• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پڇڙ تارو جي نموداري

هوشو هيمون

سينيئر رڪن
چون ٿا ته 3 ڊسمبر تي پڇڙ تارو نمودار ٿيندو جنهن لاءِ بي بي سي جي ويب سائيٽ جي لنڪ ڏئي رهيو آهيان۔ ان تي دوست پنهنجي ڄاڻ ڏين مثال طور ، ڇا اهو پڇڙ تارو پاڪستان ۾ ڏسي سگهبو جي ها ته ان جو وقت ۽ ڪهڙي هنڌ تي نظر ايندو تاڪ سڄڻ سڀيئي ڏسي سگهن۔
http://www.bbc.co.uk/urdu/science/2013/11/131123_ison_comet_earth_rh.shtml
 
بي بي سي جي لنڪ تي اهو ڏنل ناهي ته اهو ستارو ڪهڙن علائقن ۾ نظر ايندو ۔۔۔ پر اڳتي هلي سڀ خبرون پونديون، ڪيئي ڳالهيون هلنديون ۽ ڪيئي خدشا جنم وٺندا ۔۔۔۔ خير ڊسمبر پري ناهي۔
 
2zebjm8.jpg
 
2r6i2o8.gif

سائنسدانن جو چوڻ آهي آئسن پڇڙ تارو اورٽ ڪلائوڊ ۾ گذريل ساڍن چار ارب سالن کان وڌيڪ عرصي کان موجود آهي. سڄي دنيا جا فلڪياتي ماهر هن پڇڙتاري تي سج سان ويجهڙائي وارن اثرن جي مشاهدي جا منتظر آهن. هي پڇڙتارو خميس ڏينهن برطانوي وقت موجب شامل 6 لڳي 35 منٽن تي سج جي سڀ کان وڌيڪ ويجهو رهڻو هو. آئسن کي امڪاني طور تي صدي جو پڇڙ تارو قرار ڏنو پيو وڃي پر امڪان آهي ته سج جو تاءُ ڪشش ثقل ان کي زمين ڀرسان پهچڻ کان پهريان ئي تباهه ڪري سگهي ٿي، ڪجهه سائنسدان چون ٿا هن تاري تي سج جي ويجهڙائي جا هاڻي کان ئي ناڪاري اثر پوڻ لڳا آهن. آئسن اورٽ ڪلائوڊ ( oort cloud) کان آيو آهي جيڪو اسان جي نظام شمسي جي آخري ڇيڙي تي واقع آهي. جتي تمام وڏي ۾ پڇڙ تارا موجود آهن. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته آئسن پڇڙ تارو ساڍا چار ارب سال پراڻو آهي. ڪيترائي پڇڙ تارا هڪ ڏهاڪي کان پوءِ زمين وٽان ته گذرندا آهن پر تمام گهٽ اهڙا پچڙتارا هوندا آهن جيڪي سج جي ڀرسان لنگهندا آهن. آئسن ته سج کان رڳو 12 لک ڪلوميٽر پري کان لنگهندو. جيڪو هڪ لحاظ سان سج سان صفا گسي لنگهڻ جي برابر آهي. برطانيه جي هڪ پروفيسر جو چوڻ آهي. هي باهه ۾ برف جو ٽڪرو اڇلائڻ برابر آهي. ان جو بچڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. تنهن هوندي به هي خوشقسمتي سان ڪافي وڏو آهي ۽ تيزي سان سفر ڪري رهيو آهي. تنهن ڪري هي سج جي ويجهو گهڻو وقت نه رهندو. پر پوءِ به صورتحال ڏاڍي غير يقيني آهي. جيڪڏهن هي ستارو سج جي مدار کان صحيح سلامت نڪري اچي ٿو ته سائنسدان اميد ڪن ٿا ته ڏهه لک ڪلو ميٽر جي في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندڙ آئسن 3 ڊسمبر تي زمين جي اوڀر واري افق تي ظاهر ٿيندو ۽ اهو اهڙو نظارو هوندو جيڪو ايندڙ نسل تائين ٻيهر نه ڏسي سگهبو. لکين ماڻهو هن جي ڊگهي پڇڙي ڏسي سگهندا. سائنسدانن کي هي به خدشو آهي ته آئسن جو حال به اهو ئي ٿيندو. جيڪو سن 2011ع ۾ لو جواءِ (love joy) نالي هڪ پڇڙ تاري جو ٿيو هو. جڏهن اهو سج جي ڀرسان لنگهيو هو سج جي ڪشش ثقل ان پڇڙتاري جي هڪ پاسي کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو جنهن ڪري لو جواءِ ويڪرو ٿي ويو جڏهن اهو سج جي مدار کان نڪتو ته ٽٽي ويو سو ٿي سگهي ٿو آئسن سان به ساڳيو ئي حشر ٿئي. پر ان جو دارو مدار هن جي نيو ڪليئس تي آهي. ڇو ته هن جو نيو ڪليئس ڪافي ڪلوميٽر آهي تنهن ڪري اهو بچي نه سگهي ٿو، هن پڇڙتاري کي هر ماڻهو انٽرنيٽ ذريعي ڏسي سگهندو ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ايندڙ ڏينهن ۾ هن تاري کي صدي جو پڇڙتارو ڪري پيش ڪيو ويندو.

عوامي آواز جي ٿورن سان

وڏيڪ معلومات لا بي بي سي اردو جي لنڪ ڏسو:
’دمدار ستارہ آئسن سورج کی تپش برداشت کرنے میں کامیاب‘

’صدی کے دمدار ستارے‘ آئسن پر کڑا وقت

آئسن کا ممکنہ راستہ


(نوٽ: اهي مضمون ۽ لنڪون صرف معلومات گڏ ڪري هڪ جا تي اڻڻ لا ڪيو ويو آهي ، جئين دوستن کي هڪ جا تي ان پڇڙ تاري بابت وڌ کان وڌ ڄاڻ ملي سگهي )
 
Back
Top