گل حسن لاکو
سينيئر رڪن
اسان جي ثقافت اسان جي سڃاڻپ
گذريل ڪجھه سالن کان ثقافتي ڏهاڙو زور ۽ شور سان ملهائجي رهيو آهي. ان ڏينهن تي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ جتي جتي سنڌي رهن ٿا، اهي هن ڏهاڙي کي سهڻي طرح ملهائيندا آهن. هن ڏهاڙي تي ڌرتي ڌڻي جِيجل سنڌ سان محبت جو وچن ورجائيندا. ثقافت ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي. اسان جي ثقافت اسان جي سڃاڻپ آهي. مون کي ياد آهي ته جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هئس تڏهن هڪ سيمينار ۾ شرڪت جوموقعو مليو. ان پروگرام ۾ پاڪستان جي تقريبا سڀني صوبن جا پروفيسر آيل هئا. اسٽيج تي ڊائس رکيل هئي جنهن تي سنڌ جي سهڻي ثقافت اجرڪ تمام بهترين انداز سان اوڙهيل هئي. پروگرام پنهنجي ترتيب سان هلندو رهيو. جڏهن پنجاب يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر کي ڳالهائڻ لاءِ دعوت ڏني وئي ته ان پنهنجي موضوع تي ڳالهائڻ کان اڳ ڪجهه لفظ چيا جيڪي مونکي اڄ به ياد آهن. ان چيو ته ”آئون جڏهن به ڪنهن پروگرام ۾ اجرڪ ڏسندو آهيان ته منهنجي ذهن ۾ اهو خيال ايندو آهي ته آئون سنڌ جي سر زمين تي قدم رکي چڪو آهيان“. مطلب ته اجرڪ جي ڪري اسان جي سنڌ جي سڃاڻپ آهي. اچو ته پنهنجي سڃاڻپ کي مضبوط ڪريون ۽ هن ڏهاڙي کي سهڻي ريت ملهايون.