اميد ته محترم ارشد صاحب جن جو ڪم ٿي ويو هوندو بهتر ٿيندو اگر ٻين دوستن کي ان سافٽويئر جي متعلق ڪجهه تفصيلي معلومات به ٻڌايو ته جيئن ٻيا دوست به ان مان مڪمل فائدو حاصل ڪري سگهن۔
اسلام و عليڪم دوستو
جيئن ته مان هڪ سافٽوئير جي ضرورت ۾ آهيان جنهن جو حوالو پهرين ڏئي چڪو آهيان ۽ ٿي سگهي ٿو ته دوست مدد جي جستجو ۾ لڳا پيا هجن مان به پنهنجي ڪوشش جاري رکندي هڪ ويب سائيٽ هٿ ڪئي آهي جنهن ۾ سافٽوئير جي موجودگي سان گڏ ان کي استعمال ڪرڻ جو طريقو پڻ وڊيوز جي صورت ۾ موجود آهي پر ڳاله وري به گهمي ڦري اچي ٿي پيسن تي مان سوچو ته اها ويب سائيٽ به دوستن سان شيئر ڪيان جيئن انهن کي مسئلو حل ڪرڻ ۾ آساني ٿئي
هي سافٽويئر ڪيبل آپريٽرز لاءِ انتهائي ضروري آهي جو هو هر وقت ڪنهن ماڻهون کي هلندڙ مووي کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ويهاري نه ٿا سگهن۔۔ هن سافٽويئر ذريعي سيٽنگ ڪري سگهجي ته مووي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪهڙي مووي هلي۔۔۔ ۽ جي بجلي وڃي ته ٻيهر اچڻ جي صورت ۾ مووي اتان ئي هلي۔۔۔
خير جيئن ته سافٽويئر پروفيشنل آهي ۽ پئسن تي پيو وڪامجي ان ڪري اخلاقن ان کي غلط طريقي سان ڦيلائڻ کي مناسب نه ٿو سمجهان ۔۔ ها البته توهان لاءِ سافٽويئر جو لنڪ ڪچهري ۾ موڪليو اٿم۔۔
جي ها سائين بلڪل ڪيو آهي پر دراصل انسٽاليشن جي دوران ئي مسئلو درپيش هيو مان توهان کي عرض ڪندس ته مهرباني ڪري توهان پاڻ هڪ دفعو ان کي انسٽال ڪري ڏسو ٿي سگهي ٿو ته توهان وٽ به اهو مسئلو اچي ۽ توهان ان کي سلجهائي وٺو