بلڪل سائين زندگي مختصر آ ۔۔۔ ڪا خبر ناهي ته اها ڪهڙي گهڙي آهي جيڪا هن ساه جي سڳي کي اسان جي هن جسم کان ٽوڙي الڳ ڪندي۔، مگر سائين اهيا به حقيقت آهي ته انسان کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، ۽ هن دنيا جي ۽ آخرت جي زندگي جي ڀرپور نموني ۽ ايمانداري سان بهتري لاء ڪوشش ڪجي۔۔۔ اگر اسان پنهنجو وقت وڃايو آهي ته ان تي به مايوس نه ٿيڻ گهرجي ۽ موٽ ڪرڻ گهرجي۔
ترجمو:
- (اي پيغمبر! ماڻهن کي منهنجو پيغام) ٻڌاءِ ته اي منهنجا بندؤ جن (منهنجي واٽ ڇڏي بدعمل ڪري) پاڻ تي پاڻ زيادتي ۽ ظلم ڪيو آهي سي خدا جي رحمت مان اميد نه لاهيو، (جيڪڏن هاڻي به منهنجي ڏيکاريل واٽ تي هلڻ شروع ڪيو ته مان به رحمت جي موٽ ڪندس). يقيناً الله تعاليٰ (ان حالت ۾) سڀ گناهه بخشي ٿو ڇڏي. يقيناً هو وڏو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.
- (پر شرط هي آهي ته) پنهنجي پروردگار (جي ڏيکاريل راه) ڏي موٽو (يعني قرآن مجيد تي عمل ڪيو) ۽ سندس پوري پوري فرمانبرداري ڪيو ان کان اڳي جو توهان تي عذاب اچي وڃي. (عذاب جو وقت اچي ويندو ته) پوءِ توهان کي ڪابه مدد ملي نه سگهندي.
زندگي بابت مختلف سوچ رکندڙ ماڻهن جا تاثر۔
پروفيسر( استاد) چيو زندگي خوبصورتي جو نالو آهي۔
شاگرد چيو زندگي امتحان جو نالو آهي۔
عالم چيو زندگي علم جو نالو آهي،
درويش چيو زندگي دنيا ترڪ ڪرڻ جو نالو آهي
غريب چيو زندگي مزدوري ۽ مشڪلات جو نالو آهي۔
دوست چيو زندگي وفا جو نالو آهي
محبوب چيو زندگي محبت ڏيڻ وٺڻ جو نالو آهي
عاشق چيو زندگي ملاقات جو نالو آهي۔
سهڻي ڪردار چيو زندگي اخلاقيات جو نالو آهي۔
گل چيو ته زندگي خوشبوء جو نالو آهي۔
دل چيو زندگي ڏکن جو نالو آهي۔
عقل چيو زندگي اڳتي( دنياوي ۽ روحاني ) وڌڻ جو نالو آهي،
زندگي خد پاڻ چيو ته مان مختصر آهيان
هڪ سوال زندگي جو ڇا مطلب آهي؟
زندگي جو ڇا مطلب آهي؟ مان پنهنجي زندگي جو مقصد، تڪميل ۽ اطمينان ڪيئنحاصل ڪري سگهان ٿو؟ ڇا مان ڪنهن شئيءَ جو دائمي مطلب پورو ڪرڻ جي طاقترکندس؟ ڪيترائي ماڻهو ڪڏهن انهيءَ ڳالهه تي غور ڪرڻ بند نه ڪندا آهن تهزندگي جو مطلب ڇا آهي. هو سالن کان پوءِ، پٺيان مڙي کي ڏسن ٿا ۽ حيران ٿينٿا ته ڇو انهن جا تعلقات خراب ٿي ويا ۽ ڇو هو گهڻي اڪيلائپ محسوس ڪندا آهن. حالانڪه هو سڀ ڪجهه حاصل ڪري چڪا هوندا آهن جيڪو ڪجهه پورو ڪرڻ جو انهن سوچيو هو۔۔ (کنيل ڪوٽيشن۔عيسايت جي سائيٽ۔)
هڪ خيال هڪ سوچ هڪ ويچار زندگي جي باري ۾۔
زندگي ڇا آهي؟ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عوامي آوازسروي رپورٽ: عمير علي ميمڻ
جواب: زندگي خدا جو ڏنل هڪ انمول تحفو آهي، زندگي ۾ هميشه سچ ڳالهائڻگهرجي، سڀني جي عزت ڪرڻ گهرجي، پنهنجي ڪردار کي ايترو بلند ڪرڻ گهرجي تهڏسڻ وارو چئي ته هيءَ کي زندگي آهي.
زندگي هڪ نعمت آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن مشڪلاتن جي وجهه سان هي نعمت زحمت بڻجي ويندي آهي. (فرزانا چانڊيو-مٺياڻي)
زندگي الله تعاليٰ جو ڏنل انمول تحفو آهي، جنهن کي صرف الله جي بندگي ۾ گذارڻ گهرجي.
مزدور چيو زندگي مزدوري جو نالو آهي، هاري چيو زندگي کيڙي جو نالو آهي پرآئون چوان ٿو ته زندگي خدا تعاليٰ جو ڏنل انمول تحفو آهي، جنهن کي صرف خداجي بندگي ۽ عبادت ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي.مسلسل جدوجهد جو نالو زندگي آهي، ”جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي“زندگي ڏکن ۽سکن جي تسلسل جو نالو آهي. (عبدالعزيز بلوچ، غلام قادر خاصخيلي-ٻگهاڻ)
زندگي الله پاڪ طرفان ڏنل سڀ کان انمول تحفو آهي ۽ زندگي ڏک ۽ سک جو نالو آهي.
(شاهنواز خاصخيلي-بلڙي شاهه ڪريم)
زندگي خدا جي طرفان ڏنل هڪ انمول تحفو آهي، انسان کي گهرجي ته زندگي کيدنيا هر زنگ زخم کان بچائي. (ايڊووڪيٽ قمر جعفر نهڙيو- گلستان جوهر ڪراچي)
زندگي قدرت جو عطا ڪيل بي بها تحفو آهي، ان کي صحيح معنيٰ ۽ مقصد ساناستعمال ڪجي جيئن انسانذات کي ڪو فائدو پهچي سگهي. (زوهيب گل قاضي-رتوديرو)
زندگي الله جي طرفان ڏنل هڪ نعمت آهي، زندگي گذارڻ جو مزو تڏهن آهي جڏهنٻين جي لاءِ جيءُ جي، موزي تنگ چيو هو ته ”توهانجي زندگي قوم جي امانتآهي“، اهي ماڻهو جن پنهنجي زندگي پنهنجي قوم جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي اڄاهي مرڻ کانپوءِ به زنده آهن، ڪافي اهڙا ماڻهو آهن جن جي زندگي جو مقصدغريب ۽ بي بس ماڻهن تي ظلم ڪرڻ آهي، قوم ۽ ملڪ جي دولت لٽين ٿا ۽ ڪافي اهڙاماڻهو آهن جن جي زندگي ڏکن ۽ سورن ۾ گذرندي آهي جن جي گهرن ۾ کائڻ لاءِڪجهه نه هوندو آهي، آخرڪار هو بک ۽ ظلم کان تنگ ٿي خودڪشي ڪندا آهن ۽ غربتجي ڪري پنهنجي جگر جا ٽڪڙا وڪڻي ڇڏيندا آهن، اڄ انهن جي زندگي خود سواليهنشان آهي.
(آزاد ولي محمد ميمڻ-ٺٽو)
زندگي اها آهي جيڪا اسان گذاري رهيا آهيون، زندگي خوشي، غم، سک ۽ ڏک جونالو آهي، زندگي هڪ اهڙو خوبصورت لمحو آهي جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي جو ڪو بهپتو ناهي، زندگي جو مقصد سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ نه هوندو آهي بلڪه زندگي ڪجههحاصل ڪرڻ ۽ ڪجهه وڃائڻ جو نالو آهي.
(فلڪ ناز سڪندر-گلستان جوهر ڪراچي)
زندگي هڪ سمنڊ وانگر آهي، جنهن ۾ ڪڏهن ڏک جا طوفان ۽ آزمائش جا سيلاب اينداآهن ته ڪڏهن سک جون ٿڌيون هوائون ته ڪڏهن پيار جون پياريون ڇوليون اينديونآهن.
(محمد اعظم گهراڻو-نصرپور)
زندگي اڻٿڪ جدوجهد جو نالو آهي. (آزاد انور سنڌي)
زندگي پيار آهي، زندگي مزو ماڻڻ جو نالو آهي، زندگي هڪ فلم آهي ۽ سڀ انسان ان جو ڪردار آهن.(فريد پالاري-جهمپير)
زندگي چئلينج آهي اهو چئلينج اسان کي هر حال ۾ قبول ڪرڻو آهي.
(ضمير حسين چانڊيو-فريدآباد)
زندگي جدوجهد جو نالو آهي، زندگي پيار، محبت ۽ عشق آهي، محبت کان خاليزندگي ڪنهن ڪم جي ناهي ۽ جدوجهد کان سواءِ انسان ڪا معنيٰ نٿو رکي، مطلب تهمحبت ۽ جدوجهد زندگي جي ثابتي آهن جن کانسواءِ زندگي، زندگي نٿي رهي. (محمد علي جوکيو-دولتپور صفن)
زندگي جو مقصد پنهنجو پاڻ سڄاڻڻ ۽ هن ڪائنات کي سمجهڻ ۾ آهي، ٻي صورت ۾ زندگي فضول ۽ عذاب آهي. (لطيف جوڻيجو-ڏوڪري)
زندگي الله جي ياد جو نالو آهي، زندگي حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم سانمحبت جو نالو آهي، زندگي حضور پاڪ صه جن جي سيرتي تي عمل ڪرڻ جو نالو آهي،زندگي الله تعاليٰ جي مخلوق سان محبت ڪرڻ جو نالو آهي، حضرت علي عه جو قولآهي ته ”زندگي 2 ڏينهن جي آهي، هڪ ڏينهن توهان جي حق ۾ ۽ هڪ ڏينهن توهان جيخلاف، جنهن ڏينهن توهان جي حق ۾ هجي ان ڏينهن غرور نه ڪجو، جنهن ڏينهنتوهان جي خلاف هجي ان ڏينهن صبر ڪجو“، زندگي ٻين کي فائدو پهچائڻ جو نالوآهي، جيڪڏهن توهان ڪنهن کي فائدو نٿا ڏئي سگهو ته نقصان به نه رسايو، اهائي زندگي آهي. (منصور گبول-گلشن اقبال ڪراچي)
زندگي زنده دليجو نالو آهي. (ميوا رام-جهول)
زندگي هڪ امتحان آهي، جنهن جو پيپر آئوٽ ٿي چڪو آهي، هن پيپر جو وقت تمام گهٽ آهي ۽ پيپر ڏاڍو مشڪل آهي. (جاويد حسين چنا-نصيرآباد)
زندگي الله تعاليٰ طرفان ڏنل انمول تحفو آهي ۽ زندگي ۾ جيڪڏهن انسان ڪنهنمظلوم جو ساٿ ڏئي ۽ ظالم سان مقابلو ڪري حق ۽ سچ تي هلي اها زندگي ڪڏهن گلنجي سيج ته ڪڏهن ڪنڊن جي سيج آهي پر زندگي مان ڪڏهن به نا اميد ناهي ٿيڻواها آهي زندگي.
(محمد هاشم سمون، عبدالڪريم لنڊ-تلهار)
زندگي الله پاڪ جي نعمت آهي، انسان کي پنهنجي زندگي ۾ الله پاڪ ۽ رسول پاڪجي دين، نماز، نيڪي ڪرڻ، غريب انسان جي مدد، محنت مزدوري، دين جي دعوت ۽ هرانسان جي ڏک سک ۾ شريڪ هجڻ گهرجي
(پهلوان عبدالغفور مينگل-گڏاپ ٽائونسونگل)
زندگي الله سائين جو انسان کي ڏنل بهترين تحفن مان ڏنل هڪ خوبصورت ۽ انمول تحفو آهي.
(خالد محمود کهوڙو-بلاول شاهه نوراني ڳوٺ ڪراچي)
زندگي خوب کان خوب تر تلاش ڪرڻ جي حاصلات جو نالو آهي. (ولي دائودپوٽو-حيدرآباد)
زندگي هڪ بي وفا جو نالو آهي. (زوهيب عباسي-باڊهه)
زندگي ڏکن ۽ سکن جي سونهن جو نالو آهي. (ساگر محمد عثمان جت-ڳاڙهو)
زندگي سڪي جي ٻن پاسن وانگر آهي، هڪ خوشي ته ٻيو غم، زندگي موت جي امانيآهي، زندگي ٻرندڙ ڏيئي مثل آهي، ڪنهن به مهل اجهامي سگهي ٿي. (عاجز اللهبخش شولائي-ڳاڙهو)
منهنجي خيال موجب زندگي درد جو درياهه آهي ٻيو ڪجهه به نه. (ونود ڪمار پنهور-شهدادپور