
پ پ چيئرمين بلاول ۽ بختاور ڀٽو زرداري 8 ڊسمبر تي ايڪتا واري ڏينهن بلاول هائوس ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ پارٽي اڳواڻن کي گهرائي کانئن پڇيو ته اڄ سڄي سنڌ روڊن تي آهي ۽ هيڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهو سنڌ جون ثقافتي سرگرميون ڪري رهيا آهن، انهن سرگرمين ۾ پ پ ڪٿي به نظر نه پئي اچي، جنهن دوران بلاول ۽ بختاور سوشل ميڊيا تي ايڪتا جي حوالي سان سنڌ جي عوام کي مبارڪون ڏنيون ۽ پارٽي اڳواڻن کي فوري طور سنڌ ۾ ثقافتي حوالي سان تقريب منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کانپوءِ پ پ اڳواڻ فوري طور ڪراچي جي مهتا پيلس ۾ اهم تقريب جو بندوبست ڪيو، مهتا پيلس ۾ ٿيل تقريب جي ڪمپيئرنگ بلاول ۽ بختاور پاڻ ڪئي، جڏهن ته تقريب ۾ موجود سوين مهمانن، اسيمبلي ميمبرن،وزيرن ۽ ڪراچي جي اهم شخصيتن ۽ اڳواڻن کي بلاول سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ موهن جي دڙي بابت بريفنگ ڏني.
تقريب ۾ مختلف ملڪن جي سفيرن، مختلف شخصيتن، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، ايم اين اي فريال ٽالپر، عذرا پيچوهو سميت سنڌ جي صوبائي وزيرن، پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار الحسن، اي اين پي جي شاهي سيد، بشير جان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ ثقافتي تقريب لاءِ اجرڪ ۽ ٽوپي سميت سنڌ جو ثقافتي لباس به تيار ڪرايو، جڏهن ته بختاور ثقافتي تقريب ۾ ٽنڊي محمد خان مان گهرايل خاص اجرڪ پائي آئي.
شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ ملڪ جي اعليٰ قيادت کي سنڌ فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ عمران خان سميت ملڪ جي سياسي قيادت کي سنڌ فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا ته اهي به اچي فيسٽيول ۾ شرڪت ڪن.
تقريب دوران بلاول پنهنجي ڀيڻ بختاور جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته مان توهان جو شڪر گذار آهيان ته توهان 3 ڪلاڪن جي مختصر نوٽيس تي هن تقريب ۾ پهچي ويا، اسٽيج تي هڪ وڏي اسڪرين لڳائي وئي هئي جنهن ۾ فيسٽيول جي حوالي سان جهلڪيون به ڏيکاريون ويون.جڏهن ته بلاول ۽ بختاور بريفنگ ڏيڻ بعد ماڻهن کي ڊنر انجواءِ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ پاڻ به اسٽيج تان لهي تقريب ۾ موجود ماڻهن سان ملي جلي ويا، جيڪو پڻ سندن هڪ منفرد قدم هو. بلاول ڀٽو دنيا جي سڌريل ملڪن جي قيادتن وانگر پاڻ منفرد انداز ۾ بريفنگ ڏني. جڏهن ته بلاول بريفنگ ڏيڻ جي شروعات ڪرڻ وقت کان اڳ پنهنجو ڪوٽ ۽ ٻٽي شرٽ لاهي سنڌ فيسٽيول جي لوگو واري شرٽ ظاهر ڪئي ۽ سنڌ فيسٽيول ملهائڻ جو اعلان ڪيو ته پروگرام ۾ شريڪ ماڻهن زبردست کيس داد ڏنو ۽ تاڙيون وڄائي فيسٽيول جي آجيان ڪئي، جڏهن ته تقريب جي آخر ۾ زبردست آتشبازي جو پڻ مظاهرو ڪيو ويو.ڪاوش جي ٿورن سان
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: