ڪڻڪ ۾ ته زهر نه ملايو

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 ڊسمبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪڻڪ ۾ ته زهر نه ملايو...

    محمد مٺل جسڪاڻي

    ڪڻڪ کير پياڪ ٻالڪ کان ڏند ۽ ڏاٺون ڀڳل پيرسن، صحتمند ڏٽي مُٽي کان ناچاڪ ماڻهو (مرد خواهه خواتين)، پکي ۽ پالتو جانور جي هڪ نه ته ٻيءَ صورت ۾، پر اهم خوراڪ آهي. هن اتم خوراڪ ۾ ڪنهن به بهاني سان زهر ملائڻ جو مطلب آهي، پنهنجي کاڌي ۾ زهر ملائڻ ۽ زهريلو کاڌو ڪنهن به ريت سٺو نه آهي.
    ڪڻڪ جي فصل کي جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين کان بچائڻو آهي، ته حڪومت پاران سفارش ڪيل ۽ مهيا ڪيون ويندڙ قوت مدافعت رکندڙ جنسون پوکڻ گهرجن. سفارش ڪيل وقت تي پوک ڪرڻ سان به انهن دشمنن کان بچاءُ ٿئي ٿو. سفارش ڪيل طريقي سان پوک ڪبي ته به تحفظ ملي ٿو. سفارش ڪيل وقت تي پاڻي ڏيڻ، ڪمزور زمين ۾ سفارش ڪيل نامياتي ڀاڻ، مجبوري جي صورت ۾ ڪيميائي ڀاڻ ڏيڻ سان پڻ فصل ڀلو ٿيندو، ته انهن اهم دشمنن جو مقابلو ڪري سگهندو.
    هونئن به ڪڻڪ ۾ جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين جو ڪو خاص مسئلو نه آهي، ان ڪري ٿوري احتياط سان به فصل انهن کان محفوظ رهي ٿو، پر گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڻڪ پوکيندڙ آبادگارن لاءِ مسئلو پيدا ڪندا آهن، جنهن ڪري گاهه مار زهرن جو استعمال ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جڏهن ته جيڪڏهن ايمانداريءَ سان جائزو وٺبو ته پاڻ وٽ اهڙي حالت، صورت، مجبوري نه آهي، جو اهي زهر استعمال ڪجن.
    آبادگار يا انهن جا هر هاري ڀائر، فصل ۾ ڦٽندڙ گاهه کي سندن چوپائي مال لاءِ ضروري سمجهندا آهن، سمجهڻ به گهرجي، پر فصل کي نقصان پهچائي مال کي پالڻ ۽ وڌائڻ سٺي حڪمت عملي ته نه آهي، پر انظرانداز به نه ٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته اهو به مڃڻ گهرجي ته فصل جي چوپائي مال جيتري يا چوپائي مال جي فصل جيتري ئي اهيمت آهي، پر اهو به انصاف نه آهي ته چوپائي مال جي چاري لاءِ فصل ۾ گڏ، گاهه جو ٻج به ڇٽي ڇڏجي، يا ڦٽندڙ گاهه جي رک ڪجي.
    فصل ۽ مال، ٻنهي تي برابر توجهه ڏيڻ ۽ ٻنهي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ، سٺي آبادگار جي سٺي حڪمت عملي تڏهن مڃبي، جڏهن مال لاءِ الڳ گاهه جو انتظام ڪجي. ڇاڪاڻ ته فصل ۾ ڦٽندڙ هر ڌاريو ٻوٽو، اصل ۾ فصل وارن ٻوٽن لاءِ اهڙو اڻ سڏيو مهمان آهي، جيڪو نه صرف ميزبان جي کاڌ پيت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو، پر اهو اهڙو ’ڪڙم جو ويري‘ به هوندو آهي، جيڪو پاڻ ته دشمن آهي ئي آهي، پر ٻين دشمنن (جيتن ۽ بيمارين وغيره) جي به مدد ڪندي، ميزبان تي گڏيل وار به ڪري ٿو.
    آبادگار ڀائر گندگاهه جيڪري پهچندڙ نقصان کان يا ته اڻڄاڻ آهن يا وري ڄاڻي واڻي انهن کي معمولي ته سمجهن ٿا، پر حقيقت هيءَ آهي ته، گندگاهه جيڪري 17 کان 25 سيڪڙو پيداوار گهٽ ملي ٿي، جنهنڪري معاشي نقصان به ٿئي ٿو. ان ڪري ڪنهن به صورت ۾ انهن کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏجي. البت، اهو به درست نه آهي ته گندگاهه جا ٻوٽا ختم ڪرڻ لاءِ زهر استعمال ڪجي، اهي ته زهر کانسواءِ به ته ختم ٿي سگهن ٿا.
    ڪڻڪ جو ريج ڇڏڻ کان مهينو اڳ زمين ۾ هلڪو پاڻي ڏجي. هفتي ڏيڍ اندر زمين ۾ موجود گاهه جا ٻج ڦٽي ويندا. ان بعد هر ڏئي انهن کي ختم به ڪجي ۽ پوک لاءِ زمين به تيار ڪري وٺجي.
    اڄ ڪلهه اهو مرحلو ممڪن نه آهي، ته فصل کي پهريون پاڻي ڏيڻ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ يا وري پوءِ جيئن ئي زمين وٽ ۾ اچي ته، نظر ايندڙ هر غير ضروري ٻوٽو پاڙان ڪڍي ڇڏجي. ان کانپوءِ وقت به وقت فصل جو معائنو ڪندو رهجي. جيئن ئي ڪو ڌاريو ٻوٽو اک چڙهي، ته ڪڍي وٺجي. اهڙي طرح فصل جي شروعاتي اٺن هفتن اندر گاهه وارا ٻوٽا ڪڍي ختم ڪيا ويا ته ٺيڪ، نه ته پوءِ ڪڍڻ مان ڪو واضح فائدو نه ٿيندو. البت، پنهنجي فصل مان ٻج وٺڻو هجي، ته فصل پوکڻ کان لاباري تائين، هر پاڻي کان پهرين يا وري جيئن ئي زمين وٽ ۾ اچي ته، سمورا گندگاهه توڙي هر گاڏڙ جنس جا ٻوٽا پڻ ڪڍي ڇڏجن.
    آبادگار ڀائر ان صلاح تي ناراِ ٿي عذر ڏيندا ته اهو ڪم ڪرڻ لاءِ ڪم وارا ڪٿان ايندا؟ جڏهن ته بي روزگاري به عام آهي. ڪم جهڙا واندا هوٽل تي ويهندا پر ڪم نه ڪندا آهن. ان سلسلي ۾ صرف ايترو عرض ڪندس ته هڪ ٻئي جي تربيت ڪجي، ڪم ڪرڻٻ جي عادت پيدا ڪجي. مردن کي مردانگي جا گر سيکارجن. گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو...
    پهرئين پاڻي کان پهرين، ڀنجُهو واري زمين مان ٻوٽا هٿ سان ڇڪي، پاڙان ڪڍي ڇڏجن، ته جيئن ٻيهر نه ڦٽن. ڏانٽي سان لڻيل گاهه ٻيهر ڦٽي ايندا آهن، ان ڪري رنبي، ڪوڏر ۽ کهيڙو وغيره ڪتب آڻي، گاهه وارن ٻوٽن کي پاڙان ختم ڪرڻ گهرجي.
    ياد رهي ته ڪيميائي طريقي سان گاهه ختم ڪرڻ وارا گاهه مار زرعي زهر صرف گاهه لاءِ ئي نه، پر هر ساهواري توڙي ماحول لاءِ به انتهائي هاڃيڪار آهن، ان ڪري گاهه مار زهر استعمال نه ڪجن يا وري انتهائي مجبوري ۾ استعمال ڪرڻ گهرجن. پر اهو به نه وسارڻ گهرجي ته هيءَ زهر به ٻين زهرن وانگر ماحولياتي گدلاڻ جو سبب بنجن ٿا. هوا ۽ پاڻي کي زهريلو ڪن ٿا. زمين ۾ رهجي ويل باقيات جي ڪري نئين پوکجندڙ فصل تي خراب اثر پوي ٿو. فصلن ۾ جذب ٿيڻ ڪري، هر زرعي اپت ۾ شامل ٿي، کائڻ واري تي به زهريلو اثر پوڻ ڪري، نقصان ٿئي ٿو.
    جيتوڻيڪ ٿوري وقت ۾ جهجهي ايراضي مان گندگاهه ختم ڪرڻ لاءِ گاهه مار دوائن جو استعمال وڌيڪ مناسب سمجهيو وڃي ٿو، پر وري به ياد رهي ته، هٿرادو طريقي يعني گندگاهه جا ٻوٽا پاڙان ڪڍڻ، گڏ ڪندي، ڪوڏر، کهيڙو يا رنبي سان گاهه ختم ڪرڻ وارو طريقو هر جاندار جي صحت ۽ ماحول واري حساب سان بلڪل محفوظ آهي.
    مجبوريءَ جي حالت ۾سنهن پنن وارن گندگاهن جي خاتمي لاءِ هڪڙا ته ويڪرن پنن وارن گندگاهن کي ختم ڪرڻ لاءِ وري ٻيا زهر استعمال ٿين ٿا. جيئن ته هي طريقو وڌيڪ خطرناڪ آهي ۽ بعض صورتن ۾ خود ڪڻڪ جا ٻوٽا به ختم ٿي سگهن ٿا، ان ڪري ڄاڻي ٻجهي تفصيلي معلومات ڏيڻ بدران، سڀني کان سهڻي، سولي ۽ محفوظ صلاح هيءَ آهي ته، ڪو به زرعي زهر، زرعي ماهر يا توسيع کاتي جي صلاح ۽ ان جي موجودگيءَ کانسواءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا اسان جو معاشرو جنهن پستي مان گذري رهيو آهي ان ۾ حقيقت ۾ زهر کان سواءِ ٻيو ڪُجھ به ڪونهي۔
    غير فطري انداز سان پوک پوکي وڃي ٿي ملاوٽ عام ٿئي پئي ميڊيا تي جيڪو تيل و شيون ٺهن پيون سي اسان سڀني اڳيان آهن۔
    ڪهڙي زهر کان بچي ڪهڙي زهر کان بچون۔
    بس ان جو هڪ ئي حل آهي ته ضرورت اهر شيون استعمال ڪريون عين ان جيان ته جيئن جان بچائڻ لاءِ جيترو حرام جائز هوندو آهي هتي ته هر شي ۾ ملاوٽ ڪري حرام ڪري ڇڏيو اٿن ۔
    وسلام
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    احتياط علاج کان بهتر آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو