي شاعري ۾ حضرت محمد صلم جي رسالت جو ذڪر
    وَحدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛
    تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛
    اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا.
    شاه جي شاعري ۾ نماز روزي سنتن توبه ، تسبيح ۽ سنڌي راه جو ذڪر
    وحده لا شريڪ له چئي چوندو آءُ
    فرض واجب، سنتون تنئون ترڪ م پاءِ
    توبه سندي تسبيح پڙهڻ سان پڄاءُ
    نگا پنهنجي نفس کي ڪا سنئين راه سونهاءِ
    ته سندي دوزخ باه تو اوڏيائي نه اچي
    شاه جي شاعري ۾ پير پرستي ۽ قبر پرستي کي ندڻ جو ذڪر
    پوڄا ڪارڻ پاڻ کي شرڪ شيطاني شر
    پوڄا جهڙو پاڻ ڌڻي، ٻيو پير نه پيغمبر
    هڪڙا پوڄاري پيرن جا، ٻيا بتن جا بدتر
    ٻنهي واٽون ورسجي ، ناحق وڌو پاڻ کي
    شاه جي شاعري ۾ صحابه ڪرام جو ذڪر، خاص چار يارن جو ذڪر
    جوڙي جوڙ جهان جي پاڻ ڪيائين پروار
    حامي حادي هاشمي ،سردارن سردار
    سونهين صحابن سٿ ۾ منجهه مسجد مڻيادار
    چارئي چڱا چوڌار،هئا هيڪاندا حبيب سين
    ادا مطلب ته شاهه صاحب رح جي شاعري ۾ اهڙي ته لچڪ آهي جو هر ماڻهون پنهنجي پنهنجي فڪر مطابق ان کي پيش ڪري ٿو، ۔۔ اسان جي سنڌ جي ڪيترن عالمن اديبن ۽ محققن شاهه صاحب جي شاعري تي تحقيق ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، جن مان ڪافي ڊاڪٽريٽ جا ٿيسز ڇپجي مارڪيٽ ۾ پڻ پهچي ويا آهن ۽ ڪجهه ته اليڪٽرانڪ صحولت ۾ اچي ڇڪا آهن جن مان ڪجهه جون لنڪس سنڌ سلامت جي دوستن لاء هيٺ ڏجن ٿيون،​

    شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ محترمه فهميده حسين ميمڻ جو لکي لآهي، جنهن تي کيس ڪراچي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني . سندس نگران قابل احترام ڊاڪٽر محمد اياز قادري(مرحوم) هو. محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ صاحبه سنڌي ادب جي ماياناز ليکڪه آهي جيڪا هڪئي وقت ليکڪه، شاعره، محقق، لسانياتي ماهر ۽ سماجي ڪارڪن به رهي آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ سان گڏ ڪيترن ٻين ادارن جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبر پڻ رهي آهي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ’ڪلاچي‘ جي ڏهن سالن تائين ايڊيٽر رهي، گڏوگڏ سندس مقالا ۽ تحقيقي مضمون به ڇپجندا رهيا.

    هي مقالو سائين محترم جناب غلام نبي سڌايو صاحب جن لکيو آهي ڊاڪٽر صاحب هڪ بهترين محنتي اديب آهن، سندس هي مقالو مون پاڻ پڙهيو آهي، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هن ٿيسز جي مهاڳ ۾ لکن ٿا ته۔۔۔ سنڌي ٻولي ۾ به علامتن جو استعمال بهترين اظهار جو هڪ وسيلو آهي، جنهن ۾ سماج جي ڏاهپ، سونهن،۽ سادگي جا سڀ پهلو نمان نظر اڇن ٿا۔
    ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي شاهه صاحب جي فن، فڪر، شاعريءَ، تصوف ۽ ان وقت جي تاريخي ۽ جاگرافيائي حالتن تي انگريزيءَ ۾ “Shah Latif of Bhit” (جنهن جو ترجمو ”ڀٽ جو شاهه“ جي نالي سان عطا محمد ڀنڀري ڪيو) جي نالي سان ڪتاب لکيو. چئي سگهجي ٿو ته شاهه صاحب جي سوانح ۽ فڪر تي ان وقت تائين جيڪي به ڪتاب لکيا ويا، انهن مان هي ڪتاب سڀ کان نرالو آهي ۽ تحقيقي حوالي سان به هڪ نئون رخ ملي ٿو۔ شاهه صاحب جو هي ٿيسز به مون وٽ ڪتابي صورت ۾ موجود آهي، جيڪو مون اڄ کان تقريبن 15 سال پهرين به پڙهيو هو ۽ وري هاڻ به پڙهيو آهي۔​
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف
    ڊاڪٽر شاهنواز سوڍرپروفيسر علامه غلام مصطفيٰقاسمي صاحب جي رهبريءَ ۾ ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيفتيPh.Dڪرڻ لاءِ تيارُ ٿي ويو. الله تعاليٰجي مهربانيءَ سان پنهنجي رَهبر جي رهبريءَ هيٺ، سنڌ يونيورسٽيءَ مان 15 ڊسمبر 1987ع تيPh.Dٿيسز مڪمل ڪئي ۽ 1988ع ۾سنڌ يونيورسٽيPh.Dجي ڊگري ايوارڊ ڪئي، جنهنجومسوده سنڌالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ رکيل آهي، جيڪو پڻ مون وٽ ڪتابي صورت ۾ موجودآهي، مگر افسوس جو اليڪٽرڪ صحولت جي صورت ۾ ملي ڪو نه ٿو،
    شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار
    ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي سمون صاحب جو لکيل تحقيقي مقالو ”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار“جنهن تي کيس ڪراچي يونيورسٽي پاران ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملي هُئي سنڌ جي نامياري پبليڪيشن ”روشني“ پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي ، هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام ۾ مرد ڪردارن تي تحقيق جي حوالي سان تمام زبردست کوجنا ڪئي آهي هي ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ ته لازمي لازمي آهي ڇو جو لاکيڻي لطيف جي ڪلام جي هر پهلو جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان ئي هو سنڌ جي گهوٽ لطيف سائين جي آفاقي ڪلام سان پنهنجي لازوال محبت جو حق ادا ڪري سگهن ٿا، 450 صُفحن جو هي ڪتاب بازار ۾ آساني سان توهان کي ملي سگهي ٿو هن ڪتاب جي قيمت صرف 500 روپيه آهي اسان جو فرض ٿئي ٿو ته اسان پنهنجي سنڌي ڪتابن کي پڙهون ، اهي ڪتاب پڙهي انهن تي عمل به ڪريون
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماشاءِ الله سائين وگهيا صاحب ڀلا ڪئي ڀلارا ڀلو ڪندئي ڀلارو ۔
    اصل دل خوش ٿي وئي ۔
    جاڏي پير تاڏي خير ۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    محترم ممتاز قريشي جي هن ڳالھ سان سهمت آهيون .
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين
    ادا هي بيت ڪهڙي سُر ۾ آهي؟
    جوڙي جوڙ جهان جي پاڻ ڪيائين پروار
    حامي حادي هاشمي ،سردارن سردار
    سونهين صحابن سٿ ۾ منجهه مسجد مڻيادار
    چارئي چڱا چوڌار،هئا هيڪاندا حبيب سين
    مون کي شاه سائين جو رِسالو ياد ناهي، پر هِي بيت ياد اٿم، آخري سِٽون، توهان هِتي لکيو آهي، ڏِسي ڪري ڏاڍي خوشي ٿي آهي، پاڻ ڪريمن جي صحابن ۽ چار يارن باري ۾ آهي پر اِهو ڪهڙي سُر ۾ آهي، مهرباني فرمائي ٻُڌائيندا ته لک قُرب۔۔۔​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    منهنجي هن ادنا ڪم کي پسند
    ڀاء هي بيت شاهه جي سر ڪلياڻ.
    فصل پهريون. ۾ آهي، بحواله۔ شاه عبد اللطيف ڀٽائي رح جو رسالو.مرزا قليچ بيگ رح. صفحه _11سنڌي لينگوئيج اٿارٽي،حيدرآباد_سنڌ سن
    2007​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين
    مهرباني سائين رهنمائي فرمائڻ جي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا ممتاز قريشي صاحب توهان جي چوڻ تي شاهه صاحب جي خيالي تصوير هتان هٽائي وئي آهي، ادا مان پڻ شاهه جي هن تصوير مان مطمعن نه آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اميد ته توهان هن عمل تي مطمعن ٿيندا۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ دفعي جي ع منگهاڻي صاحبه سان فون تي ڳالهه ٿي هئي ۔۔۔ شايد سنڌ سلامت ڪيلينڊر پهچڻ کانپوء هن پاڻ رابطو ڪيو هو۔ جنهن ۾ هنن اها تاڪيد ڪئي هئي ته شاهه سائين جي خيالي تصوير ڏيڻ بجاء شاهه لطيف جي روضي جي تصوير ڏيندا ڪريو ته بهتر آهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو