سنڌي ثقافت ٻڌي جو ڏينهن ۽ ثقافت جي تشريح

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]



    هن سال سنڌ ۾ ٻڌي ۽ ثقافت جو ڏينهن به هر سال وانگر ملهايو پيو وڃي . هونئن به زنده قومون پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي کي زنده رکڻ لاءِ اهڙا ڏينهن ملهائينديون رهنديون آهن ۽ اهڙي ريت اسان جي سنڌي قوم به اهو ثقافت وارو ڏينهن ملهائي پئي۔ جنهن جي ملهائڻ ۾ سٺي ڳالهه هي آهي ته گهٽ ۾ گھٽ اسان سڀ سنڌي هڪ ٿئي ڪري اهو ڏينهن ملهايون ٿا، ۽ ان ڏينهن کي اسان ٻڌي وارو ڏينهن پڻ چئون ٿا، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان سنڌين جي ان ڳالهه تي به ٻڌي ڪانهي ته اهو ڏينهن ڪهڙي تاريخ تي ملهائجي۔ گذريل سالن ۾ ته اهو ڏٺو ويو آهي ته اهو ڏينهن به مختلف تاريخن تي ملهايو ويو آهي۔ اِهوڏينهن ڪنهن 6 ڊسمبر تي ملهايو هو ته ڪنهن وري 4 ڊسمبر تي ملهايو هو۔ ته ڪنهن وري 5 ڊسمبر تي ملهايو هو۔. هيل به ائين ئي ٿئي رهيو آهي۔ ۽ ٿيڻ ائين نه گهرجي۔ پر هت ته هر ٽي وي چينل پنهنجو دڪان چمڪائڻ جي ڪوشش ۾ آهي، ۽ هر سنڌي ٽي وي چينل اهيو ٻڌي ۽ ثقافت وارو ڏينهن ملهائڻ جي پنهنجي تاريخ جو علان ٿو ڪري۔

    ثقافت آهي ڇا؟۔۔۔۔۔۔۔هڪ تعارف


    ثقافت-‘ جي وصفمختلف عالمن مختلف بيان ڪئي آهي. -ثقافت- لفظ جي لغوي معنيٰ ”عقل وڌائڻ“ آهي ۽ اصطلاحي معنيٰ ”انسانن جي زندگي گذارڻ جو طريقو“ آهي، جيئن ته -انسان- جو تعلق اُنهيءَ زمين سان آهي، جتي هو رهي ٿو، تنهنڪري انهيءَ زمين جيساخت، آبهوا، نهرون، آبادي، جانور، پکي، پکڻ، جيت جڻيا، وڻ ٽڻ، گاهه ۽ -ٻوٽا-،گهر گهاٽ سندس زندگيءَ تي اثرانداز ٿين ٿا. انهيءَ ماحول مطابق ئي هوپنهنجي زندگيءَ کي آسانيءَ سان گذارڻ لاءِ پوشاڪ پائي ٿو،کاڌو کائي ٿو،عقيدا رکي ٿو، ڌنڌا پيشا اختيار ڪري ٿو، رسمون رواج جوڙي ٿو ۽ انهن کي بيانڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾ لفظن ۽ اصطلاحن جو اضافو ڪري ٿو. -ثقافت- جي موضوع هيٺ زندگيءَ جا سڀ شعبا اچن ٿا. جهڙوڪ: مذهب، -تهذيب-، تمدن، پهرڻ، -ٻولي-، زراعت، ذهني -ترقي-، انسانيت جو ظهور، اختيار، آداب، اٿڻي ويهڻي ۽ ريتون رسمون وغيره. -ان- کان سواءِ -انسان- جو جياپو ۽ -ان- جا وسيلا، هلت چلت، هنر، رواج ۽ کاڌو پيتو به -ثقافت- جي دائري ۾ داخل آهن. مجموعي طرح ”طرز معاشرت“ کي ئي -ثقافت- جو نالو ڏنو وڃي ٿو. انگريزيءَ ۾ -ثقافت- لاءِ ڪلچر (Culture) لفظ استعمال ٿيندو آهي، جنهن اصطلاح جي مفهوم ۾، ذهني -ترقي-، آداب ۽ اخلاق،-تهذيب- ۽ تمدن جون خصوصيتون اچيو وڃن ٿيون. -ثقافت-، ماحول ۽ ضرورت هيٺ جنم وٺندي آهي. انهيءَ لحاظ کان-ثقافت- هر شخص جي ضرورت آهي ۽ هر شخص-ثقافت- ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو. -تهذيب-،-ثقافت- جي هڪ شاخ آهي، جنهن ۾ تحرير جو استعمال، شهرن جو وجود، سياسي ردوبدل ۽ پيشه وراڻيون خاصيتون شامل آهن. موجوده دور جي محققن-ثقافت- جي دائري ۾ مذهب، فلسفي، ڪاريگرين (Skills)، آرٽ (فنون لطيفه) ۽ معاشرت کي به شامل ڪيو آهي، ۽-تهذيب- ۾ خاص طور هر طرح جي ٽيڪنيڪي علمن کي به شامل ڪيو آهي. -ثقافت- جي ترقيءَ ۾-تهذيب- اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. -ثقافت-،-تهذيب- يافته به ٿي سگهي ٿي ۽ غيرتهذيب يافته به. مختلف عالمن،-ثقافت- جون مختلف وصفون بيان ڪيون آهن. نامور سنڌي اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان-بلوچ- جي راءِ موجب ”جغرافيائي حالتن، انساني ارتقا جي-تاريخ-، زبان ۽ مذهب کان متاثر ٿي، انسانن پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ جيڪي طريقا اختيار ڪيا آهن، اهي سڀ-ثقافت- جي دائري ۾ اچن ٿا.“ لسانيات جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو چوڻآهي ته ”هڪ پاسي انسانن جي مادي زندگيءَ لاءِ ضروري شين جهڙوڪ-اوزار-،هٿيار، لباس ۽ رهائش کي ته ٻئي پاسي غير مادي يعني روحاني زندگيءَ سانتعلق رکندڙ شين جهڙوڪ مذهب ۽ اخلاق، علم ۽ فن، زبان ۽ ادب، اصول ۽ قانون،معاشرتي رواج ۽ ريتن رسمن کي-ثقافت- چئبو آهي.“ ڪنهن قوم جي ذهني، فڪري ۽ روحاني منظر نامي کي-ثقافت- چئبو آهي، جنهن ۾ مذهبي رسمون، تهذيبي قدر، تاريخي روايتون، معاشرتي رواج،مجلس جا آداب، توهم پرستي، روحاني عقيدا، غذائي عادتون، لباس،-ٻولي-،ادب، رهڻي ڪهڻي، عبادت جا طريقا، ڳائڻ وڄائڻ، ساز سرود، نچڻ ٽپڻ جا انداز،ٻارن جا رانديڪا، عورتن جا زيور، روزمره ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانوَ، سيبي-ٽوپي- جا نمونا، ذهني جسماني تفريح، کيل تماشا، عرس، ميلا، عيدون ۽ مذهبي ڏينهن شامل ٿين ٿا. جديد-تحقيق- موجب مذهب،-تاريخ-، جاگرافي، ٻوليءَ ۽ لباس کي-ثقافت- جي بنيادي عنصرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. مذهب: مذهب-انسان- جي ظاهري توڙي باطني احوال جو نقش آهي، جنهن جي اثر جو دائرو تمام وسيع آهي، مذهب-انسان- کي ڀلائي ۽ برائيءَ جو شعور، حلال ۽ حرام ۾ تميز ۽ اعليٰ اخلاقن جي-تعليم- ڏئي ٿو، جنهن سان معاشري جيترقي۽-ثقافت- جي پرورش ٿئي ٿي. تاريخ: قرآن شريف ۾تاريخ کي ”شعائر-الله-“ سان تعبير ڪري،انکي علم جو سرچشمو قرار ڏنو ويو آهي. -تاريخ- جي لغوي معنيٰ ”ڪنهن شيءِ جي وجود ۾ اچڻ جو صحيح وقت ٻڌائڻ“ آهي. اصطلاح ۾ زماني جي واقعن، وقت جي تعين ۽ انساني احوال جي بيان کي-تاريخ- چئبو آهي. -تاريخ- کي-انسان- ذات جو اجتماعي حافظو چيو ويندو آهي. -تاريخ- جا بنيادي موضوع زمانو ۽-انسان- آهن،-ثقافت- غير مذهبيٿيندي آهي، جيئن ’سنڌي‘ -ثقافت- مسلمان ۽ هندو سنڌين جو گڏيل ورثو آهي. اهڙي طرح مذهب مان پيدا ٿيل ڪن عنصرن تي مشتمل هوندي آهي. -انسان- کي جيئن پنهنجي انفرادي توڙي اجتماعي طور ماضيءَ ۽-ان- جي ڳالهين سان دلچسپي هوندي آهي، تيئن اجتماعي ماضي ۽-ان- جي-تاريخ- سان به دلي وابستگي هوندي آهي. -تاريخ- زنده ۽ فعال شيءِ آهي ۽ اها قومن جي ترقيءَ ۽ زوال ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. -ان- ڪري قومون ماضيءَ کان بغير زنده نه ٿيون رهي سگهن. هر قوم پنهنجي ماضيءَ مان سگهه ۽ شعور حاصل ڪري پنهنجي شاندار تاريخي ورثي کي-ترقي- ڏيڻ چاهيندي آهي. -تاريخ- اسان کي زماني جي اثرن ۽-انسان- ذات جي عملن جي ڄاڻ کان سواءِ ماضيءَ جو بنياد، حال جي خبر گيري ۽ مستقبلجو شعور عطا ڪري ٿي. اهوئي سبب آهي جو هر قوم پنهنجي تاريخي ورثي جي حفاظت ۽-ان- جي تسلسل کي قائم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪندي آهي. جاگرافي: مقامي-ثقافت- جي تشڪيل ۾ جاگرافيائي حالتن جو ڪافي عمل دخل هوندو آهي. -انسان- جو لباس، غذائي عادتون، رهڻي ڪهڻي ۽ روزمره جي زندگي وغيره گهڻو ڪريجاگرافيائي ۽ موسمي تبديلين جو نتيجو آهن. جاگرافيءَ مان مراد زمين جو اهوٽڪرو يا ديس هوندو آهي، جنهن سان-انسان- جو آبائي تعلق ٿئي ٿو، جتي ڄمي پلجي جوان ٿئي ٿو، اتي جي آبهوا، مخصوصفضا، خوراڪ، لباس، ۽ سماجي اثر ملي سندس شخصيت جي تشڪيل ڪن ٿا. -انسان- جتي پيدا ٿئي ٿو، اتي جو قدرتي ماحول، سندس صحت ۽ شخصيت لاءِ انتهائي موافق ۽ مفيد هوندو آهي. ٻولي: گروهه گڏجي جتي ٻيون ثقافتي وٿون جوڙين ٿا، اتي هزارها سالن جي واهپي کانپوءِ-ٻولي- به انهي معاشري (جنهن ۾ گروهه رهن ٿا) جو آئينو هجي ٿي. سندن ريتون،رسمون، مذهبي ويچار، عشق محبت جا داستان، ڏک سکجون وارتائون ۽ وارداتون-ٻولي- ۾ هجن ٿيون. ٻوليءَ بنا ثقافت جو تصور ڌنڌلو بيهي ٿو. -ٻولي- ئي آهي جنهنڪري-ثقافت- جا مادي (Physical) ۽ غير مادي پاسا نظر اچن ٿا. لباس: روزمره جي زندگيءَ ۾ اسين ڪنهن شخص جو لباس ڏسي اهو اندازو لڳائيسگهون ٿا ته هو ڪهڙيءَ ذات، قبيلي، قوم ۽ نسل جو ماڻهو آهي ۽ سماج ۾ ڪهڙيحيثيت جو مالڪ ۽ ڪٿي جو رهواسي آهي. ثقافت جي انهن بنيادي عنصرن کان سواءِ شعر و ادب، فنون لطيفه، سمعي،بصري وسيلن (فلم، ٿئٽر، آرٽ گئلريون وغيره)، اخبارون، رسالا، رانديون،موسيقي، کاڌا، ريڊيو،-ٽيليويزن-، سيٽيٽلائيٽ چئنل، ڪمپيوٽر-ٽيڪنالاجي- وغيره ثقافتي حسن جي پکيڙ ۽-اشاعت- ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ثقافت، شخصيت ۽ سماج هڪ ٻئي جا اٽوٽ حصا آهن. اهي ٽيئي جزا هڪٻئي ساناهڙا ته ڳنڍيل آهن، جو جدا نٿا ڪري سگهجن. مٿين ٽنهي جُزن کي فقط تجريديصورت ۾ جدا ڪري، تجزئي خاطر، اڀياس ڪري سگهجي ٿو. -ثقافت- جي-اوسر- ۽ واڌاري لاءِ ضروري هوندو آهي ته مختلف قسمن جا ثقافتي ۽ صنعتي ميڙ،اجتماعي نمائشون ۽ ميلا منعقد ڪيا وڃن، ثقافتي ۽ صنعتي هنرن جي بهتر نمونيپرگهور ڪري، انهن جي سرپرستي ڪرڻ گهرجن.
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ثقافت کاتو سنڌ


    ثقافت کاتو-سنڌ: پاڪستان ۾-ثقافت- ۽ سياحت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ سڀ کان پهرين شهيد ذوالفقار علي-ڀٽي- پنهنجي پهرئين دور حڪومت ۾-ثقافت- جي وفاقي وزارت قائم ڪئي ۽ ملڪ جي وڏي-ترقي- پسند شاعرمفڪر مرحوم فيض احمد فيض کي هن کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو، جنهن-ان- وقت پاڪستان جي-ثقافت- کي دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ لاءِ وڏا قدم کنيا ۽-ان- دوران انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ کي ثقافتي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوشش ورتي وئي. اڳتي هلي 1976ع ۾ سنڌ جي-تعليم- کاتي ۾ ”ڪلچرل سيل“ قائم ڪيو ويو، جنهن تحت مختلف ثقافتي پروگرام ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويندا هئا. ثقافت کاتي سنڌ کي انتظامي اختيار باقائدگي سان 1988ع ۾ مليا ۽-ثقافت- جو الڳ کاتو ٺاهي عبدالحميد-آخوند- کي-ان- جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته-تعليم- ۽-ثقافت- جو وزير غوث علي شاهه هو. -آخوند- صاحب سيڪريٽري جي حيثيت سان نهايت سرگرم رهيو ۽ ڪيترين ئي نين اسڪيمن تيڪم شروع ڪيائين. هن ٻين سرگرمين سان گڏ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي پڻ سرگرمڪيو ۽ ترقياتي ڪمن سان گڏ اشاعتي سلسلي کي هٿي ڏنائين (وڌيڪ ڏسو: ڀٽ شاههثقافتي مرڪزان کان پوءِ آهستي آهستي-ثقافت- کاتي ۾ اشاعتي ڪم، فنڪارن ۽ اديبن جي پرگهور ۽ مڃتا لاءِ به قدم کنيا ويا، جڏهن ته هن وقت-ثقافت- کاتي سنڌ ۾ 12 لائبريريون، هڪ صوبائي ميوزيم (سنڌ ميوزيم حيدرآباد)، هڪآرٽس ڪائونسل (ڪراچي ۾)، هڪ اسٽوڊيو (ممتاز مرزا اسٽوڊيو، ڪراچي) ۽ هڪڪلچرل سينٽر پڻ قائم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هاڻوڪي وزير-ثقافت- محترمه سسئي پليجو جي ڪوششن سان هر ضلعي ۾ ڪلچرل ڪامپليڪس جوڙڻ لاءِ عمليقدم کنيا پيا وڃن. وزارت جون سرگرميون هر انهيءَ ضلعي ۾ ٿينديون رهن ٿيون،جتي-ثقافت- کاتي جون لائبريريون موجود آهن. -ان- کانسواءِ ٻين انتظامن ۾ هي کاتو سنڌ جي نامور بزرگ صوفين ۽ شاعرن جهڙوڪ: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، قلندر لال شهباز سميت ٻين درگاهن تي عرسجي موقعي تي شاندار انتظام ڪندو آهي. سرگرمين ۾ ادبي ڪانفرنسون، راڳ رنگجون محفلون ۽ ميلن تي مختلف ثقافتي اسٽال لڳائڻ به شامل آهي، جڏهن ته-ٿر- ۾ ”مارئي جو ميلو“ منعقد ڪرايو ويندو آهي. تازو 15 جنوري 2010ع تي سنڌ حڪومت طرفان سياحت کي-ثقافت- کاتي کان الڳ ڪري، ڌار کاتو بڻايو ويو آهي. ثقافت کاتي سنڌ پاران-تحقيق-، ڪلاسيڪي ۽ لوڪ ادب، شاعري،-تاريخ- ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي بهترين ڪتاب پڻ شايع ڪرايا ويا آهن، جيڪو سلسلو جاري آهي. -ثقافت- کاتي سنڌ جي سيڪريٽرين ۾: ”عبدالحميد-آخوند- (11 -آگسٽ- 1987کان 12 جنوري 1989ع تائين)، مهتاب اڪبر راشدي (31 جنوري 1989ع کان 25-آگسٽ- 1991ع تائين)، عبدالحميد-آخوند- (25 -آگسٽ- 1991ع کان 8 ڊسمبر 2000ع تائين)، اســـرار احـمــد شيــخ (9 ڊسمبـر 2000عکـان 11 فيبروري 2001ع تائين)، عاشق حسين ميمڻ (30 مئي 2001 ع کان 16 ڊسمبر 2002ع تائين)، عـبـدالـحمـيـد آخـونـد (17 ڊسـمبـر 2002عکـان 2 مـئــي 2003ع تائين)، گـُل محـمـد عـُمـراڻـي (14 مـئـي 2003ع کـان 2 ڊسـمبـر 2003ع تـائـيـن)، غـُـلام عــابـد شـيــخ (7 جنوري 2004ع کان 6-آگسٽ- 2004ع تائين)، سيد-انور- حيدر (22 سيپٽمبر 2004ع کان 20 فيبروري 2005ع تائين). مهتاب اڪبر راشدي (21 مئي 2005 کان 11 سيپٽمبر 2006ع تائين)، عبدالقادر منگي (26 سيپٽمبر 2006 کانپهرين-آڪٽوبر- 2007تائين) ۽ شمس جعفراڻي 2-آڪٽوبر- 2007ع کان سيڪريٽري ڪلچر جا فرائض انجام ڏئي رهيو آهي. هن وقت-ثقافت- کاتي جي صوبائي وزير محترمه سسئي پليجو آهي ۽ سيڪريٽري جا فرض شمس جعفراڻينڀائي رهيو آهي. 2009ع ۾ محترمه سسئي پليجو جي ڪوششن سان وفاقي حڪومت کانسنڌ ۾ موجود 129 تاريخي ماڳ سنڌ-ثقافت- کاتي جي ذميوارين ۾ شامل ڪيا ويا آهن. -ثقافت کاتو سنڌ- جي اديبن، سگهڙن ۽ فنڪارن جي سهائتا لاءِ فنڊ قائم ڪري کين وظيفا به ڏئيٿو، تنهن کانسواءِ گذاري ويل عالمن، اديبن ۽ فنڪارن جا ڏهاڙا ملهائي کينڀيٽا ڏني وڃي ٿي. هن کاتي طرفان هر سال اديبن، عالمن، فنڪارن ۽سگهڙنوغيره کي، شاهه لطيف ايڪسيلنس اوارڊ، جوش مليح آبادي ايوارڊ ۽ شيخ-اياز- ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا آهن. -ان- کان سواءِ هر سال شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي مختلف شعبن ۾ ڪارڪردگيءَ جي اعتراف ۾ ”لطيف اوارڊ“ به ڏنو وڃي ٿو. -ثقافت- کاتي سنڌ جي مرڪزي آفيس ڪراچيءَ جي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ آهي. جڏهن ته-ثقافت- کاتي جي زير انتظام ادارن مان سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآبادپڻ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ مصروف عمل آهي
    ضيائي مارشلا تهذيب ۽ ثقافت کي متاثر ڪيو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    .

    سنڌي ٽوپي
    [​IMG]
    قومن جي-ثقافت- سندن ريتن، رسمن ۽ لباس مان سڃاتي ويندي آهي. لباس هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهنکي ڏسڻ سان ئي سمجهي وڃبو آهي ته هي ڪهڙي علائقي يا قوم جو ماڻهو آهي. سنڌي-ٽوپي- به سنڌي-ثقافت- جو هڪ حصو بڻجي چڪي آهي. اڄڪلهه سنڌي ماڻهو ۽ خاص طور نوجوان طبقو-ٽوپي- پائڻ جو شائق آهي. شاديءَ جي وقت-ٽوپي- سنڌي ڳاني ۽ ڇلو سنڌي گهوٽ لاءِ لازمي سينگار سمجهيا وڃن ٿا. -ٽوپي- جو سنڌي لوڪ ادب،-ثقافت-،-تهذيب- ۽ ريتن رسمن ۾ وڏو عمل دخل ٿي چڪو آهي. شاديءَ توڙي ٻين خوشي جي موقعن تي عورتون-ان- بابت سهرا ۽ ڳيچ ڳائينديون آهن. ٽوپيءَ جو فن ايتري قدر-ترقي- ڪري چڪو آهي ۽ ايترومقبول ٿي چڪو آهي، جو مشرق وسطيٰ۽ يورپي ملڪنڏانهن يا ٻين قومن جي دوستن يارن لاءِ سوکڙيءَ طور موڪليو وڃي ٿو. ٽوپيءَجي قيمت جو مدار-ان- جي بناوت تي آهيهڪ روايت موجب سنڌ ۾ جڏهن-بلوچ- قومن جي آمد ٿي ۽ سنڌي ۽ بلوچي تهذيبن جو هڪ ٻئي سان ميلاپ ٿيو ته ڪيترينڳالهين ۽ ريتن رسمن جي ڏي وٺ کان سواءِ سنڌي لباس ۾ جيڪا بلوچن کان نئينڳالهه آئي، سا-ٽوپي- هئي، پر-بلوچ- اڪثر-ٽاٽ- واري سخت-ٽوپي- پهريندا هئا، سنڌ ۾ وري نرم-ٽوپي- پسند ڪئي ويندي هئي. شروع ۾ سنڌي ماڻهو-ٽوپ- ڪو نه پائيندا هئا، پر مٿي تي ڪو ڪپڙو پٽڪي جي صورت ۾ ٻڌندا هئا. -ان- وقت هر سنڌي ماڻهوءَ لاءِ مٿو ڍڪڻلازمي هوندو هو، جو سنڌي-تهذيب- ۾ مٿي اگهاڙي ماڻهوءَ کي چڱو نه سمجهيو ويندو هو. -ان- زماني ۾ پٽڪي کان علاوه ماڻهو ٽوپيون به پائيندا هئا. اهي ٽوپيون گهڻو ڪريٻن قسمن جون هونديون هيون. انهن مان پهرئين قسم جون ٽوپيون، جيڪي صرفشڪارپور ۾ ٺهنديون هيون ۽ اڄ تائين ٺاهيون وڃن ٿيون. اڇي ڪپڙي جون ٺهيلهونديون هيون، اهي ٽوپيون ڪپڙي جا ٻه تهه پاڻ ۾ ملائي،انهن جي اندرانرليءَ وانگر ڀراءُ وجهي ٺاهيون وينديون هيون. انهن ٽوپين کي محراب وغيره ڪونههوندو هو، پر پوريون گول هونديون هيون. اهي ٽوپيون اڪثر ڪري شرفاءِ ۽نمازي پائيندا هئا. سنڌ ۾ ٻئي قسم جون ٽوپيون هندستان جي ورهاڱي کان اڳڪثرت سان ۽ هاڻي ڪٿي ڪٿي استعمال ٿين ٿيون. اهي ٽوپيون هندو ۽ مسلمان ٻئيپائيندا هئا. اهي ٽوپيون گهڻو ڪري اڇي ڪپڙي جي تهن جون ٺهيل هونديون هيون،پر موجوده ٽوپين وانگر انهن تي ريشم ۽ زريءَ جي گلڪاري ٿيل هوندي هئي. ڪنٽوپين تي ٽڪون به لڳايون وينديون هيون ۽ ڪن ٽوپين تي مٿان وچ تي ڦندڻ وانگرگل لڳل هوندو هو. هن وقت سنڌي-ٽوپي- جي سنڌي لباس ۾ مڃيل حيثيت ۽ اعليٰ مقام آهي. هن وقت جيڪا-ٽوپي- عام جام ڏٺي وڃي ٿي ۽ سنڌي توڙي-بلوچ- قومن جا ماڻهو، بنا پٽڪي جي پائن ٿا انهن جي اها-ٽين- صورت آهي. ائين کڻي چئجي ته سنڌ ۾-ٽوپ- سازيءَ جو موجوده دور ٽيون دور آهي. انهن ٽنهي دورن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو: پَٽ: برصغير هندوستان ۾ جڏهن سنڌ-بمبئي- پرڳڻي سان ڳنڍيل هئي،-ان- زماني ۾ سنڌ ۾ ڪشمير کان هڪ قسم جو اوچو ۽ قيمتي ريشيدارپٽ يا ريشم جدا جدا رنگن ۾ وڪريلاءِ ايندو هو. -ان- ريشم مان تمام گهڻا-ٽوپ- ٺاهيا ويندا هئا ۽ انهن ۾ ڪاوا (ٽڪون) يا ستارون جڙيون وينديون هيون. اهو-ٽوپ- جو پهريون دور ليکيو وڃي ٿو. -ان- دور ۾-ٽوپ- نرم ڪپڙي مان ٺاهيو ويندو هو ۽ ريشمي ڌاڳيسان ٽڪون جڙيون وينديون هيون. -ٽوپ- جو محراب اڌ گول ڪٽيل هوندو هو ۽-ان- -ٽوپ- جي مٿان سنڌي ماڻهو پٽڪو ٻڌندا هئا، جيڪو پٽڪي جي پوري وچ مان ٻاهر نڪتل هوندو هو. عام حالتن ۾ ته-ٽوپ- جو اهو نمونو هينئر ختم ٿي ويو آهي. پر پٽڪو پائيندڙ ماڻهو اڃا تائين-ان- نموني جو-ٽوپ- استعمال ڪن ٿا. سُرمي وارو دور: -ٽوپ- جي صنعت يا ڪاريگريءَ۾ ٻيو موڙ اهو آيو جڏهن ڪاون يا ٽڪن بدران چمڪ لاءِ سرمو استعمال ٿيڻ لڳو،-ٽوپي- ڪنهن سٺي ريشمي ڪپڙي مٿان جيڪو اڪثر ڪري ڪاري رنگ جو هوندو هو، سرمي جيرنگدار لڙهين کي وڏي فن ۽ مهارت سان اهڙي نموني جوڙي ٺاهي ويندي هئي جو مٿيتي پائڻ سان اهو-ٽوپ- اُس جي ڪرڻن پوڻ ڪري ڪنهن-تاج- وانگر چمڪندو هيو. ڍزريءَ ۽ سيم وارو موجوده دور: هي دور، ٽوپ/ ٽوپيءَ جي فن جو ٽيون ياموجوده دور ليکيو وڃي ٿو. هاڻي ٽوپين تي مختلف رنگن جهڙوڪ سائي، ڳاڙهي،سونهري يا سفيد زريءَ جو ڪم ڪيو وڃي ٿو. -ان- زريءَ وسيلي ٽوپيءَ تي مختلف ڊزائينون تيار ڪيون وڃن ٿيون، جن ۾ گول، اڌگول، چورس. مستطيل، پان، ڪنڊون، پن، گل ۽ ٻيا نقشاڀاريا وڃن ٿا. هنٽوپيءَ جو چِندو توڙي ڀت ڪپڙي جي-ٽن- يا چئن حصن کي ملائي،-ان- ۾ اندر پلاسٽڪ يا بڪرم وجهي تمام سخت ڪري ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ پوءِ انهنجيمٿان زريءَ جو ڪم ڪيو وڃي ٿو. هن قسم جي ٽوپين ۾ ريشم استعمال نه ٿيندوآهي. موجوده دور جي ٽوپين ۾ اهي ٽوپيون به اچي وڃن ٿيون، جيڪي ريگزن ياچمڙي مٿان رنگين يا سفيد سيم جي جڙاوت يا ڀرائيءَ وسيلي ٺاهيون وڃن ٿيون. سيم جي ڀرت کان پوءِباقي رهيلحصن يا خانن ۾ زريءَ جو ڀرت استعمال نهٿيندو آهي. سنڌ ۾ ٽوپين جي هنر لاءِ ڪي الڳ صنعتون يا ڪارخاناقائم ٿيل نه آهن، پر اهو ڪم ورثي طور گهرن ۾ هلندو اچي ٿو.سنڌي عورتون يا-بلوچ- عورتونپنهنجن گهرن ۾ اهو ڪم ڪن ٿيون-ان- ڪم ۾ اهي عورتون ايڏي مهارت رکن ٿيون، جو ڏسي عقل دنگ رهجيو وڃي. ٽوپيءَتي جنهن نموني ڀرت جو ڪم ريشمي ڌاڳي يازريءَ سان ڪن ٿيون، يا-ان- ۾ ٽڪون جڙين ٿيون، انهن کي ڏسي اعتبار ئي ڪو نه ايندو ته ڪي گهرو ۽ اڻپڙهيل عورتون صرف سئي ۽ سڳي جي مدد سان اهڙو ڪم ڪري سگهن ٿيون. هيءَ هڪحقيقت آهي ته سنڌ جي ڳوٺن۾ رهندڙ ٻهراڙيءَ جون عورتون گهرو ڪم ڪار کانفارغٿي، واندڪائيءَ جي وقت ۾ مختلف نمونن جون ٽوپيون ٺاهينديون آهن، اڳياهو ڪم پنهنجن مردن يا ٻارن لاءِ ڪنديون هيون، پر هينئر جڏهن سنڌ ۾-ٽوپي- عام ٿي وئي آهي ۽ اڪثر پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل ماڻهو پوءِ اهو-بلوچ- هجي يا سماٽ ذاتين مان-ٽوپي- پائي ٿو ۽-ان- جي گهرج تمام وڌي وئي آهي، تنهن ڪريعورتون هاڻي وڪڻڻ لاءِ ٽوپيون ٺاهين ٿيون. شهرن ۾ سنڌي هنرن جهڙوڪ رلين، ٽوپين، اجرڪن ۽ گجن وغيره جا وڏا وڏادڪان کلي پيا آهن، جتي ٻهراڙيءَ جي عورتن جا ٺهيل ۽ گهرو هنر جا فن پاراخريد ڪري سگهجن ٿا. اڄوڪي دور ۾-ٽوپي- پائڻفيشن ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي خاص نشاني ٿي پيو آهي. ملڪ جي ڪهڙي به حصي ۾ ماڻهو-ٽوپي- پائي ويندو ته هڪدم کيس سڃاڻي وٺبو ته هي سنڌي آهي. سنڌي ٽوپيءَ جي بناوٽ ۽ اهميت: پهرين دور ۾ سنڌي-ٽوپي- به موجوده دور واري-ٽوپي- وانگر هوندي هئي. فرق صرف اهو هو ته اڳي ٽوپيءَ جي آڏو وارو ڪٽيل ٽِڪنڊو، جنهن کي محراب سڏبو آهي. سو-ٽڪنڊي- جي بدران اڌ گول ڪٽيل هوندو هو. باقي ٻنهي دورن ۾ محراب-ٽڪنڊي- وانگر ڪٽيل ٿئي ٿو. محراب ۾ ٽي ڪنڊون ٿينديون آهن، جن مان ٻه لوندڙين وٽ ۽ هڪ نرڙ جي پوري وچ تي هوندي آهي. ٽوپيءَ ۾ گول ڀت ٿيندي آهي، جنهن ۾ اڳيان محراب ڪٽيل هوندو آهي. -ٽوپي- جي ڇت کي ”چندوچئبو آهي. -ٽوپي- جي گول ڀت مٿان اهو چندو ڳنڍيوويندو آهي ڀت کي محراب وانگر ڪٽي-ان- کي مختلف ڊزائين تي، ريشم، زريءَ يا سيم سان ڀريو ويندو آهي. -ان- کان پوءِ ٽوپيءَ جو چندو ڀري، ڀت سان ٽوپيو ويندو هو، جنهن ڪري-ٽوپي- نرم رهندي هئي ۽ مٿانئس پٽڪو سولائيءَ سان-ٻڌي- سگهبو هو. هاڻي ٽوپيءَ ۾ اندر ريگزنيا بُڪرم استعمال ڪيو وڃي ٿو ته جيئن-ٽوپي- سخت ۽ کڙيتڙي ٿي بيهي. ٽوپ ۽ ٽوپيون مختلف نمونن جا ٺهيل ٿين ٿا. گهڻو ڪري هر-ٽوپي-،ٻيءَ ٽوپيءَ کان نموني ۾ مختلف ٿيندي آهي. جيئن ته ٽوپيون مختلف ڳوٺن ۽مختلف گهرن ۾ ٺهن ٿيون، تنهن ڪري انهن جو نمونو ساڳيو، پر ڊازئينون مختلفٿين ٿيون. انهن مان خاص گولڙي، چوڪڙي، لرزن تي، پان ڇاپ ۽ گلن واريونڊزائينون آهن. سنڌي-ٽوپي- هونئن ته لباس جو هڪ اهم جز آهي ۽-ان- کانسواءِلباس اڻ پورو ليکيو وڃي ٿو، پر-ان- جي جيڪا خاص اهميت آهي ۽ جيڪا کيس ٻين قسمن جي مٿي ڍڪڻ وارين شين کانممتاز ڪري ٿي. سا آهي سندس محراب وارو حصو، محراب جي ڪري نرڙ وارو حصو خاليرهي ٿو، جنهن ڪري چهري جي خوبصورتي به وڌي ٿي ۽ نمازين کي نماز پڙهڻ ۾ بهآساني ٿئي ٿي. ٻئي ڪنهن به قسم جي ٽوپيءَ ۾ اها خاصيت موجود نه آهي. ٽوپيءَ جي هنر جا خاص مرڪز: -ٽوپ- سازي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو خاص فن آهي ۽ ڳوٺاڻيون عورتون اهو ڪم نفاست سانڪنديون آهن، تنهن ڪري ٽوپيون سنڌ جي تمام گهڻن ڳوٺن ۾ ٺاهيون وڃن ٿيون، پرسنڌ جا جيڪي ڳوٺ يا ننڍا شهرهن فن جي ڪري مشهور آهن. سي آهن ضلعي جيڪب-آباد- جو-تعلقو- ڳڙهي خيرو ۽ ميرپور ٻرڙو،-ان- کانسواءِ ڪنڌڪوٽ، غوثپور،-ٺل-،ضلعي سکر ۾ پنوعاقل، ڪنڌرا، گهوٽڪيءَ ۾ ڏهرڪي، خانپور مهر ۽ شڪارپور جيتعلقي ڳڙهي ياسين جو هڪ ڳوٺ ڇُٽي ڊٻ. لاڙڪاڻي ضلعي جا تعلقا ميرو خان،شهدادڪوٽ، قمبر، رتوديرو ۽ مٽياري ضلعي ۾ هالا، نيوسعيد-آباد- وغيره به هن فن سبب ڪافي مشهور آهن. -ان- کان سواءِ دادو ضلعي جي ڪن ڳوٺن ۾ به هي فن تمام گهڻو آهي. مطلب ته ڪثير يا محدود تعداد ۾-ٽوپي- سازيءَ جو فن سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهي. تازو 6 ڊسمبر 2009ع تي سڄي سنڌ سميت دنيا ۾ رهندڙ سنڌين، سنڌي ٽوپيءَجو ڏهاڙو شاندار نموني سان ملهايو، جنهن تحت هنڌين ماڳين رهندڙ ماڻهن سنڌيٽوپيون،-اجرڪ- ۽ ثقافتي لباس پهري خوشيون ملهايون ۽ مختلف تقريبون منعقد ڪيون. چيو وڃي ٿو ته اهو ڏهاڙو هر سال ملهايو ويندو. ٽوپي: قومن جي-ثقافت- سندن ريتن، رسمن ۽ لباس مان سڃاتي ويندي آهي. لباس هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهنکي ڏسڻ سان ئي سمجهي وڃبو آهي ته هي ڪهڙي علائقي يا قوم جو ماڻهو آهي. سنڌي-ٽوپي- به سنڌي-ثقافت- جو هڪ حصو بڻجي چڪي آهي. اڄڪلهه سنڌي ماڻهو ۽ خاص طور نوجوان طبقو-ٽوپي- پائڻ جو شائق آهي. شاديءَ جي وقت-ٽوپي- سنڌي ڳاني ۽ ڇلو سنڌي گهوٽ لاءِ لازمي سينگار سمجهيا وڃن ٿا. -ٽوپي- جو سنڌي لوڪ ادب،-ثقافت-،-تهذيب- ۽ ريتن رسمن ۾ وڏو عمل دخل ٿي چڪو آهي. شاديءَ توڙي ٻين خوشي جي موقعن تي عورتون-ان- بابت سهرا ۽ ڳيچ ڳائينديون آهن. ٽوپيءَ جو فن ايتري قدر-ترقي- ڪريچڪو آهي ۽ ايترومقبول ٿي چڪو آهي، جو مشرق وسطيٰ۽ يورپي ملڪنڏانهن يا ٻين قومن جي دوستن يارن لاءِ سوکڙيءَ طور موڪليو وڃي ٿو. ٽوپيءَجي قيمت جو مدار-ان- جي بناوت تي آهي. هڪ روايت موجب سنڌ ۾ جڏهن-بلوچ- قومن جي آمد ٿي ۽ سنڌي ۽ بلوچي تهذيبن جو هڪ ٻئي سان ميلاپ ٿيو ته ڪيترينڳالهين ۽ ريتن رسمن جي ڏي وٺ کان سواءِ سنڌي لباس ۾ جيڪا بلوچن کان نئينڳالهه آئي، سا-ٽوپي- هئي، پر-بلوچ- اڪثر-ٽاٽ- واري سخت-ٽوپي- پهريندا هئا، سنڌ ۾ وري نرم-ٽوپي- پسند ڪئي ويندي هئي. شروع ۾ سنڌي ماڻهو-ٽوپ- ڪو نه پائيندا هئا، پر مٿي تي ڪو ڪپڙو پٽڪي جي صورت ۾ ٻڌندا هئا. -ان- وقت هر سنڌي ماڻهوءَ لاءِ مٿو ڍڪڻلازمي هوندو هو، جو سنڌي-تهذيب- ۾ مٿي اگهاڙي ماڻهوءَ کي چڱو نه سمجهيو ويندو هو. -ان- زماني ۾ پٽڪي کان علاوه ماڻهو ٽوپيون به پائيندا هئا. اهي ٽوپيون گهڻو ڪريٻن قسمن جون هونديون هيون. انهن مان پهرئين قسم جون ٽوپيون، جيڪي صرفشڪارپور ۾ ٺهنديون هيون ۽ اڄ تائين ٺاهيون وڃن ٿيون. اڇي ڪپڙي جون ٺهيلهونديون هيون، اهي ٽوپيون ڪپڙي جا ٻه تهه پاڻ ۾ ملائي،انهن جي اندرانرليءَ وانگر ڀراءُ وجهي ٺاهيون وينديون هيون. انهن ٽوپين کي محراب وغيره ڪونههوندو هو، پر پوريون گول هونديون هيون. اهي ٽوپيون اڪثر ڪري شرفاءِ ۽نمازي پائيندا هئا. سنڌ ۾ ٻئي قسم جون ٽوپيون هندستان جي ورهاڱي کان اڳڪثرت سان ۽ هاڻي ڪٿي ڪٿي استعمال ٿين ٿيون. اهي ٽوپيون هندو ۽ مسلمان ٻئيپائيندا هئا. اهي ٽوپيون گهڻو ڪري اڇي ڪپڙي جي تهن جون ٺهيل هونديون هيون،پر موجوده ٽوپين وانگر انهن تي ريشم ۽ زريءَ جي گلڪاري ٿيل هوندي هئي. ڪنٽوپين تي ٽڪون به لڳايون وينديون هيون ۽ ڪن ٽوپين تي مٿان وچ تي ڦندڻ وانگرگل لڳل هوندو هو. هن وقت سنڌي-ٽوپي- جي سنڌي لباس ۾ مڃيل حيثيت ۽ اعليٰ مقام آهي. هن وقت جيڪا-ٽوپي- عام جام ڏٺي وڃي ٿي ۽ سنڌي توڙي-بلوچ- قومن جا ماڻهو، بنا پٽڪي جي پائن ٿا انهن جي اها-ٽين- صورت آهي. ائين کڻي چئجي ته سنڌ ۾-ٽوپ- سازيءَ جو موجوده دور ٽيون دور آهي. انهن ٽنهي دورن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو: پَٽ: برصغير هندوستان ۾ جڏهن سنڌ-بمبئي- پرڳڻي سان ڳنڍيل هئي،-ان- زماني ۾ سنڌ ۾ ڪشمير کان هڪ قسم جو اوچو ۽ قيمتي ريشيدارپٽ يا ريشم جدا جدا رنگن ۾ وڪريلاءِ ايندو هو. -ان- ريشم مان تمام گهڻا-ٽوپ- ٺاهيا ويندا هئا ۽ انهن ۾ ڪاوا (ٽڪون) يا ستارون جڙيون وينديون هيون. اهو-ٽوپ- جو پهريون دور ليکيو وڃي ٿو. -ان- دور ۾-ٽوپ- نرم ڪپڙي مان ٺاهيو ويندو هو ۽ ريشمي ڌاڳيسان ٽڪون جڙيون وينديون هيون. -ٽوپ- جو محراب اڌ گول ڪٽيل هوندو هو ۽-ان- -ٽوپ- جي مٿان سنڌي ماڻهو پٽڪو ٻڌندا هئا، جيڪو پٽڪي جي پوري وچ مان ٻاهر نڪتل هوندو هو. عام حالتن ۾ ته-ٽوپ- جو اهو نمونو هينئر ختم ٿي ويو آهي. پر پٽڪو پائيندڙ ماڻهو اڃا تائين-ان- نموني جو-ٽوپ- استعمال ڪن ٿا. سُرمي وارو دور: -ٽوپ- جي صنعت يا ڪاريگريءَ۾ ٻيو موڙ اهو آيو جڏهن ڪاون يا ٽڪن بدران چمڪ لاءِ سرمو استعمال ٿيڻ لڳو،-ٽوپي- ڪنهن سٺي ريشمي ڪپڙي مٿان جيڪو اڪثر ڪري ڪاري رنگ جو هوندو هو، سرمي جيرنگدار لڙهين کي وڏي فن ۽ مهارت سان اهڙي نموني جوڙي ٺاهي ويندي هئي جو مٿيتي پائڻ سان اهو-ٽوپ- اُس جي ڪرڻن پوڻ ڪري ڪنهن-تاج- وانگر چمڪندو هيو. زريءَ ۽ سيم وارو موجوده دور: هي دور، ٽوپ/ ٽوپيءَ جي فن جو ٽيون ياموجوده دور ليکيو وڃي ٿو. هاڻي ٽوپين تي مختلف رنگن جهڙوڪ سائي، ڳاڙهي،سونهري يا سفيد زريءَ جو ڪم ڪيو وڃي ٿو. -ان- زريءَ وسيلي ٽوپيءَ تي مختلف ڊزائينون تيار ڪيون وڃن ٿيون، جن ۾ گول، اڌگول، چورس. مستطيل، پان، ڪنڊون، پن، گل ۽ ٻيا نقشاڀاريا وڃن ٿا. هنٽوپيءَ جو چِندو توڙي ڀت ڪپڙي جي-ٽن- يا چئن حصن کي ملائي،-ان- ۾ اندر پلاسٽڪ يا بڪرم وجهي تمام سخت ڪري ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ پوءِ انهنجيمٿان زريءَ جو ڪم ڪيو وڃي ٿو. هن قسم جي ٽوپين ۾ ريشم استعمال نه ٿيندوآهي. موجوده دور جي ٽوپين ۾ اهي ٽوپيون به اچي وڃن ٿيون، جيڪي ريگزن ياچمڙي مٿان رنگين يا سفيد سيم جي جڙاوت يا ڀرائيءَ وسيلي ٺاهيون وڃن ٿيون. سيم جي ڀرت کان پوءِباقي رهيل حصن يا خانن ۾ زريءَ جو ڀرت استعمال نهٿيندو آهي. سنڌ ۾ ٽوپين جي هنر لاءِ ڪي الڳ صنعتون يا ڪارخاناقائم ٿيل نه آهن، پر اهو ڪم ورثي طور گهرن ۾ هلندو اچي ٿو. سنڌي عورتون يا-بلوچ- عورتونپنهنجن گهرن ۾ اهو ڪم ڪن ٿيون-ان- ڪم ۾ اهي عورتون ايڏي مهارت رکن ٿيون، جو ڏسي عقل دنگ رهجيو وڃي. ٽوپيءَتي جنهن نموني ڀرت جو ڪم ريشمي ڌاڳي يازريءَ سان ڪن ٿيون، يا-ان- ۾ ٽڪون جڙين ٿيون، انهن کي ڏسي اعتبار ئي ڪو نه ايندو ته ڪي گهرو ۽ اڻپڙهيل عورتون صرف سئي ۽ سڳي جي مدد سان اهڙو ڪم ڪري سگهن ٿيون. هيءَ هڪحقيقت آهي ته سنڌ جي ڳوٺن۾ رهندڙ ٻهراڙيءَ جون عورتون گهرو ڪم ڪار کانفارغٿي، واندڪائيءَ جي وقت ۾ مختلف نمونن جون ٽوپيون ٺاهينديون آهن، اڳياهو ڪم پنهنجن مردن يا ٻارن لاءِ ڪنديون هيون، پر هينئر جڏهن سنڌ ۾-ٽوپي- عام ٿي وئي آهي ۽ اڪثر پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل ماڻهو پوءِ اهو-بلوچ- هجي يا سماٽ ذاتين مان-ٽوپي- پائي ٿو ۽-ان- جي گهرج تمام وڌي وئي آهي، تنهن ڪريعورتون هاڻي وڪڻڻ لاءِ ٽوپيون ٺاهين ٿيون. شهرن ۾سنڌي هنرن جهڙوڪ رلين، ٽوپين، اجرڪن ۽ گجن وغيره جا وڏا وڏادڪان کلي پيا آهن، جتي ٻهراڙيءَ جي عورتن جا ٺهيل ۽ گهرو هنر جا فن پاراخريد ڪري سگهجن ٿا. اڄوڪي دور ۾-ٽوپي- پائڻفيشن ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي خاص نشاني ٿي پيو آهي. ملڪ جي ڪهڙي به حصي ۾ ماڻهو-ٽوپي- پائي ويندو ته هڪدم کيس سڃاڻي وٺبو ته هي سنڌي آهي. سنڌي ٽوپيءَ جي بناوٽ ۽ اهميت: پهرين دور ۾ سنڌي-ٽوپي- به موجوده دور واري-ٽوپي- وانگر هوندي هئي. فرق صرف اهو هو ته اڳي ٽوپيءَ جي آڏو وارو ڪٽيل ٽِڪنڊو، جنهن کي محراب سڏبو آهي. سو-ٽڪنڊي- جي بدران اڌ گول ڪٽيل هوندو هو. باقي ٻنهي دورن ۾ محراب-ٽڪنڊي- وانگر ڪٽيل ٿئي ٿو. محراب ۾ ٽي ڪنڊون ٿينديون آهن، جن مان ٻه لوندڙين وٽ ۽ هڪ نرڙ جي پوري وچ تي هوندي آهي. ٽوپيءَ ۾ گول ڀت ٿيندي آهي، جنهن ۾ اڳيان محراب ڪٽيل هوندو آهي. -ٽوپي- جي ڇت کي ”چندوچئبو آهي. -ٽوپي- جي گول ڀت مٿان اهو چندو ڳنڍيوويندو آهي ڀت کي محراب وانگر ڪٽي-ان- کي مختلف ڊزائين تي، ريشم، زريءَ يا سيم سان ڀريو ويندو آهي. -ان- کان پوءِ ٽوپيءَ جو چندو ڀري، ڀت سان ٽوپيو ويندو هو، جنهن ڪري-ٽوپي- نرم رهندي هئي ۽ مٿانئس پٽڪو سولائيءَ سان-ٻڌي- سگهبو هو. هاڻي ٽوپيءَ ۾ اندر ريگزنيا بُڪرم استعمال ڪيو وڃي ٿو ته جيئن-ٽوپي- سخت ۽ کڙيتڙي ٿي بيهي. ٽوپ ۽ ٽوپيون مختلف نمونن جا ٺهيل ٿين ٿا. گهڻو ڪري هر-ٽوپي-،ٻيءَ ٽوپيءَ کان نموني ۾ مختلف ٿيندي آهي. جيئن ته ٽوپيون مختلف ڳوٺن ۽مختلف گهرن ۾ ٺهن ٿيون، تنهن ڪري انهن جو نمونو ساڳيو، پر ڊازئينون مختلفٿين ٿيون. انهن مان خاص گولڙي، چوڪڙي، لرزن تي، پان ڇاپ ۽ گلن واريونڊزائينون آهن. سنڌي-ٽوپي- هونئن ته لباس جو هڪ اهم جز آهي ۽-ان- کانسواءِلباس اڻ پورو ليکيو وڃي ٿو، پر-ان- جي جيڪا خاص اهميت آهي ۽ جيڪا کيس ٻين قسمن جي مٿي ڍڪڻ وارين شين کانممتاز ڪري ٿي. سا آهي سندس محراب وارو حصو، محراب جي ڪري نرڙ وارو حصو خاليرهي ٿو، جنهن ڪري چهري جي خوبصورتي به وڌي ٿي ۽ نمازين کي نماز پڙهڻ ۾ بهآساني ٿئي ٿي. ٻئي ڪنهن به قسم جي ٽوپيءَ ۾ اها خاصيت موجود نه آهي. ٽوپيءَ جي هنر جا خاص مرڪز: -ٽوپ- سازي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو خاص فن آهي ۽ ڳوٺاڻيون عورتون اهو ڪم نفاست سانڪنديون آهن، تنهن ڪري ٽوپيون سنڌ جي تمام گهڻن ڳوٺن ۾ ٺاهيون وڃن ٿيون، پرسنڌ جا جيڪي ڳوٺ يا ننڍا شهرهن فن جي ڪري مشهور آهن. سي آهن ضلعي جيڪب-آباد- جو-تعلقو- ڳڙهي خيرو ۽ ميرپور ٻرڙو،-ان- کانسواءِ ڪنڌڪوٽ، غوثپور،-ٺل-،ضلعي سکر ۾ پنوعاقل، ڪنڌرا، گهوٽڪيءَ ۾ ڏهرڪي، خانپور مهر ۽ شڪارپور جيتعلقي ڳڙهي ياسين جو هڪ ڳوٺ ڇُٽي ڊٻ. لاڙڪاڻي ضلعي جا تعلقا ميرو خان،شهدادڪوٽ، قمبر، رتوديرو ۽ مٽياري ضلعي ۾ هالا، نيوسعيد-آباد- وغيره به هن فن سبب ڪافي مشهور آهن. -ان- کان سواءِ دادو ضلعي جي ڪن ڳوٺن ۾ به هي فن تمام گهڻو آهي. مطلب ته ڪثير يا محدود تعداد ۾-ٽوپي- سازيءَ جو فن سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهي. تازو 6 ڊسمبر 2009ع تي سڄي سنڌ سميت دنيا ۾ رهندڙ سنڌين، سنڌي ٽوپيءَجو ڏهاڙو شاندار نموني سان ملهايو، جنهن تحت هنڌين ماڳين رهندڙ ماڻهن سنڌيٽوپيون،-اجرڪ- ۽ ثقافتي لباس پهري خوشيون ملهايون ۽ مختلف تقريبون منعقد ڪيون. چيو وڃي ٿو ته اهو ڏهاڙو هر سال ملهايو ويندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اجرڪ ( سنڌي چادر )
    [​IMG]
    هڪ قسم جي رڱيل ۽ ڇريل، دَٻڪن ۽ چِٽن واري چادر، جيڪا خاص طور سنڌ ۾-اوڇڻ- طور پائڻ، ڪُلهن تي ڪرڻ، جسم تي ويڙهڻ، پٽڪي يا گوڏ ٻڌڻ لاءِ استعمال ٿئي. -اجرڪ- سنڌ جي قديم ثقافتي سڃاڻپ آهي. موهن جي دڙي جا آثار ٻڌائين ٿا ته-ان- وقت به سنڌ ۾-اجرڪ- جو ڪم ٿيندو هو. دڙي مان لڌل پروهت جي مورتيءَ تي جيڪو گلن جو دوشالو آهي، انهيءَ تي واضح نموني جيڪا ڇُر آهي، اها ’ڪَڪَر واري-اجرڪ-جي ’پور‘ واري آهي، جيڪا ڇُر اڄ به هلندڙ آهي. هندستان جي ورهاڱي کان پهرين-اجرڪ- تمام گهڻي تعداد ۾ ٺهندي هئي. -ان- وقت ملاڪاتيار، سعيدپور،-تلهار-، ٽنڊي محمد خان،-ٻهڊمي-،-بدين-، خانپور، ٽِکڙ ۽ ڏندي ۾-اجرڪ- جو ڪم ٿيندو هو. -ٺٽي- ۾ ته اڍائي ٽي سئو کن ڪارخانا هوندا هئا. سجاول، ميرپور بٺوري، مٽياريءَ،سهتن، ڀٽ شاهه، ٽنڊي آدم، ٽنڊي فضل ۽ هوسڙيءَ ۾ اهو ڪم تمام گهڻو ٿيندو هو. هن وقت مٽياري ۽-ٽنڊو محمد خان- ٻه اهم مرڪز باقي وڃي رهيا آهن. -ان- کان سواءِ ڀٽ شاهه ۽ سهتا ۾ به ڪم ٿئي ٿو. کيبر، سيکاٽ ۽ سعيدپور ۾ به هڪ اڌ ڪارخانو آهي. ماتليءَ ۾ پنج ڪارخانا ڪم ڪن پيا. -ان- کان سواءِ وَسِي ملوڪ شاهه، ڀينڊي شريف، سن، سکر، هالا ۽-ٺٽي- ۾ به-اجرڪ- سازيءَ جو ڪم ٿي رهيو آهي. مٿين علائقن ۾-اجرڪ- جي ٻنهين پاسي ڇُر وارو ڪم ٿئي ٿو. هندستان جي علائقن: -بيڪانير-، سوجت، چاڻوت ۽ داليءَ وارن علائقن ۾ به هن وقت-اجرڪ- جو ڪم جاري آهي، پر اتي ڪچي رنگ وارو ڪم ٿئي ٿو، جيئن مٺيءَ، ڏيپلي، ڇاڇري، ننگرپارڪر ۽-ٿر- جي ٻين علائقن ۾ ٿئي ٿو. ڪنهن وقت ۾ دادو ضلعي جي ’مانجهند‘ شهر ۾ به هڪپُڙيون اجرڪون ڇُربيون هيون، پر هاڻي اتي اُهو ڪم بنهه ڪونه ٿئي. -اجرڪ- جو ڪم درياهن، ندين ۽ واهن جي ڪنارن ۽ ٿوريءَ سخت هوا وارن علائقن ۾ ٿيندو آهي. اجرڪ پنهنجي پورن، ٺپن ۽ رنگن سبب مشهور آهي. لطيف سائين ’پور‘ ۽ ڇُر جي اهميت کي هن طرح واضح ڪيو آهي: ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور‘. اجرڪ جا پور سوين قسمن جا آهن، جن ۾ چڪي، ڇانڀ، ڇلو، عشق پيچ، موتين جڙيو، گُڏڙي، چوداڻ، ڪڪر، مهراڻ، قلمدان، ڪاشي، ونگو،-بادام-، ڏاڙهونءَ گل، جليب، ڊسڪو، فورِاسٽار، نارو، وٽ، هانشو،-ٻري-، کارڪ، مداخل، ٻوٽو، ريال، غاليچو وغيره شامل آهن. هن وقت سنڌ ۾-اجرڪ- جا هيٺيان وَر هلندڙ آهن: ڪڪر، دٻلي (آڳاٽو ۽ اصل نالو: چَڪي)،-بادام-،حاشيو، ول (ٽي قسم: وڏي ول، پوپٽي وَل ۽ ننڍي ول)، کارڪ، جليب، غاليچو،چوداڻ، گُڏڙي، مداخل، ٻوٽو، ريال، عشق پيچ، مُهر، ڇلو (جنهن جو اصل نالوسرڪاري‘ آهي)، ۽ قلمدان. هاڻوڪي دؤر ۾ جيڪي اجرڪون تيار ٿين ٿيون، انهن جا ٻه قسم آهن: هڪ اها-اجرڪ-،جيڪا روايتي انداز ۾ تيار ڪئي وڃي ٿي، جنهن تي ’ڇر‘ جو ڪم ٿيندو آهي ۽ اهامختلف مرحلن مان گذرندي لڳ ڀڳ مهيني کن ۾ تيار ٿئي ٿي. ٻي-اجرڪ-، جيڪا مارڪيٽ ۾ دستياب آهي، اها مشينن تي ٺهندي آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ پنج سئو کان هزار جي تعداد ۾ تيار ٿئي ٿي. -اجرڪ- هڪ شيءِ جو نالو ڪونهي، پر اها رڱاوت، جيڪا محنت ۾ ٺهي،-ان- کي اسين-اجرڪ-چوندا آهيون، انهيءَ ۾ ٻانڌڻا،-بگ-، ملير، جُهميون، چُنيون، لسا به آهن، جيڪي اجرڪن جا مختلف نمونا آهن. اجرڪ 16 مختلف مرحلن مان گذري تيار ٿيندي آهي. پهرين ڪپڙو ورتو وڃي ٿو،-ان- بعد ڪپڙي جا پنج پنج ميٽر جا ٽڪرا ڦاڙي سوڍا کار ۾ ٻوڙو ڏيئي، کنڀ چاڙهيو ويندو آهي. -ان- بعد ڪپڙي کي لاهي کنڀ کي ڌوتو ويندو آهي. بعد ۾-ان- ۾ ساجُهه وجهبو آهي. ساجهه ۾ صابڻ، کارو-تيل- ۽ هيرڻ جو-تيل- استعمال ٿيندو آهي. -ان- کان پوءِ ساجهه ڌوئڻ جو مرحلو ايندو آهي. -ان- بعد ’ڪسائيءَ‘ جو مرحلو آهي، جنهن ۾ صابڻ، هيرڻ جي-تيل- ۽ سڪل ليمن مان هڪ محلول ٺاهيو ويندو آهي. -ان- بعد-اجرڪ- ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ ايندي آهي. پهرئين مرحلي ۾ اصل جي ڇُرَ ٿيندي آهي. -ان- بعد ’ڪٽ‘ جو مرحلو ايندو آهي. تنهن کان پوءِ ’کڙ‘ جو ڪم ٿئي ٿو. اُن بعد پڙو ڪُنِ ۾ ٻوڙبو آهي. ڪُن ۾ ٻوڙڻ بعد اها-اجرڪ- وري ڇرجڻ ويندي آهي، جنهن کان پوءِ-ان- کي رڱيو ويندو آهي. رڱڻ کان پوءِ مَنهڻ جو مرحلو اچي ٿو،-ان- بعد مينا جو ڪم ٿيندو آهي. مينا جي مرحلي دوران وري مٿس ڇُر ٿيندي آهي. آخر ۾-ان- کي انڊيگو (گُليءَ) ۾ ٻوڙيو ويندو آهي، جنهن بعد وڃي-اجرڪ- تيار ٿيندي آهي. 5 ميٽرن واريءَ-اجرڪ- تي 5 هزار 9 سئو دفعا ٻنهي پاسن کان رڳو ٺپا هنيا وڃن ٿا. -اجرڪ- جي رزلٽ لاءِ 28، 30 ڏينهن انتظار ڪرڻو پوي ٿو. هيءُ تمام ڏکيو هنر آهي. سنڌ جي هزارن سالن جي-تاريخ- ۾ هن هنر جا ڪئين ڪاريگر پيدا ٿيا هوندا، پر وقت جي وهڪري انهن نالن کيمحفوظ نه رکيو. بهرحال ويجهڙ واري دؤر ۾ هيٺين ڪاريگرن جا نالا معلوم ٿياآهن: الهڏنو سومرو کٽي، ڀليڏنو سومرو کٽي، حاجي جمعو ۽ يعقوب لٽائي، ويٺل وسي ملوڪ شاهه (-ٽکڙ- جا)، جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڪاريگر هئا. حاجي عثمان ۽ طاهر محمد، ٻئيڀائر مٽيارين جا هئا. سعيدپور جي مَنُو کٽيءَ، وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس پٽحاجي وريل ۽ محمد عيسو به سٺا ڪاريگر ٿي گذريا آهن. حاجي وڪيو شاهه ڪاريگرهو، جنهن مٽيءَ جي پورن سان ڪم ڪيو، ڪاٺ جا پور پوءِ ٺهرايائين. ڀينڊي جوگل محمد سومرو کٽي، سيکاٽ جو حاجي صالح کٽي سومرو ۽ ماتليءَ جو محمد حسن،گذاري ويا. واري-تڙ-، سکر جو ڪاريگر محمد صالح سومرو، 1999ع ۾ گذاري ويو، جيڪو مشهور شاعر ادل سومري جو والد هو. مشهور ڪاريگرن ۾، مٽيارين جو-بچل--بمبئي-، ڪم جي سهڻائيءَ ۽ تيزيءَ سبب-بمبئي- نالو پيس. کيبرن جا محمد صديق سهتو ۽ حاجي عثمان،. سيکاٽ ۾ محمد يونس کٽيسومرو، ٽنڊي محمد خان ۾ حاجي ڀليڏنو، حاجي لکاڏنو ۽ حاجي محمد شفيع ماتليءَ۾ هاڻي محمد حسن جو پٽ محمد عثمان ڪم ڪندو آهي. ڪي هندو جاتيءَ جا ماڻهو به اڳ ۾-اجرڪ- ڇُرڻ جو ڪم ڪندا هئا، جن مان ڪي هالا ۾ رهندا هئا، جيڪي ڪجهه سال اڳ لڏيڀارت هليا ويا، جن ۾ واسو مل، دولهه ڏنو مل، مينگهومل، ڪيول مل ۽ ڀڳڙي ملجا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. مٺيءَ ۾ کتري هندو-اجرڪ- جو ڪم ڪن ٿا، جن ۾ نٿو مل کتري هن وقت ڪاريگر ليکيو وڃي ٿو.

    سنڌي ثقافت جي باري ۾ مختلف مضمون ۽ مقالا پڙهڻ لاء هيٺ عنوان تي ڪلڪ ڪندا
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG][​IMG]
    مضمون کڻڻ جا مددي وسيلا۔۔۔۔ سنڌيانه، گوگل، سنڌي اخبارون
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    هڪ سوال۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ثقافت، ايڪتا جو ڏينهن ملهايو ويو ۔۔۔ ڪيئي اختلاف هوندي به هن ڏينهن جون ڪافي خاصيتون آهن ، اهوئي سبب آهي جو مان ٻه سڀني سان گڏ هوندو آهيان۔

    اسان جي ثقافت صرف اجرڪ ٽوپي ناهي، پر ان ڏينهن اسان کي پنهنجي روايتن سان گڏ ڪجهه وچن ڪرڻ گهرجن ته ڪيئن اسان پنهنجي قوم جي بهتري لاء ڪجهه ڪري سگهون ٿا۔

    بهترين چونڊ مضمون جمع ڪيا اٿو ۔۔۔ لاجواب
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب ادا ، ثقافت بابت تفصيلي معلومات ، سهڻي انداز ۾ بيان ٿيل آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو