نثاراحمد ناز جو ڪتاب” توسان ڪهڙيون رِيسون “ ڇپجي ويو

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2013۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم ، جيئي سنڌ ، توهان دوست کي هي خبر نهايت خوشي سان ونڊ پيو ڪريان ته شڪر الحمد الله منهنجي ڪچي ڦڪي شاعري جوپهريون ڪتاب”توسان ڪهڙيون رِيسون”
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پبليڪيشن پاران ڇپائي جي آخري مرحلن ۾ آهي ، جيڪو عنقريب سنڌ واسين سميت سنڌ
    سلامت جي دوستن جي هٿن ۾ هوندو:
    [​IMG]
     
    17 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    سائين ڪتاب جي باري ۾ معلومات ڏيڻ لاء توهان جي وڏي مهرباني۔ سائين توهان جي شاعري سنڌ سلامت ۽ ٻين فورمن تي تي پڙهندا رهندا آهيون مگر ڪتاب جي صورت ۾ به انشاء لله پڙهنداسين،
    نثاراحمدناز جي شاعري مان چونڊ
    هر جنم اي يار ! طلبگار تُنهنجِي آهيان
    طلبگار تُنهنجِي آهيان
    مون مڃو محبوب توکي، ساجن سڀ ڄمار!
    طلبگار تُنهنجِي آهيان .
    وائِي ٻي نه ٻوليان، تون ئي تُون جي تنوار !
    طلبگار تُنهنجي آهيان .
    موهين سارا لوڪ تُون ، جانبَ جلويدار !
    طلبگار تُنهنجِي آهيان.
    ڍوليا مُون مسڪين جِي ،سگهڙو لهجان سار!
    طلبگار تُنهنجِي آهيان .
    پيارَ تُنهنجي ۾ پاڳل مان “ ناز” مٺا نثار !
    طلبگار تُنهنجي آهيان
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔​
    چمڪي آ چانڊاڻ، مشڪي آهي ماٿري،
    پرڏيهي منهنجو پرين، اِجهو آيو ڄاڻ،
    منهنجو من مهراڻ، ڇولين جيئن ڇُلڪي اُٿيو
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔​

    [​IMG]
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    محترم ممتاز وگهيا صاحب توهان جون مهربانيون منهنجي لا اها فخر جي ڳالهه هوندي ته منهنجو اهو ڪتاب سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پبليڪيشن جي بينر هيٺ شايع ٿيل هوندو، اُها سنڌ سلامت جنهن مون ڏيهه جي ڌڪاريل ماڻهو کي نان ڏنو، ساري دنيا ۾ مون ٽي درجي واري شاعر جي سُڃاڻپ ڪرائي، توڻي جو مان سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀرڻ وساري چُڪو آهيان ان هوندي به هر جا تي پنهنجي سڃاڻپ سنڌ سلامت جي جهوني جي حيثيت سان ڪرائيندو آهيان۔ خير جنهن ڏينهن منهنجي ڪتاب توسان ڪهڙيون رِيسون جي مهورت ٿيندي انهي ڏينهن منهنجو هي ڪتاب ساري دنيا جي سنڌين واسطي سنڌ سلامت تان آن لائن ٿيندو۔ ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا۔
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سائين توهان جي ڪتاب توسان ڪهڙيون رِيسون جي مهورت ڪڏهن ۽ ڪهڙي هنڌ ٿيندي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اسان کي ڪتاب جو انتظار آهي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا ممتاز انشاالله منهنجي ڪتاب جي مهورت 12 جنوري 2014ع تي ٿيندي ، ڇو جو منهنجي جنم جو ڏينهن 12 جنوري آهي ، ادا توهان جي دعائن سان منهنجي وڏي پُٽ محمد علي سمون ان ڪتاب جو سمورو خرچ برداشت ڪري منهنجي جنم ڏينهن تي ڪتاب توسان ڪهڙيون ريسون جي صورت ۾ منهنجي جنم ڏينهن جو مونکي هڪ خاص تحفو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ۽ منهنجي جنم ڏينهن جي خوشين کي دوبالا ڪري رهيو آهي الله پاڪ جي ڪرم نوازين سان مان عنقريب صاحب ڪتاب ٿي ويندس ۽ توهان کي ته خبر آهي ته هڪڙي انسان جي زندگي ڪيتري آهي ۽ هو گهڙي پل جو ته مهمان هوندو آهي پر ڪتاب جي صورت اهو انسان هميشهه لا تاريخ ۾ امر ٿي ويندو آهي۔ ادا منهنجي ڪتاب جي مهورت منهنجي پسنديده ترين حال سنڌ ميوزم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ ٿيندي، جنهن ۾ توهان سمورن دوستن کي شرڪت جو سڏ ڏنو ويندو، سنڌ سلامت جي جهونو توهان سڀني دوستن جو دل جي گهرائين سان آجيان ڪندو۔ انشاالله
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    انشا الله شرڪت ضرور ڪنداسين۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڳالهه ته وڻي پر جهونو ڪافي وقت کان پوء ظاهر ٿيو آهي
    اسان ته ڪتاب تڏهن پڙهنداسين جڏهن سرپست اعلي سنڌ سلامت تي کي ٽائيم ڏيندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين توهان کي ايڊوانس ۾ واڌايون هجن۔
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    عرس پريو جو شرط ته صفا خطرناڪ آهي۔ پر واقعي اها حقيقت آهي ته انتظامي لڏي جو جهونو الاءِ ڪهڙي جهان ۾ آهي جو صفا ظاهر ئي ناهي۔ توسان ڪهڙيون ريسون ڪتاب سان اهو به لکو ته تو کان ڪهڙييون دوريون۔
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا عبيدالله توهان جي انتظار جون گهڙيون جلدي ختم ٿينديون
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    محترم عرس پريا تنهنجي هر سوال جو جواب سائين حفيظ لغاري جي نهايت ئي شاندار وراڻِي : توکان ڪهڙيون دوريون آهي ۽ جيڪڏهن منهنجو ڪتاب نه پڙهندين ته تنهنجي انهي سوال جي وراڻي صرف اها هوندي ته توسان ڪهڙيون ريسون ۔ باقي رهي ڳالهه سنڌ سلامت کي ٽائم نه ڏيڻ واري ان سلسلي ۾ جادوگر رشيد سمون جي عدالت اڳ ۾ ئي هن جهوني کي روپوش قرار ڏئي ڏوهاري جو فيصلو صادر فرمائي چڪي آهي۔ جادوگر ۽ وڏي جج جي فيصلي کان پو تو ننڍي جج جو فيصلو ڪتاب نه پڙهڻ وارو بلڪل نامناسب ۽ رولز جي خلاف آهي، هڪ ئي ڏوهه ۾ ٻه ٻه سزائون ظلم آهي ما لارڊ۔۔۔۔۔۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاعريءَ جو ڪو هڪ معراج نه پر کوڙ سارا معراجَ!

    سچ پڇو ته اڄ تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ڇو ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام اڄ سنڌ سلامت پبليڪيشن ذريعي پهريون ڪتاب پيش ڪري رهي آهي. وڏي خوشي ان ڪري به ٿي آهي جو هي پهريون ڪتاب به سنڌ سلامت جي سرواڻ نثار احمد ناز جي شاعريءَ جو ڪتاب آهي. سنڌ سلامت گذريل چئن سالن کان انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي خدمت ۽ ترقي لاءِ ڪوشان آهي ۽ سنڌي ڊجيٽل ڪتاب گهر ذريعي ڪيترن ئي سنڌي ڪتابن کي سڄي دنيا جي سنڌين تائين پهچائي رهي آهي.
    نثار احمد ناز جي شاعريء جو ڪتاب توسان ڪهڙيون ريسون“ شاعري جي کيتر ۾ هڪ سٺو اضافو ٿيندو. نثار احمد ناز هڪ بهترين شاعر هجڻ سان گڏ نوجوان شاعرن لاء رهنمائي جو سبب به بڻبو رهيو آهي. علمي ادبي کيتر ۾ سندس علمي ۽ ادبي ڪاوشون ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ ،ينگ رائيٽرس فورم سنڌ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سميت سوشل ميڊيا فيس بُڪ تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل سندس ڪاوشون اسان سڀني جي سامهون آهن. نثار احمد ناز هڪ اڻٿڪ محنت جو نالو آهي، جنهن بغير ڪنهن سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ئي جانفشاني ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو آهي. سندس شاعري گهڻي عرصي کان سنڌ سلامت تي پڙهندو پيو اچان پر انتظار هيو سندس ڪتاب جو. نثار ناز هڪ محبتي ماڻهو آهي ۽ جڏهن به ٽنڊي محمد خان وڃڻ ٿيندو آهي ته هن سان ملاقات جو موقع ضايع ڪرڻ کي گناهه سمجهندو آهيان، جيڪڏهن ملاقات نه به ٿئي ته فون تي عليڪ سليڪ ضرور ٿيندي آهي. سنڌ سلامت جو سرپرست هجڻ جي ناتي هُن سان اڪثر صلاح مشورا ٿيندا رهندا آهن ۽ پاڻ اسان اڻڄاڻن ۽ سيکڙاٽن جي هر وقت رهنمائي ڪندو رهندو آهي. نثار ناز اسان لاءِ ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هو سنڌ جي هر شاعر، اديب ۽ ليکڪ سان گڏ سنڌ جي گهڻ گهرن جي دلي عزت ڪندي انهن کي ڀيٽا پيش ڪندو رهي ٿو، جيڪو هڪ نئون مثال آهي.
    نثار احمد ناز جي شاعريء ۾ سنڌ سان ازلي محبت جي جهلڪ به نمايان هوندي آهي. جڏهن سنڌ ڄائِي هند ۾ رهندڙ نامياري فنڪاره، هدايتڪاره، فلمساز، ۽ انٽرنيشنل ڪيليبر جي مالڪياڻي سنڌي شاعره محترما ڪوشي لالواڻي نثار ناز جو گيت “مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو، گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو” ڳاتو ته اسان کي نثارناز سنڌ سان ديوانگيءَ جي حد تائين پيار ڪندڙ شاعر لڳو. هو سنڌ سان محبت عبادت سمجهي ڪندو آهي. سندس گيتن ۽ شعرن ۾ سنڌ سدائين رچندي ۽ وسندي رهندي آهي. سندس نظم جون هي سٽون ته پڙهو:

    بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
    سوچ منهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم
    جيجل سنڌ سان گڏ ساري دنيا جا سنڌي به ڄڻ سندس دل ۾ ويٺا هُجن سنڌين سان سندس سڪ ۽ محبت ۽ پيار جو اظهار سندس هن غزل مان ڀليءَ ريت پسجي سگهجي ٿو:

    مونکي پنهنجا کپن ڪونه پراوا کپن !
    سنڌي سُهڻا رُڳو مونکي ساوا کپن !

    منهنجو بر پيو وسي سُهڻو ٿر پيو وسي ،
    مُنهجا مارو مٺا مونکي ڍاوا کپن !

    سنڌ جو ٻالڪ پڙهي، اُنَ جِي اوسر ٿئي ،
    اڪَ جون ڪاٺيون اڃا نِمَ جا پاوا کپن !

    جن جي دل تي چِٽو نالو سنڌ جو هُجي
    ڀائر ڀيڻون ته سي سنڌ جا ڄاوا کپن !

    جيڪي سنڌ تي لِکِي جيڪي سنڌ لئه وڙهن،
    سڀئي ليکڪ سنڌِي مونکي ڏاها کپن !

    شل هِي ويڙها سدا “ناز” سنڌ جا وسن،
    وستيون واهڻ ٻنيون مونکي ها ها ! کپن .

    غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ هوندو اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر ايندو آهي . سندس شاعريء ۾ مجاز جو رنگ به عيان هوندو آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي سندس شاعريءَ ۾ محبت جو هڪ معراج نه پر کوڙ سارا معراج موجود آهن . هو عاشق به آهي ته معشوق به.سندس هن نهايت ئي دلڪش غزل مان اهي سُرور ڏيندڙ جذبا پڙهي اندازو لڳايو ته هُن جي شاعريءَ ۾ مجاز جي مستيءَ جو ڪو ڇيهه ئي ڪونهي سندس شاعريءَ جا لفظ سدائين رقص ڪندي نظر ايندا آهن.

    ڳالهه نڪتي آ صنم زُلف سنوارڻ تائين
    شوخ نظرن کان وٺي تُنهنجي نهارڻ تائين !

    تنهنجي جَلِون ۾ مگن ساري هي دنيا آ،
    ورنه! هُئي سُونهن ڪِٿي رُوپ سجائڻ تائين .

    جيڪا هِي مهڪ اُٿِي تُنهنجي بدن مان پيارا
    مون لئه ڪافِي آ سڄڻ دل ۾ سمائڻ تائين .

    مونکي ڪافر نه چئو يار زماني وارؤ ،
    مُنهنجا سجدا ته صرف نينهن نڀائڻ تائين .

    نثار احمد ناز جي شاعري زماني جي بي واجبين، ستم ظريفين ۽ ڏاڍاين جي به عڪاسي ڪري ٿي. هو اهڙن ڏکن، ڏوجهرن کي پنهنجي شعرن ذريعي ڄڻ ته زبان مهيا ڪري ڇڏي ٿو.

    ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻون
    انڌن جي اچي شهر ۾ پيا آرسيون وڪڻون

    سر عام ڏئي هوڪا چَون چوڪ تي دلبر
    بُک پيٽ جي خاطر ٿا اسان دلبريون وڪڻون

    اميد آهي ته نثار احمد ناز جي هن ڪتاب جي پڙهڻ کانپوءِ دوست مثبت رايا موڪلي ، سنڌ سان محبت ڪندڙ هِنَ شاعر جي همت افزائي ۽ حوصلا افزائي ضرور ڪندا. نثار احمد ناز لاءِ دعا آهي ته هو پنهنجي قلم کي اظهار جو هڪ موثر هٿيار بنائي اڃان به لکندو رهي ۽ سنڌ امڙ جو حلالي پُٽ ٿِي سنڌ مٺيءَ سان ٿڃ جو ناتو نڀائيندو رهي . آمين
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سائين تمام گهڻي خوشي جي ڳالھ آهي ، اوهانکي واڌايون هجن
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ما شا الله، اڄ واقعي به ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي، سائين جن کي ايڊوانس ۾ مون پاران به لک لک واڌايون۔
    باقي دوستن جيان مون کي به ڪتاب جي مهورت جو انتظار رهندو۔
    سائين ناز صاحب! اوهان کي اڄ منهنجي چار سال اڳ واري ڳالھ ضرور ياد ايندي هوندي جڏهن مون پهريون دفعو اوهان جي ڪتاب جي ڇپائي جي ڳالھ ڪئي هئي ته اوهان مون کي سزا ڏين پئي چاهيو!!
    بهر حال وري به ايڊوانس ۾ لک لک واڌايون، ۽ انتظار۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا نثار ناز صاحب السلام عليڪم۔ اسان توهان کي دل جي گهرائين سان مبارڪ پيا ڏيون، اميد ته قبول پوندي، توهان جي وڏي صاحبزاده کي شاباس آهي جو پنهنجي عزت ماب والد (يعنئ توهان ) کي ڄمڻ جي ڏينهن تي وڏو قيمتي تحفو ڏئي رهيو آهي۔ ادا سائين اسان ان موقعي تي اڳوٽئي اوهان جي دلي ڪفيت جو اندازو لڳائي سگهون ٿا توهان جهڙي محبتي شاعر جي شاعري انهن جي قيمتي متاع هوندو آهي ۽ جڏهن ان کي ڪتاٻي شڪل ۾ آڻي ٻين کي ان جو پڙهڻ جو موقعو ملندو آهي ته شاعر جي زندگي ۾ بهار اچي ويندي آهي

    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو