بازار ۾ ڀاڄيون مهانگيون هجڻ باوجود...

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    بازار ۾ ڀاڄيون مهانگيون هجڻ باوجود...

    مٺل جسڪاڻي

    اخبارون توڙي سُڌ ٻُڌ جا ٻيا ذريعا پڙهو، ٻڌو (ريڊيو) يا ڏسو (ٽي وي)، يا وري گهر جو خرچ سنڀاليندڙ، جيڪو به ٿو ڪچهري ڪري، بازار ۾ ڀاڄيون مهانگيون هجڻ جي دانهن ٿو ڪري! اخبارن ۾ ٻيون خبرون گهٽ، ڀاڄين جي مهانگائي جون خبرون وڌيڪ آهن!؟ هر ننڍي وڏي ڳوٺ توڙي شهر، جتي جتي به خابرو ذريعو آهي، اتان هر ڀاڄي جو نالو کڻي، ان جو آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ اگهه ٻڌايو پيو وڃي!

    هونئن ته عام زرعي معلومات تي مبني ڪجهه صلاحون لکي وٺبيون آهن، پر آئون به، گهر جو ”ذميوار“ فرد به آهيان، ٿور عقل ئي سهي، پر ميڄالو، دماغ اٿم، جيڪو هنن خبرن تي چرخ ٿي پيو آهي! آئون سوچي سوچي ٿڪي پيو آهيان، ته هي مهانگائي ڪٿان ۽ ڇو ڪڙڪي!؟

    ٽماٽي جي اگهه جي دانهن گهڻي پئي هلي. هن موسم ۾ ٽماٽو بدين مان ٻين شهرن ڏانهن ويندو آهي، پر جنهن ڏينهن هي ٻه اکر لکان ويٺو، ان ڏينهن جي هڪ اخبار ۾ ڇپيل خبر موجب بدين ۾ به ٽماٽو 200 رپيا في ڪلو آهي!؟

    منهنجي لاءِ هي خبر ائين ئي آهي، جيئن اوهان لاءِ هي خبر سمجهه کان ٻاهر آهي. ڇاڪاڻ ته...

    ڇاڪاڻ جو جي جواب اچي، ته عقل ڪم ڪرڻ جي شاهدي ملي، پر اهو عقل هن صورتحال ۾، شايد ڪنهن اوچتي مسئلي سبب موڪل تي هليو ويو آهي.

    مون هي مامرو سمجهڻ لاءِ سنگت ساٿ کان پڇا ڪئي، ڪٿان به ڪو خاطر خواهه جواب نه مليو!

    آئون معاشيات (پئسي ڏوڪڙ جي علم) ۽ وٽ واپار واري سائنس جو ماڻهو نه آهيان. ان ڪري منهنجي به اها ساڳئين حالت آهي، جيڪا، منهنجا زرعي مضمون پڙهندڙ آبادگارن ۽ زراعت جي شاگردن جي آهي!

    سچ ته لوٽو ٻگهڻي کان ڳرو آهي، ڇاڪاڻ ته ڀاڄين جا اگهه ايترا وڏا هجڻ باوجود آبادگارن جون دانهون، آهون، ٻڌڻ ۽ محسوس ڪرڻ وٽان آهن! هو ويتر پريشان آهن. گهڻن گهرن ۾ صرف ڏڌ تي گذارو آهي! يا وڌ ۾ وڌ ڪو سائو ته ڪو ڳاڙهو مرچ ڪٽي، لسي لپ ۾ ملائي، مڙئي پيو پيٽ قوت ڪري. بلڪ اڪثريت انهن جي آهي، جيڪي پنهنجي پورت لاءِ کير وڪڻي، چانهن جي پتي ۽ کنڊ وٺي، ان سان ماني کائيندا آهن! وري جيڪڏهن اهڙو کاڌو کائيندڙن کان پڇ کڻي، ته خبر پوندي، اهو زميندار به چڱو ڀلو هوندو!؟ جتي زميندارن جي اهڙي حالت هجي، اتي هاري، کيت مزدور، عام پگهاردار، گاڏو هلائيندڙ، مانڊڻي واري جي ڇا حالت هوندي!؟

    آهي ته ڪا عام ڳالهه، ڪو عام مسئلو، پر خبر ناهي ڇو، ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه پيو اچي، ته ڀاڄيون مهانگيون ڇو ٿيون آهن ۽ ڀاڄيون مهانگيون هجڻ باوجود، آبادگار غريب ڇو آهن؟

    آبادگار به پريشان، ته اناج مان ماني حاصل ڪندڙ، ڪمند مان نڪرندڙ کنڊ وٺندڙ، کاڄرو تيل جا خريدار، ڪپڙا پائي انگ ڍڪيندڙ، داليون وٺي پيٽ جي بک کي جهڪو ڪندڙ به، پاڻ سڀ پريشان آهيون. جڏهن ته تعليمي ادارا، تحقيقي ادارا، توسيعي ادارا، سڀ ادارا، پنهنجي پنهنجي جاءِ تي موجود به آهن!

    ڪو هجي، جيڪو هن مسئلي، معاملي تي سوچي، ويچاري، سبب معلوم ڪري، حل ٻڌائي، آئون هن سائنس، هن علم کان اڻ واقف آهيان. ان ڪري جيڪي منهنجا پڙهندڙ، هن صورتحال بابت مون کان ڪجهه پڇندا رهن ٿا، اهي، توڙي جيڪي به مون کان ان بابت پڇڻ جي خواهش رکن ٿا، انهن جي اطلاع لاءِ عرض سميت، منهنجي هي منٿ به قبول پوي، ته مان اهڙو ڏاهو نه آهيان، عقل ڪل نه آهيان، زراعت سان لاڳاپيل هر مسئلي، هر معاملي جي مون کي خبر نه آهي، ٻيهر مون کان پڇڻ بدران، انتظار ڪريو ۽ ڏسو ته ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ان جو ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو.

    اميد ته مون سان گڏ، هر ڪو صبر جو مظاهرو ڪري ماٺ رهندو. لاڳاپيل ادارا ضرور ڪجهه سوچيندا هوندا، اميد ته ڪو حل نڪري ايندو. صبر جنين جو سير، تير نه گسي تن جو...

    منهنجي دل ٿي گهري ته اوهان به عبدالحميد ”حميد“ جسڪاڻي جي هيءَ دعا پڙهو، دعا گهرو، اميد ته قبول به پوندي:

    اچو اي غريب گڏجي، ڪيون غربت جي ڳالهه،
    مڙئي ملهه مهانگ ٿيو، متو ٻڙڌڪ ٻائيتال،
    قيامت اچي قريب ٿي، رهي فنا آ في الحال،
    ڪريئي جو ڪير ڪونهي، سڀ بيٺي جو بحال،
    ان لاءِ محبت آ موڪلايو، پيو قرب ۾ آ قال،
    ڪيون هاڻ ”حميد“ چوي، سائين کي سوال،
    اي رب ذوالجلال، تون بيٺي ڀرجهلو ٿي.

    ”حميد“ جسڪاڻي
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    تعجب جي ڳالھ آ واقعي ته سبزين کي ايڏي باھ لڳي ڪيئن آ، ٽماٽو خاص ڪري آسمان سان ٿو ڳالھيون ڪري، ھاري جيڪو پاڻ ٽماٽو پوکي تيار ڪري ٿو اُھو به اڄ ٽماٽو وٺڻ لا لاچار آ، سنڌ ۾ جڏھن سکر لاڙڪاڻو شڪارپور وغيره جا ٽماٽا تيار ٿين ٿا ته ٽماٽي جو ريٽ منھن ڀر ٿو وڃي لڳي، جڏھن سکر کان لاڙڪاڻي وينداسين ٽماٽن جي موسم ۾ ته روڊ تي مينھون ڳئون ٻڪريون ۽ رڍون ٽماٽا کائينديون آھن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو