اسلام و عليڪم جيڪڏهن دوست وٽ سي اي ٽي وي ميڪس پليئر رجسٽرڊ هجي ته مهرباني ڪري لنڪ ڏيو اوهان جي مهرباني ٿيندي
اميد ته محترم ارشد صاحب جن جو ڪم ٿي ويو هوندو بهتر ٿيندو اگر ٻين دوستن کي ان سافٽويئر جي متعلق ڪجهه تفصيلي معلومات به ٻڌايو ته جيئن ٻيا دوست به ان مان مڪمل فائدو حاصل ڪري سگهن۔
سائين فاروق صاحب توهان جي مهرباني جو توهان لنڪ ڏني پر دراصل اهو ٽرائل ورجن آهي مان پهريان ڊائونلوڊ ڪيو هو مونکي رجسٽرڊ ورجن کپي بغير ڪنهن چارجز جي
اسلام و عليڪم دوستو جيئن ته مان هڪ سافٽوئير جي ضرورت ۾ آهيان جنهن جو حوالو پهرين ڏئي چڪو آهيان ۽ ٿي سگهي ٿو ته دوست مدد جي جستجو ۾ لڳا پيا هجن مان به پنهنجي ڪوشش جاري رکندي هڪ ويب سائيٽ هٿ ڪئي آهي جنهن ۾ سافٽوئير جي موجودگي سان گڏ ان کي استعمال ڪرڻ جو طريقو پڻ وڊيوز جي صورت ۾ موجود آهي پر ڳاله وري به گهمي ڦري اچي ٿي پيسن تي مان سوچو ته اها ويب سائيٽ به دوستن سان شيئر ڪيان جيئن انهن کي مسئلو حل ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ويب سائيٽ هي آهي www.catvmedia.com
هي سافٽويئر ڪيبل آپريٽرز لاءِ انتهائي ضروري آهي جو هو هر وقت ڪنهن ماڻهون کي هلندڙ مووي کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ويهاري نه ٿا سگهن۔۔ هن سافٽويئر ذريعي سيٽنگ ڪري سگهجي ته مووي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪهڙي مووي هلي۔۔۔ ۽ جي بجلي وڃي ته ٻيهر اچڻ جي صورت ۾ مووي اتان ئي هلي۔۔۔ خير جيئن ته سافٽويئر پروفيشنل آهي ۽ پئسن تي پيو وڪامجي ان ڪري اخلاقن ان کي غلط طريقي سان ڦيلائڻ کي مناسب نه ٿو سمجهان ۔۔ ها البته توهان لاءِ سافٽويئر جو لنڪ ڪچهري ۾ موڪليو اٿم۔۔
سائين هي آهي تصوير جنهن ۾ وڊيو جي اسڪرين تي اڇي ڪلر جو باڪس آهي خبر نه آهي ڇا مسئلو آهي http://imageshack.com/a/img4/6977/699x.jpg
ان کان علاوه جڏهن پلي لسٽ جي سيٽنگ ڪجي ٿي ته ان ٽائيم هي ايرر اچي ٿو http://imageshack.com/a/img15/4924/69ap.jpg
جي ها سائين بلڪل ڪيو آهي پر دراصل انسٽاليشن جي دوران ئي مسئلو درپيش هيو مان توهان کي عرض ڪندس ته مهرباني ڪري توهان پاڻ هڪ دفعو ان کي انسٽال ڪري ڏسو ٿي سگهي ٿو ته توهان وٽ به اهو مسئلو اچي ۽ توهان ان کي سلجهائي وٺو