پروفيسر، ڪمپيئر، ڊراما نگار، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار
ڊاڪٽر محمود مغل
کي جنم ڏينهن جون واڌايون
_____
خواب نگر کي حقيقت ۾ بدلائيندڙ محمود مغل
محمد سليمان وساڻ
محمود مغل سان چاهيندي به ديرسان ملاقات ٿي پر کيس ٽي وي تي ڪمپئرنگ ڪندي ۽ سندس خواب نگر واري ڪالم کي پڙهندي ايئن لڳو هوم ڄڻ مان محمود مغل سان گڏ آهيان ۽ هو منهنجي حوصلا افزائي ڪندي پٺي ٺپي ٿو ۽ چوي ٿو ته سچ جي راهه تي هل اهو به محنت سان ۽ پوء ساڻس اي ميل ذريعي رابطو ٿيندو رهيو. خواب نگر بند ٿيو ته ڊاڪٽر محمود مغل سان اي ميل وارو سلسلو به ٽٽي پيو.
ڊاڪٽر محمود الحسن مغل 27 نومبر 1941ع تي سيوهڻ شريف ۾ ميان نور محمد مغل جي گهر جنم ورتو. شروعاتي تعليم حيدرآباد مان ۽ ايم بي بي ايس 1988ع ۾ ايل ايم سي مان پاس ڪيائون. 1982ع کان سنڌ يونيورسٽي جي فارميسي جي شعبي ۾ پڙهائي رهيا آهن ۽ هن وقت فزيڪل ايجوڪيشن جي ڊائريڪٽر طور پڻ پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن. هو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ آهي، هو هڪ شفيق استاد به آهي ته بهترين ڪالم نگار پڻ. محمود مغل ڊراما نگار به آهي ته حساس ڪهاڻيڪار به آهي. هو ريڊيو جوبهترين ڪمپيئر به آهي ته مڃيل اسٽيج ڪمپيئر پڻ آهي. 1975ع ۾ هن پهرين ڪهاڻي لکي، 1982ع ۾ نصير مرزا کين ريڊيو پاڪستان تي متعارف ڪرايو، 1989ع ۾ ٽي وي تي پهريون پروگرام ڪيائون. 1982ع ۾ ٽي وي لاء پهريون ڊرامو آئيڊيل لکيائون. هن وقت تائين ٽي وي لاء سنڌي ۾ 21 سيريلز سان گڏ 37 سولو ڊراما ۽ ان سان گڏ 27 اردو سيريلز ۽ ڊراما پڻ لکيا اٿس. سندس ڪاوش ۾ لکيل ڪالمن جو مجموعو خواب نگر ڇپيو به آهي ته ساڳي وقت سنڌ سلامت تي به موجود آهي.
محمود مغل کي سندس ادبي ۽ فني خدمتن عيوض پي ٽي وي پاران 7 مڃتا اوارڊ جڏهن ته 2013ع ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ڏنو ويو. ڊاڪٽر محمود مغل ٽي وي ۽ ريدِيو تي ڪيترن ئي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ سان گڏ مسلسل لکندو رهيو آهي. سنڌ جي هن ڏاهي ڏات ڌڻي جي جنم ڏينهن تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي سلام پيش ڪيون ٿا.
______
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: