محترم امان الله قريشي صاحب،
وعليڪم السلام
ڀلي ڪري آيا، جي آيا ۔۔۔ سنڌ جون اوطاقون ته هونءَ ئي سهڻيون هونديون آهن، سنڌي سٻاجهڙا آهن ئي اوطاقي مڙس ۽ مهمان نواز ۔۔۔ هي اڱڻ سنڌ دوستن لئه ٺاهيو ويو آهي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سگهارو ڪري سگهجي ۽ جديد علمن سان سرشار ڪري سگهجي ۔۔۔
اوهانکي هي اڱڻ سٺو ۽ معلوماتي لڳو ۽ اوهانکي پسند آيو، اوهانجي راءِ باعث فخر آهي، پر تنهن هوندي به جيڪي هيٺ مٿاهيون آهن اميد ته اوهان جهڙن دوستن جي ساٿ ۾ انهن جي اصلاح ٿيندي رهندي جو اصلاح هڪ مسلسل عمل آهي ۔۔۔
دوست چنا صاحب، انتهائي دلبر ماڻهون آهي ۽ سندس ساٿ پڻ اسان لئه باعث فخر آهي ۔۔۔ مٿان وري دوست چنا صاحب جو ٿورا جو هو اوهانجهڙن دوستن کي اسانجي ساٿ ۾ وٺي آيو آهي۔۔۔
ادا امان الله قريشي۔۔۔ اوهان کي سنڌ سلامت جي سنگت ۾ ڀليڪار۔۔۔
دوست بيشڪ هي فورم اسان کي اوهان جهڙن کوڙ سارن محبتي سنڌي ماڻهن سان ملڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو۔۔۔ ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ، ادب، تهذيب، شخصيت ۽ ماڳن جي باري ۾ هن فورم تي اسان ۽ توهان جهڙا دوست هڪ ٻئي سان معلومات جو تبادلو ۽ بحث مباحثو ڪندا رهون ٿا۔۔۔ هن فورم جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي دنيا ۾ عام ڪرڻ، ڊجيٽل دنيا سان ان جي واڌاري لاءِ عملي طور قدم کڻجن پيا ۔۔۔ انشاءَ الله سوچن کان وڌيڪ هي فورم سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندو۔۔۔
مُحب مُنهنجا سُــپرِين آڻـيئي اَللهُ
تو کي سَــاريو ســاھُ اُڪَـنڊِيو آھُـون ڪَــري. شاھ
وعليڪم السلام
محترم سائين امان الله قريشي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي ساٿ ۾ شامل ٿيڻ تي لک لک واڌايون ۽ پُرجوش ڀليڪار ادا سائين اوهان سنڌ سلامت فورم لاءِ نيڪ خيالن جو اژظهار ڪيو اوهانجا لک لائق۔ سائين مان اوهان جو اُن لاءِ به ٿورائتو آهيان جو اوهان مون ناچيز و خاڪسار جي عرض کي مان ڏيندي پنهنجي مصروفيتن هوندي به نه صرف هن فورم جو ڦيرو پاتو بلڪه ميمبر پڻ ٿيا۔ ادا امان هن فورم تي سکڻ ۽ سيکارڻ ۽ هڪ ٻئي جي اصلاح جو عمل جاري رهندو آهي۔ اميد ته اوهان به ان عمل ۾ پنهنجو پاڻ ملهائيندا۔ اوهانجا لک لائق
اوهان کي هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۽ حاضر آهن اوهانجي خدمت ۾ ڪجهه گلن جا تحفه اميد ته قبول پوندا۔
ادا امان اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا ۽ اسان سائين عبدالستار جن جا پڻ ٿورائتا آهيون جن اوهان کي پنهنجي مٺڙي سنڌي ٻولي جي ويب سائيٽ بابت آگاه ڪيو
ادا امان اسان کي اوهان جي معلومات ونڊ ڪرڻ جو انتظار رهندو