• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دلمراد جي نوڪري ۽ عابده پروين جو راڳ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
1460021_10202340732617897_1142298905_n.jpg

دلمراد جي نوڪري ۽ عابده پروين جو راڳ
مونکي اسان جي خيرپور واسي دلمراد جون ڳالهيون اڪثر ياد اينديون آهن. جڏهن ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس ۾ هيو ته هڪ رات سندس ڊيوٽي آرٽس ڪائونسل ٻاهران لڳل هئي. ڊي آء جي به آيل هو سندس ڊيوٽي هئي ته بيٺل گاڏين جو ڌيان رکي.
جڏهن آرٽس ڪائونسل جي اوپن ٿيٽر ۾ عابده پروين ڳائڻ شروع ڪيو ته هي همراهه گاڏين کي ڇڏي راڳ ٻڌڻ کي لڳي ويو ۽ جهومندو رهيو. واپس ويو ته خبر پئي ته ڪو شاهينگ ڊي آء جي جي گاڏي مان دروازو کولي سٺي ٽيپ ڪڍي ويو آهي. پوء ته روز سندس ڊي آء جيءَ وٽ حاضري ۽ روز جا نوٽيس ...
مان مليومانس ته چيومانس يار تون به نوڪري کي نوڪري ڪونه ٿو سمجهين؟ هاڻي ڪيڏي ڀڄ ڀڄان ڪرڻي پوندي ۽ تنهنجي نوڪري وڃي به سگهي ٿي ... !!! چيومانس ته ته توکي ڪهڙي ضرورت پئي هئي ڪم ڇڏي راڳ ٻڌڻ جي !!!
چوڻ لڳو يار ... عابده پروين لطيف سرڪار جا ڪلام ڳائي ۽ اسان ٻاهر بيٺا هجون، نه بابا ايئن نه ٿيندو. نوڪري وڃي ته وڃڻ ڏينس، باقي عابده پروين جو راڳ ضرور ٻڌبو!!!
 
Back
Top