ممتاز قريشي
سينيئر رڪن
اسان مان ڪيترن ئي ماڻهن کي پتي ۾ پٿريون موجود هونديون آهن پر انهن کي خبر نه هوندي آهي ڇو جو کين ڪا به تڪليف محسوس ناهي ٿيندي ۽ جڏهن اتفاقي طور تي ڪنهن ٽيسٽ وسيلي کين اها خبر پوندي آهي ته اُهي پتي جي پٿرين جو ٻڌي ڊڄي ويندا آهن پر حقيقت اها آهي ته پتي جي اها پٿري يا پٿريون جيڪي اتفاقي طور تشخيص ٿين ۽ جن جي موجودگي سان ڪا به تڪليف يا ڪا به علامت نه هجي ته ان لا پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت نه آهي ڇو جو اهڙين پٿرين کي آپريشن ڪرائي ڪڍڻ يا انهن لا ڪنهن دوا جو تجويز ڪرڻ قطعي غير ضروري آهي۔
جيڪڏهن ڪنهن کي پتي ۾ پٿري هجڻ سان هڪ ٻه ڀيرا تڪليف ٿي هجي ۽ اها تڪليف دوا کائڻ سان ختم به ٿي وئي هجي ته اهڙن ماڻهن کي به ڪنهن قسم جي وهم ڪرڻ جي ضرورت نه آهي۔ ڇو جو ان ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته زندگي ۾ ٻيهر ڪڏهن به انهن کي ٻيهر ان پٿري سان ڪا به تڪليف نه ٿئي۔
پتو(Gall bladder) ڇا آهي۔۔۔؟
پتو (Gall bladder) جسم جو هڪ اهڙو ننڍڙي ڳوٿري وانگر عضوو آهي جيڪو اسان جي جگر (Liver) جي بلڪل هيٺان موجود هوندو آهي۔ پتو اصل ۾ هاضمي ۾ مدد ڪندڙ هڪ عضوو آهي۔هي جگر ۾ ٺهندر هڪ رطوبت بائيل (Bile) کي ڪجهه وقت لا گڏ ڪري رکندو آهي۔ جڏهن اسان کاڌو کائيندا آهيون ته اها رطوبت پتي مان نڪري ننڍي آنڊي ۾ ايندي آهي ته جيئن اهو کاڌو هضم ٿي سگهي۔
پتو (Gall bladder)مختلف نلين ذريعي جگر ۽ ننڍي آنڊي سان جڙيل رهي ٿو۔ هڪ نلي جگر مان بائيل (Bile) نالي هاضمي جي رطوبت پتي ۾ پهچائڻ جو ڪم ڪري ٿي ۽ ٻي نلي اها ساڳي رطوبت (بائيل) کي ننڍي آنڊي ۾ پهچائڻ جو ڪم ڪري ٿي۔
اسان جڏهن خوراڪ کائيندا آهيون ته اسان جو معدو ۽ ننڍو آنڊو ان خوراڪ سان ڀرجي ويندو آهي، جنهن جي ڪري ڪجهه هارمونز آنڊي مان خارج ٿيندا آهن۔ انهن هارمونز جو ڪم پتي مان اها رطوبت (بائيل) ڪڍڻ آهي۔
پتو جسم ۾ نه هجڻ باوجود اسان جي هاضمي جو سسٽم درست ڪم ڪندو رهي ٿو ڇو جو پتي جي غير موجودگي ۾ اها رطوبت سڌو سنئون جگر مان نڪري ننڍي آنڊي ۾ پهچندي آهي۔جيتوڻيڪ اهڙي صورتحال ۾ رطوبت ڪجهه گهٽ مقدار ۾ پهچي ٿي (ان ڪري اهڙن ماڻهن کي کاڌا به گهٽ ۽ وقفي وقفي سان کائڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي) پر اسان جي هاضمي تي ڪو خاص اثر نه پوندو آهي۔
جڏهن جگر ۾ ٺهندڙ بائيل(Bile) ۾ موجود جزن ۾ گهٽ وڌائي ٿي وڃي ته پتي ۾ پٿري ٺهڻ جو خطرو به وڌي ويندو آهي۔
مثال طور:
- ڪوليسٽرول جي گهڻائي۔
- پتي جو کاڌو کائڻ کانپو پنهنجو ڪم درست طرح نه ڪرڻ۔
- موروثي بيماري (Genetics)
- جسم ۾ چڪنائي، چرٻي جي گهڻائي
- ٿولهه
- پتي جو ڪنهن به سبب کان گهٽ ڪم ڪرڻ
- غير متوازن غذا
- وڏي عمر (خاص طور تي عورتن ۾ ڪجهه هارمونز جي گهٽ وڌائي جيڪري پتي ۾ پٿري جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي۔)
- شگر جي بيماري
- وزن ۾ اوچتو گهٽتائي
پتي جي پٿرين جا قسم
پتي جون پٿريون ٻن قسمن جون هونديون آهن۔
1۔ڪوليسٽيرول مان ٺهيل پٿريون:
پتي ۾ پٿري ٺهڻ جو عمل گهڻو ڪري ڪوليسٽيرول جي ذريعي ٿيندو آهي۔ اها ڪوليسٽيرول اسان جي بائيل(Bile) جو هڪ اهم جزو آهي۔ جڏهن پتو کاڌو کائڻ کانپو به مڪمل خالي نه ٿئي ته ان ۾ پٿري ٺهڻ جو عمل شروع ٿي ويندو آهي۔پتي ۾ 80 سيڪڙو پٿريون ڪوليسٽيرول مان ئي ٺهنديون آهن۔
2۔پگمنٽ (Pigment) جون ٺهيل پٿريون:
پگمنٽ اسان جي جسم ۾موجود رنگين ڪيميڪل آهي۔ پگمنٽ ڪنهن به رنگ جو ٿي سگهي ٿو۔ اسان جي جسم ۾ وار، اکيون يا اسان جي کل جو رنگ انهن مختلف پگمنٽس جي موجودگي جي ڪري ئي آهي۔ بليريوبن (Bilirubin) به هڪ قسم جو پگمنٽ ئي آهي۔ جنهن جي گهڻائي سان اسان جو جسم پيلو ٿي ويندو آهي۔جنهن کي عام زبان ۾ سائي (Jaundice) چوندا آهن۔ اها بليريوبن جگر ۾ ٺهندي آهي ۽ هڪ نالي جي ذريعي پتي ۾ گڏ ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ اسان جي ننڍي آنڊي ۾ پهچي هاضمي جي عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي۔ پتي ۾ ٺهندڙ پگمنٽ جون پٿريون اصل ۾ بليريوبن جون ٺهيل هونديون آهن۔
مثال طور: واري جي ذرن جيتريون، ٻج جيتريون يا وري ننڍن وڏن پٿرن جيتريون۔۔
اڪثر ڪري پتي جون پٿريون بيماري جو ڪارڻ نه بڻجنديون آهن۔ انڪري انهن جو علاج به نه ڪيو ويندو آهي پر جيڪڏهن اُهي پتي ۾ يا پتي مان نڪرندڙ نالين ۾ انفيڪشن ڪرڻ لڳن يا انهن نالين کي بند ڪرڻ لڳن ته پو علاج ڪرائڻ ضروري هوندو آهي۔
پتي جي پٿري جون علامتون۔۔۔۔
اڪثر ماڻهن کي پتي ۾ پٿري هجڻ باوجود ڪا به علامت نه هوندي آهي۔ انهن کي خاموش پٿريون (Silent stones) چوندا آهن۔
جڏهن پتي جون پٿريون تڪليف ڪرائڻ لڳن ته مريضن کي هيٺيون علامتون ٿي سگهن ٿيون۔
- پتي جي پٿري جو سُور عام طور تي پيٽ جي مٿئين ساڄي حصي ۾ ٿيندو آهي جيڪو وچ کان وٺي ساڄي پاسراٽين تائين ٿي سگهي ٿو۔
- سُور ساڄي ڪلهي ۾ يا ساڄي پاسي واري پُٺي ۾ به ٿي سگهي ٿو۔
- پتي جو سُور مسلسل يا وري وقفي وقفي سان پئجي سگهي ٿو۔
- ماني کائڻ کانپو پتو پنهنجو هاضمي جو ڪم شروع ڪندو آهي انڪري پتي ۾ پٿري جي موجودگي جيڪري ماني جي فورن بعد تڪليف ٿيڻ به ممڪن آهي۔
- بد هضمي، گيس ۽ پيٽ ۾ ڀرتي ٿيڻ۔
- جڏهن پٿري پتي مان ٻاهر نڪري پتي جي نالي ۾ ڦاسي پوي ته علامتون وڌيڪ تڪليفده ٿي وينديون آهن۔مريض کي الٽي يا الٽي محسوس ٿيڻ سان گڏوگڏ بخار ۽ ڏڪڻي به ٿي سگهي ٿي۔
- پتي مان نڪرندڙ پٿري جڏهن پتي جي نالي ۾ ڦاسي پوي يا ان کي مڪمل بند ڪري ڇڏي ته مريض کي سائي به ٿي سگهي ٿي۔اهڙي صورتحال ۾ جلد از جلد ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ ضروري هوندو آهي۔
- پتي مان نڪرندڙ پٿري هڪ تمام خطرناڪ بيماري جو ڪارڻ به ٿي سگهي ٿي جنهن کي پينڪرياٽائيٽس (Pancreatitis) چوندا آهن۔ هي لبلبي جي هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا وقت سر علاج نه ڪرائڻ سان جان ليوا به ٿي سگهي ٿي۔ انڪري پتي جي پٿري واري مريض کي جڏهن به شديد سُور پوي ته بنا دير ڪنهن مستند سرجن وٽ پهچڻ گهرجي۔
- ڪجهه مريضن کي سيني ۾ به سُور پوندو آهي۔(ياد رهي ته ساڳي تڪليف دل جي بيماري ۾ به ٿيندي آهي۔) اهڙي حالت ۾ به بنا دير ڊاڪٽر وٽ پهچڻ ضروري آهي۔