حضرت مولانا مفتي احمد ڀٽو سان ملاقات

'انٽرويو' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2013۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ

    حضرت مولانا مفتي احمد ڀٽو سان ملاقات



    پڊعيدن ريلوي اسٽيش لوڪو شيد حضرت مولانا عبدالحق ڀٽه مرحوم جي ڪري ۽ پڊعيدن شهر حضرت مولانا احمد ڀٽه جي حق گوئي ۽ وعظ تبليغ ڪري مشهور آهن. ڪافي ڏينهن کان ارادو هو ته حضرت مولانا احمد ڀٽه صاحب سان ملاقات ڪري انهن جي زندگيءَ جا حالات لکجن ۽ خيالات قلم بند ڪجن.
    پنهنجي پياري دوست حڪيم علي نواز شر بلوچ جي ايصال ثواب لاءِ رکيل جلسه ۾ شرڪت ۽ تعزيت لاءِ 23 جون 2010 تي وڃڻو هو جيڪو توڙي تعلقه فيض گنج (پڪا چانگ) ۾ آهي پر پڊعيدن کي ويجهو آهي. انڪري هڪ ڏينهن اڳ ۾ روانو ٿي رات پڊعيدن ۾ مولانا جن وٽ اچي رهيم ۽ صبح جي نماز کان پوءِ ماهوار شريعت لاءِ سندن حالات ۽ خيالات نوٽ ڪيم جيڪي پڙهندڙن جي لاءِ حاضر آهن...........مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ
    سوال: اوهان پنهنجي نسب، خاندان ۽ حالات تي ڪجهه ٻڌايو!

    مولانا احمد ڀٽه: مولوي احمد بن مولوي عبدالواحد بن مولانا خدابخش بن مولوي نظام الدين بن مولوي محمدعثمان بن مولانا دولت ڀٽو.
    والد صاحب مولانا عبدالواحد پارسي مڪمل پڙهيل هئا ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ زمين جو ڪم ڪندا هئا. اسان ٻه ڀائر هئاسين. منهنجو وڏو ڀاءُ مولوي عبالغفور مون کان 9 سال وڏو هو ۽ فارسي والد صاحب وٽ پڙهيو هو.
    اسان جو اصلي ڳوٺ عيدن ڀٽه تعلقه اٻاوڙو آهي. اسان جا ٻيا سڀ عزيز عيدن ڀٽه ۾ ڄايا هئا. وڏي ۽ عام بيماري جي زماني ۾ اسان جا وڏا ڏاڏا سائين ۽ بابا جن عيدن ڀٽه کي ڇڏي تعلقه ڪشمور جي ڳوٺ عمر ڀٽه ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ رهيا. اهو رئيسن ڀٽن جو ڳوٺ هو ۽ منهنجي پيدائش به انهيءَ ڳوٺ ۾ 39-1340هه مطابق 19-1920ع ۾ ٿي. اهو ڳوٺ درياءُ پائي ويو هو. موجوده عمر ڀٽا ڳوٺ پوءِ جو ٻي هنڌ ٻڌل آهي.
    منهنجي ولادت وقت سيد فخرالدين شاهه گهوٽڪي وارو اتي آيل هو ۽ رئيس ڀٽه سندس مريد هئا. منهنجو نالو به انهن رکيو.

    سوال: اوهان پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ جو تفصيل ٻڌايو!

    مولانا احمد ڀٽه: مون ابتدائي تعليم يعني قرآن مجيد، سنڌي چار درجا ۽ فارسي مڪمل پنهنجي ڏاڏي مولانا خدابخش وٽ عمر ڳوٺ ۾ پڙهي. اتي ائين ئي تعليم هلندي رهي. منهنجو ڀاءُ مولوي عبدالغفور دستاربندي ڪري موٽيو ته رئيسن ان کي عربي تعليم لاءِ رکيو. عربي پنهنجي ڀاءُ وٽ ڪوٽ لالو چوڪ جي ويجهو منهنجو پراڻو دوست ۽ حضرت مولانا عبدالحق ڀٽه مرحوم جو شاگرد حڪيم علي نواز شر بلوچ پنهنجي نالي ڳوٺ جو رهندڙ هو. انهيءَ جي وفات ٿي وئي ۽ وقت سر پهچي نه سگهيم.
    سندس لائق پٽن پيءُ جي ايصال ثواب لاءِ 23 جون 2010ع تي ديني جلسو رکيو. سندس پٽن خاص ڪري نجم الحق جو اصرار هو ته اوهان ضرور شرڪت ڪريو.
    تعزيت لاءِ هونئن به وڃڻو هو. موقعي کي مناسب ڄاڻي پياري ۽ سچي دوست زاهد شر کي چيم انشاءَ الله تعاليٰ حاضر ٿيندم.
    حضرت مولانا مفتي احمد ڀٽه سان ڪچهري ڪرڻ جي خيال سان هڪ ڏينهن اڳ ۾ پنهنجي شاگرد بلال گهوٽو کي ساڻ ڪري پڊعيدن جي ٽڪيٽ وٺي شاه رڪن عالم ايڪسپريس ۾ روانو ٿيم. جيڪا ٽي ڪلاڪ ليٽ هجڻ ڪري پڊعيدن دير سان پهتي.
    زاهد صاحب ريلوي اسٽيشن تي منتظر هو، ريل کان لهي مولانا احمد صاحب جي جامع مسجد محمدي شهر پڊعيدن پهتاسين. عشاءَ جي نماز پڙهي مولانا جي پرتڪلف دعوت ۾ شرڪت ڪئي سون. خبر پئي ته حاجي عبدالهادي شيخ جنهن جو پڊعيدن شهر ۾ مشهور مدرسو آهي، انهيءَ مدرسي جي تدريسي امور جو مدارالمهام مولانا نصيراحمد سولنگي منهنجي انتظار ۾ هتي ويهي ويهي موٽي ويا ۽ چئي ويا ته صبح جو ناشتو اسان جي مدسي ۾ اچي ڪيو.
    اتي هڪ ٻيو عالم مولوي غلام مرتضيٰ شر بلوچ خاص منهنجي ملڻ لاءِ آيو هو. مولوي صاحب موقوف عليه تائين پڙهي ڪنڊيارو جي نياڻين واري مدرسي (مدرسة البنات) ۾ ٻه سال پڙهايو آهي ۽ علم جو چڱو پختو آهي.
    عالمن ۽ استادن کان ڳالهيون سمجهڻ لاءِ سوال ڪندو آهي ته استاد
    جيڪي عموما گهڻو مطالعو نه ڪندا آهن) سوالن ڪرڻ ڪري مٿس ناراض ٿيندا آهن.
    نيت صاف سان سوال ڪرڻ طالب جو حق آهي، انهيءَ ڳالهه جي ڪري استادن کي خوش ٿيڻ گهرجي. حديث شريف ۾ آهي: "انما شفاء العي السوال" يعني، جيڪو ماڻهو بي علمي جو مرض رکي ٿو انهيءَ جي شفا سوال ڪرڻ ۾ آهي.
    اصول به آهي ته سالڪ لاءِ مرشد جي اڳيان چپ ڪرڻ مفيد آهي ۽ طالب علم لاءِ مفيد آهي استادن کان پڇڻ.
    مولوي غلام مرتضيٰ کي هيءَ به شڪايت هئي ته شرح معاني الآثار للطحاوي کي فقه حنفي جي مدرسن ۾ ڪا خاص اهميت نه ٿي ڏني وڃي. مون چيو انشاءَ الله تعاليٰ ايندڙ تعليمي سال ۾ پوري طحاوي مستقل گهنٽه ۾ پڙهائيندم.
    امام طحاوي رحه صحاح سته جي مصنفن جي ننڍن معاصرن ۾ آهي ۽ علم حديث ۾ انهن جي برابر آهي. بلڪه فقهي غموض ۽ تدقيق نظر ۾ صحاح سته جو ڪوبه مصنف انهيءَ جي هم پله نه آهي.
    امام طحاوي فقه حنفي کي جهڙي طرح صحيح حديثن مان ثابت ڪري ٿو ۽ اعتراض ڪندڙن کي جهڙي طريقي سان مسڪت جواب ڏي ٿو اهو امام طحاوي جو ئي مقام آهي. ٻين فقيهن جا دليل ذڪر ڪري ان جو احسن طريقي سان رد به ڪري ٿو.
    خبر نه ٿي پوي ته ڇا جي ڪري شرح معاني الآثار کي تفصيل ۽ تحقيق مذاهب الفقهاءَ لاءِ نه ٿو پڙهايو وڃي.
    هجڻ ته ائين کپي جو جامع ترمذي کي مختصر وقت ۾ ۽ شرح معاني الآثار کي مفصل طرح پڙهايو وڃي.
    حضرت استاد العلماءَ مولانا قطب الدين رحه مونکي فرمايو هو ته جڏهن ڪتاب الام للشافعي پڙهيم ته حنفيت تان دل لڏي وئي.
    حضرت سائين حماد الله رحه کي عرض ڪيم. سائينجن فرمايو، اوهان شرح معاني الآثار پڙهو. اهو پڙهيم ته حنفيت ۾ صفا پختگي اچي وئي.
    رات جامع مسجد محمدي ۾ گذاري صبح جي نماز پڙهي حضرت مولانا احمد ڀٽه صاحب کي چيم، ڪجهه وقت ڏيو ته اوهان کان انٽرويو وٺان ۽ حالات ۽ خيالات لکان. مسجد جي محراب ۾ ويهي اهو ڪم مڪمل ڪري حاجي عبدالهادي شيخ جي مدرسه وياسين.
    مدرسي جي عمارت نهايت عاليشان هئي ۽ اهڙي ٻي عمارت به زير تعمير آهي. اتي مدرسة البنات جي تعمير به سهڻي طريقي سان جاري آهي. عصري علوم جو هڪ اسڪول آهي جنهن ۾ صرف مدرسي جا طالب پڙهندا آهن. ڪي درجا لازمي طرح ۽ ڪي اختياري پڙهيا وڃن ٿا.
    شهر جي ٻارن جي ان اسڪول ۾ داخله نه آهي.
    ناشته ۾ حضرت مولانا مفتي احمد ڀٽه صاحب ۽ ٻيا دوست واحباب به شامل هئا.
    جناب زاهد صاحب گاڏي ڪرايه تي ڪرائي آيو. پڊعيدن کان علي آباد روانگي ٿي جتي اسان جو پيارو دوست حافظ بلال مجيداڻو رهندو آهي. اتي مدرسي ۾ پهتاسين. مدرسه جو سنڀاليندڙ نيڪ فطرت رئيس اڪرم خان راڄپر به مليو.
    اصل ۾ هي ڳوٺ بي ديني ۾ ٻڏل هو. رئيس جي همت سان هيءُ مدرسو قائم ٿيو جنهن جو باني استاد قاري عبدالقادر مري آهي. هن مدرسي جو ڳوٺ ۽ تر تي چڱو اثر پيو آهي. ڳوٺ جا ڪيترا نوجوان حافظ ٿيا آهن جن ۾ حافظ بلال به آهي جيڪو انهيءَ مدرسي ۾ استاد به آهي ۽ "شريعت" رسالي جو مستقل ممبر به آهي.
    اتان ٿي ڳوٺ گلڻ خان شر ۾ حافظ مجيب الرحمان شر جي دعوت تي پهتاسين. اتي به مدرسو زير تعمير آهي ۽ هڪ قاري صاحب رکيل آهي جيڪو في الحال مسجد ۾ ٻار پڙهائي ٿو. ناشتو ته ٿيل هو پر دوست جي دل رکڻ لاءِ ڪجهه کاڌو سين. اسان کي تڪڙ هئي. ڪوٽ لالو چوڪ کان ڪجهه اڳتي ملگيه ناڪه اسٽاپ (نواب شاهه ڪنب روڊ) وٽ مدرسه قاري اسدالله جو آهي، اتي دوست جمع ٿيل هئا. انهن کي زاهد صاحب 8 بجه صبح جو وقت ڏنو هو. پر مولانا مفتي احمد ڀٽه جي ملاقات ۾ جيڪو وقت لڳو اوترو فرق رهندو آيو. هڪ ننڍڙي حافظ نثاراحمد جي حفظ پوري ڪرڻ جي دعاء گهرڻي هئي. اتي پهتاسين. شهر جا معزز جمع ٿيل هئا. مختصر بيان ڪيم. پوءِ دعا گهري سون ۽
    انکي ۽ سندس استاد قاري نثاراحمد آرائين ۽ والدين کي مباڪ چيم.
    اتان فارغ ٿي مولانا عبدالمعيد جي مدرسي وياسين اهو مدرسو "جامعھ اسلاميھ مولانا الهه بخش پٺاڻ" ڪوٽ لالو جي پسگردائي ۾ آهي. ڪوٽ لالو شهر نواب شاهه ڪنب روڊ جي ويجهو آهي ۽ ڪوٽ لالو ريلوي اسٽيشن ڪجهه پري آهي.
    مولوي ميان الهه بخش پٺاڻ نيڪ ماڻهو ۽ سيد مهرعلي شاهه گولڙه شريف وارن جا خليفه هئا. سيد مهرعلي شاهه، مولانا احمدعلي سهارنپوري محدث جا شاگرد هئا جنهن صحاح سته کي پنهنجي حاشيه ۽ ڪن حصن تي مولانا محمدقاسم نانوتوي رحه جي حاشيه ۽ حضرت مولانا نانوتوي رحه جن جي تصحيح سان ڇاپيو. جيڪي صحاح سته اسانجي مدرسن ۾ پڙهايا وڃن ٿا انهن تي ان جو حاشيه آهي.
    مولانا احمدعلي سهارنپوري وڏا محدث هئا ۽ دارالعلوم ديوبند جو قيام ڄڻ انهن جو هڪ خيال هو، جيڪو پورو ٿيو.
    ٻه سال پهريون گولڙه شريف پنهنجي دوست اقبال ميمڻ جي دعوت تي وڃڻ ٿيو. هاڻي ته اسلام آباد جي حد گولڙه شريف کان اڳتي وڌي وئي آهي. اتي مزار شريف تي متولي جي طرفان لکيل هو "مزار کي سجدو ڪرڻ يا چمي ڏيڻ شريعت ۾ ناجائز آهي. ڪوئي ماڻهو ائين نه ڪري"
    ماڻهو اهي ممنوع ڪم ڪرن پيا پر عملي طرح انهن کي ڪوئي جهلي ڪونه پيو.
    پير مهرعلي وڏو عالم، ولي ۽ موحد هو. غلام احمد قادياني سان لاهور ۾ مناظرو رکيائين پر غلام احمد نه آيو ۽ ڀڄي ويو.
    انهيءَ الهه بخش پٺاڻ مرحوم جي پوٽي ڊاڪٽر محمود الحسن اهو ادارو قائم ڪيو ۽ ان ۾ عصري تقاضائن کي به ملحوظ رکيو ويو. جامعه ۾ اسڪول به آهي، جنهن ۾ عصري علوم پڙهايا وڃن ٿا. جتي مدرسي جا ۽ ٻاهريان شاگرد پڙهن ٿا.
    شعبه حفظ القرآن به آهي ۽ ثانويه عامه تائين عربي تعليم به. مولانا عبدالمعبود جامعه عربيه دارالعلوم الشرعيه روهڙي ۾ عربي استاد ٿي رهيا آهن. قابل ۽ ڪامياب استاد آهن.
    مدرسي جي پڙهائي ۽ انتظام جي نگراني جو ڪم مولانا عبدالمعبود جي حوالي، اختر صاحب جي وساطت سان ٿيو جيڪو ڊاڪٽر محمودالحسن صاحب جو ڪاروباري شراڪت دار آهي ۽ هي جامعه جو معاون خاص به آهي.
    هن جامعه ۾ ڪيئي بحران آيا پر الحمدلله مدرسه فرقيواريت کان آجو ٿي هاڻي پنهنجي تعليمي ترقي طرف گامزن آهي. هڪ نوجوان حفظ پورو ڪيو انهيءَ جي دعاءِ ٿي پوءِ ٿورو آرام ڪري چانهن پي نجم الحق وارن جي جلسه ۾ شرڪت لاءِ روانا ٿياسين. ٽيڪسي ڪار وارو پاڻ چڱو ڪاروباري ماڻهو ۽ ڏاڍو خوش اخلاق ۽ عالمن جي عزت ۽ محبت ڪرڻ وارو انسان آهي. ذات جو مري آهي. جلسه ۾ پهچي مون حڪيم علي نواز مرحوم جي تعزيت ڪئي.
    جلسي ۾ تقرير ڪرڻ وارن ۾ اڪثريت سپاهه صحابه وارن جي هئي. حافظ عبدالخالق چاچڙ پنوعاقل وارن جي تقرير ڏاڍي دلچسپ هئي ۽ سندس هيئت به خاص هئي.
    جلسي جي آخر ۾ حڪيم علي نواز مرحوم جي وڏي پٽ شمس الحق کي پيءُ جي پڳ ٻڌائي وئي. پڳ ٻڌائڻ لاءِ مولانا عبدالخالق چاچڙ کي شريڪ ڪيو ويو ۽ دعاءَ لاءِ مونکي چيائون.
    آخري تقرير هلي رهي هئي ته مان ۽ ٻه بلال هڪ گهوٽو ٻيو مجيداڻو زاهد سان گڏ انجي ڳوٺ سانوڻ جي اوطاق تي آياسين. پهريون عصر نماز پڙهي سون، نجم الحق کي چوايم ته رات مون سان ملي وڃي. انهيءَ مجاهد کي قاديانين جي صوبائي صدر جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ سترهن مهينا جيل ڪاٽي ضمانت تي آزاد ٿيو ۽ والد صاحب جي وفات مهل ضمانت تي آزاد هو. ان کان حال احوال پڇڻا هئا.
    رات اتي رهي صبح جو نواب شاهه کا ايندڙ ويگن تي چڙهي پڪا چانگ (فيض گنج) آياسين. جتي هڪ مولوي صاحب جي اصرار تي سندس مدرسي وياسون. مدرسو ويگن بس اسٽاپ جي ڀر ۾ آهي.
    زاهد سا گڏجي فيض گنج آياسين ۽ حافظ بلال مجيداڻو رستي ۾ لهي ويو. مدرسي ۾ عربي پڙهائيندڙ منهنجو تعقلدار نوجوان عالم مولانا عظيم الدين شر بلوچ به مليو. جيڪو حضرت سائين عبدالڪريم قريشي رحه جو شاگرد ۽ سٺو عالم آهي. دوستن سان خوب ڪچهري ٿي.
    وقت گهٽ هيو نه ته حافظ خادم حسين شر جي مدرسي به وڃان ها جتي پهريون به وڃڻ ٿيو آهي.
    دوستن کان موڪلائي خيريت سان روهڙي مدرسي واپس آياسين.
    شروع ڪيم ۽ هيٺين ساري تعليم نصاب مطابق ان وٽ مڪمل ڪيم، دوره حديث لاءِ پهريون دارالهدي ٺيڙهي ۾ آيم. مولانا حبيب الله وٽ سبق هئا.استاد الڪل مولانا محمدلغاري وٽ بيضاوي ۽ عبدالغفور هو. مولانا عزيز الله وٽ مقامات حريري هئي.
    شوال ۾آيم پر آب هوا موافق نه ٿي. ۽ ذوالحج جي موڪل کان پوءِ مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪي آيم.
    جتي مولانا عبدالرزاق ڀٽه ججه وارن وٽ صحيح بخاري اول، صحيح مسلم، سنن ابي دائود ۽ ترمذي هئي ۽ صحيح بخاري دوم، مولانا نورمحمد انڍڙ وٽ هئي. منطق جا ڪتاب سلم، ملاحسن، مير زاهد، ملا جلال، حمدالله ۽ قاضي مبارڪ ۽ خيالي مولانا عبدالرزاق خصوصي پڙهائيندا هئا.
    چغمني، تصريح ۽ رساله حميديه، عبدالغفور (نورمحمد مدقق سان گڏ) مولانا محمداسماعيل ڀٽه وٽ پڙهيم.
    رئيس ڀٽن جي ڇوڪرن مان مولوي محمدابراهيم هو ۽ مولوي محمدابراهيم لغاري به گڏ پڙهندو هو.
    مدرسي ۾ ڪتاب ڪونه هوندا هئا. سيد موسيٰ شاهه کان اڌارا وٺي ايندو هيم. فراغت 39-1940ع ۾ ٿي. غالبا هجري سال 1360 هو. دستاربندي ۾ جلسو ڪونه ٿيو. شمس العلماءَ عمر دائود پوٽو امتحان وٺڻ آيو هو. نحو ۽ ادب عربي جا ڪجهه سوال ڪيائين.
    قرائت جي ڪجهه مشق گهوٽڪي ۾ پير شير محمد شاهه وٽ ڪئي. قاري محمد ميهڙ وارو ۽ قاري محب الله ٺيڙهي وارو ۽ قاري عزيز احمد پير صاحٻ وٽ تجويد پڙهڻ ايندا هئا.
    سوال: علم مڪمل ڪرڻ بعد اوهان پنهنجي تعليمي خدمتن تي روشني وجهندا!

    مولانا احمد ڀٽه: فراغت کان پوءِ ڳوٺ حاجي علي ڏنو شر بلوچ تعلقه فيض گنج ۾ پڙهائڻ لاءِ آيم. مدرسه جو بنياد منهنجي اچڻ سان پيو. هاڻي اهو وڏو مدرسو آهي جتي بنات جي تعليم به جاري آهي.
    مولانا عبدالرحمان خاصخيلي درياخان مري واري مدرسو قائم ڪيو ته چاچا مولانا عبدالحق کي چيائين ته مولانا احمد ڏيو ته اسان وٽ پڙهائي، جو اسان کي عربيءَ لاءِ استاد گهرجي ٿو.سال 43، 44 ۽ 45 درياخان مري ۾ پڙهايم.
    ميرپورخاص طرف ڪنري چيل جي ڀر ۾ الهڏنو شاهه هو ان جو پٽ دين محمد شاهه نصرپور ۾ مولانا عبدالحق وٽ پڙهندو هو. شاهه صاحب جي
    مدرسه عربيه دارالعلوم حقانيه رکيو آهي.
    مطلب ته 62، 63 سال ٿيا آهن ته اسان هتي دين جو ڪم ڪندا آيا آهيون، انڪري تر تي اسان جو اثر ورسوخ سٺو آهي ۽ هتي جيڪي به مدرسا قائم ٿيا آهن اهي اسانجي زير سايه قائم ٿيا آهن
    سوال: فتوي جي شعبه ۾ پنهنجي ڪم تي ڪجهه روشني وجهو!

    مولانا احمد ڀٽه: هتي چاچا مولانا عبدالحق مرحوم پنهنجي زندگي ۾ فتوائون مون ڏانهن موڪليندا هئا ۽ مان ئي فتوائون ڏيندو هيم. ڪورٽ مان به فتويٰ جي سلسلي ۾ مون ڏانهن رجوع ڪيو ويندو هو. هن علائقي ۾ مولانا عبدالرحمان خاصخيلي درياخان مري ۾ ۽ هتي مان ئي فتويٰ ڏيندو هيم. هن علائقي ۾ ٻيو ڪوئي مفتي نه هو. فتوائون سڀ نه پر ڪجهه محفوظ آهن ۽ ڪجهه هيٺ مٿي ٿي ويون آهن.
    ڀٽه مرحوم اسلامي سوشلزم جو نعرو هنيو ته ان جي خلاف ڪن مولوين سخت فتويٰ ڏني ۽ اهڙي مهم هلايائون. حضرت مولانا غلام غوث هزاروي ۽ حضرت مولانا مفتي محمود رحه گهوٽڪي ۾ آيا. مون انهن سان انهيءَ فتويٰ تي مفصل ڳالهايو. بحث کان پوءِ اتفاق ٿيو ته اها فتويٰ غلط آهي ۽ انهيءَ جي خلاف ڪم ڪجي ۽ رات جو جلسه عام ۾ اهڙو اعلان ڪيائون.
    ڀٽه مرحوم کي ڦاسي ڏيڻ خلاف مون فتويٰ ڏني ۽ دارالعلوم ديوبند کان جيڪا فتويٰ آئي ۽ رساله دارالعلوم ۾ ڇپي اها منهنجي فتويٰ جي موافق آئي.
    عورت جي سربراهه ملڪ هجڻ جي خلاف جيڪي فتوائون آيون (اوهان به ان تي قلم کنيو) مون ان جي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو