• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ فيسٽيول 2014

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
Sind_Fest_2100_PKG_15-12_00000.jpg

پ پ چيئرمين بلاول ۽ بختاور ڀٽو زرداري 8 ڊسمبر تي ايڪتا واري ڏينهن بلاول هائوس ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ پارٽي اڳواڻن کي گهرائي کانئن پڇيو ته اڄ سڄي سنڌ روڊن تي آهي ۽ هيڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهو سنڌ جون ثقافتي سرگرميون ڪري رهيا آهن، انهن سرگرمين ۾ پ پ ڪٿي به نظر نه پئي اچي، جنهن دوران بلاول ۽ بختاور سوشل ميڊيا تي ايڪتا جي حوالي سان سنڌ جي عوام کي مبارڪون ڏنيون ۽ پارٽي اڳواڻن کي فوري طور سنڌ ۾ ثقافتي حوالي سان تقريب منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کانپوءِ پ پ اڳواڻ فوري طور ڪراچي جي مهتا پيلس ۾ اهم تقريب جو بندوبست ڪيو، مهتا پيلس ۾ ٿيل تقريب جي ڪمپيئرنگ بلاول ۽ بختاور پاڻ ڪئي، جڏهن ته تقريب ۾ موجود سوين مهمانن، اسيمبلي ميمبرن،وزيرن ۽ ڪراچي جي اهم شخصيتن ۽ اڳواڻن کي بلاول سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ موهن جي دڙي بابت بريفنگ ڏني.
تقريب ۾ مختلف ملڪن جي سفيرن، مختلف شخصيتن، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، ايم اين اي فريال ٽالپر، عذرا پيچوهو سميت سنڌ جي صوبائي وزيرن، پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار الحسن، اي اين پي جي شاهي سيد، بشير جان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ ثقافتي تقريب لاءِ اجرڪ ۽ ٽوپي سميت سنڌ جو ثقافتي لباس به تيار ڪرايو، جڏهن ته بختاور ثقافتي تقريب ۾ ٽنڊي محمد خان مان گهرايل خاص اجرڪ پائي آئي.
شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ ملڪ جي اعليٰ قيادت کي سنڌ فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ عمران خان سميت ملڪ جي سياسي قيادت کي سنڌ فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا ته اهي به اچي فيسٽيول ۾ شرڪت ڪن.

تقريب دوران بلاول پنهنجي ڀيڻ بختاور جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته مان توهان جو شڪر گذار آهيان ته توهان 3 ڪلاڪن جي مختصر نوٽيس تي هن تقريب ۾ پهچي ويا، اسٽيج تي هڪ وڏي اسڪرين لڳائي وئي هئي جنهن ۾ فيسٽيول جي حوالي سان جهلڪيون به ڏيکاريون ويون.جڏهن ته بلاول ۽ بختاور بريفنگ ڏيڻ بعد ماڻهن کي ڊنر انجواءِ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ پاڻ به اسٽيج تان لهي تقريب ۾ موجود ماڻهن سان ملي جلي ويا، جيڪو پڻ سندن هڪ منفرد قدم هو. بلاول ڀٽو دنيا جي سڌريل ملڪن جي قيادتن وانگر پاڻ منفرد انداز ۾ بريفنگ ڏني. جڏهن ته بلاول بريفنگ ڏيڻ جي شروعات ڪرڻ وقت کان اڳ پنهنجو ڪوٽ ۽ ٻٽي شرٽ لاهي سنڌ فيسٽيول جي لوگو واري شرٽ ظاهر ڪئي ۽ سنڌ فيسٽيول ملهائڻ جو اعلان ڪيو ته پروگرام ۾ شريڪ ماڻهن زبردست کيس داد ڏنو ۽ تاڙيون وڄائي فيسٽيول جي آجيان ڪئي، جڏهن ته تقريب جي آخر ۾ زبردست آتشبازي جو پڻ مظاهرو ڪيو ويو.

ڪاوش جي ٿورن سان
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
پاڪستان پيپلز پارٽي جي سرپرست اعليٰ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دهشتگرد پاڪستان کي قدامت پسندن جو ملڪ بڻائڻ ۽ پنهنجا فيصلا عوام تي مڙهڻ چاهين ٿا، اهي پنهنجن مقصدن لاءِ اسلام کي استعمال ڪري رهيا آهن، طالبانائيزيشن جي ڪري ملڪ ۾ بگاڙ پيدا ٿيو آهي پر اسلام امن جو مذهب آهي، طالبانائيزيشن جو ان سان ڪو به تعلق نه آهي، اسان ڪنهن کي به جبري طور تي ملڪ ۾ درآمدي اسلام مڙهڻ جي اجازت نه ڏينداسين، جڏهن ته ملڪ تي وڏو عرصو آمرن پاران حڪمراني ڪرڻ سبب مسئلا پيدا ٿيا آهن، ثقافت کي هٿي وٺرائي ملڪ کي قدامت پسندن جو ملڪ بڻجڻ کان بچائي سگهجي ٿو، سنڌ ثقافتي فيسٽيول جي تعارفي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي تاريخ کي دهشتگردن خراب ڪيو آهي، اهي دهشتگرد پاڪستان جي چهري تي داغ آهن، آمر ضياءَ الحق نه صرف جمهوريت کي نقصان پهچايو پر سندس دور ۾ فرقيواريت به وڌي وئي، جنهن سان مذهب ۽ ملڪ جي تهذيب، ثقافت کي ناقابل تلافي نقصان پهتو، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي اسان جي تهذيب ۽ ثقافت کي وڏو نقصان پهچايو آهي، سنڌ باب السلام آهي، ان ڪري ڪير ٻيو اسلام جي معنيٰ اسان کي نه ٻڌائي، مون کي سنڌ جو پٽ ۽ پاڪستاني هجڻ تي فخر آهي، ملڪ ۾ گهڻي دهشتگردي آهي ۽ هر ڪو ماڻهو چاهي ٿو ته اها ختم ٿئي، جڏهن ته اسان جي ثقافت امن جو پيغام ڏئي ٿي، ان ڪري اسان سنڌ جي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ شروع ڪيو آهي ۽ ان ثقافت کي هٿي وٺرائڻ سان ئي ملڪ کي قدامت پسندن جو ملڪ بڻجڻ کان بچائي سگهجي ٿو، هن چيو ته اسلام ۾ عورتن لاءِ تنگ نظري ناهي، بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ بنياد پرستي جي خاتمي ۽ سنڌ جي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پهريون ڀيرو فيبروري 2014ع ۾ سنڌ ثقافتي فيسٽيول ۽ سنڌ ۾ بسنت ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ثقافتي فيسٽيول تحت فيبروري ۾ سڄي سنڌ جي اندر فيسٽيول جا 15 ايونٽ ٿيندا ۽ فيسٽيول ٻن هفتن تائين جاري رهندو، فيسٽيول جي تعارفي تقريب مهتا پيلس ۾ ٿي، جنهن دوران بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري فيسٽيول جو اعلان ڪندي ان بابت تفصيل ٻڌايا، بلاول ٻڌايو ته سنڌ جي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايڏو وڏو فيسٽيول ڪرايو پيو وڃي، جنهن جي شروعات موهن جي دڙي کان ٿيندي، جتي عالمي سطح جو ميلو لڳايو ويندو، اسين 5 هزار سالن جي قديم تهذيب ۽ ثقافت جا وارث آهيون ۽ خوشقسمتي سان اسان جو تعلق به انهي موهن جي دڙي جي مٽيءَ سان آهي، ان ڪري اتي عالمي سطح جو ميلو لڳرايو ويندو، جنهن سان موهن جي دڙي کي سڄي دنيا ۾ هٿي ڏيڻ ۾ وڌيڪ مدد ملندي، اسين چاهيون ٿا ته اڄ جڏهن دنيا بنياد پرستي ۾ ڦاٿل ۽ صوفيت کان پري ٿي رهي آهي، اتي سنڌ جي صوفيت واري تهذيب کي ٻيهر اڀارجي ۽ ماضي جي مٽجندڙ نقشن کي زندا ڪجي، جڏهن ته فيسٽيول دوران سمنڊ ڪناري پهريون ڀيرو بسنت ملهايو ويندو، جنهن ۾ وزير اعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ عمران خان کي شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا، اميد ته اهي شرڪت ڪندا، بختاور فيسٽيول جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته فيسٽيول دوران ڪيٽل شو، دستڪاري هنر جي نمائش، نوجوانن ۾ تقريري مقابلا، عالمي مشاعرو، گڏهن جي گوءِ، ڍڳن جي گوءِ، سامونڊي مڇي مارڻ جا مقابلا، صوفياڻن ڪلامن جون محفلون، ويلنٽائن ڊي تي عالمي ميوزيڪل ميلو، فيشن ميلو، سنڌ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ميلو، ڪراچي ليٽريچر فيسٽيول، چلڊرين فيسٽيول، عالمي سنڌي ڪانفرنس، سنڌ ڪرڪيٽ چيمپئن شپ جي اسڪولن ۽ تعليمي ادارن وچ ۾ مقابلن سميت مختلف ايونٽس ٿيندا، فيسٽيول جي آخري تقريب ڪينجهر جي ڪناري تي ڪئي ويندي، بلاول ٻڌايو ته سنڌ ثقافتي فيسٽيول تي 2 ارب رپيا خرچ ايندو ۽ اهو خرچ ڊونيشن ۽ ٽڪيٽن مان ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت ڪو به خرچ نه ڪندي، هن چيو ته پنجاب حڪومت اهڙي فيسٽيول تي 8 ارب رپيا خرچ ڪندي آهي ۽ پئسا به پاڻ ڏيندي آهي.
 
اردو چينلز يا ٻاهرين دنيا جي ميڊيا 8 ڊسمبر واري ايڪتا ڏهاڙي تي هيڏي وڏي عوامي ميڙن کي نظر انداز ڪندي ڪا خاص ميڊيا ڪوريج نه ڏني هئي۔ ان جي برعڪس هن تقريب کي تمام وڏي ڪوريج ملي۔ اسان پ پ پ چيئرمين جي ان عمل کي مثبت انداز سان ڏسون ٿا ته هن سنڌ جي ثقافت جي پذيرائي ڪندي هڪ وڏي تقريب جو اعلان ڪيو آهي۔ ظآهري آهي ان تقريب جي ٻين مقصدن باوجود به اسان سنڌ جي ثقافت جي پروموشن طرف ڏسون ٿا۔
 
بس سائين سليمان۔۔ مرضي جا مالڪ آهيو، باقي سنڌ جي بربادي ته توهان جي اکين آڏو آهي۔۔ پوين ڇهن سالن ۾ پي پي جيڪي نيڪ ڪم ڪيا آهن اهي ڪنهن کان لڪيل نه آهن۔۔
هي مثال ايئن آهي ته ڪنهن کي مرندو ڏسي ته انسان کي ڪو ترس نه اچي ، نه ڪا مدد نه ڪا دوا۔۔ پر مرڻ کان پوء ميت تي اجرڪ کڻي اچي ته کيس مثبت انداز سان ان عمل تي واه واه ڪجي۔۔ ۽ پوين اعمالن کي به ڍڪي ڇڏي ڇڏجي۔۔۔ اگر انهي پروموشن سان سنڌ وارن کي ڪو سُک نصيب ٿئي ٿو ته اسان جي به واه واه۔۔۔۔ پر جي همراهن کي صرف نمبر اسڪور ڪرڻا آهن ته اهڙي پروموشن کي پري کان سلام۔۔۔
 
يار ٻروچ اهو ته ٻڌاء ته سياست ۾ نمبر اسڪورنگ ڪير ڪونه ٿو ڪري ۔۔۔۔۔۔۔ باقي اوهان جي ڳالهين سان به سهمت آهيان ۔۔۔ اسان جا يار قومپرست نواز ليگ سان گڏ هيا ۽ ڪالهه کان ن ليگ ٻيهر ڪالاباغ ڊيم جي ٽيڪو شروع ڪيو آهي ۔۔۔۔ هتي سنڌ حڪومت ۾ ڀينگ لڳي پئي آهي۔ ادارا ختم آهن، ماڻهن مان ماڻهپو نڪرندو وڃي۔۔۔۔۔ پوء به ڪٿي ڪا ٿوري چڻنگ به خوشي ڏيندي آهي۔
 
چيائين ته سائين اسان جي پارٽي سڀ کان بهترين، صاف، شفاف، غريبن ۽ مزدورن ۽ وچين درجي جي نمائنده پارٽي آهي۔

چيم ته توهان جي پارٽي ۾ مسلح گروپ به ته آهن، ڌاڙيل به توهان جي ديرن تي لڀن

چيائين ته سائين اها ڪهڙي پارٽي آهي جنهن ۾ هٿياربند گروه ڪونهي۔۔

چيم، ”توهان جي پارٽي تي ايترا ڪرپشن جي ڪيس پيا هلن“

چيائين ته سائين اها ڪهڙي پارٽي آهي جنهن ۾ ڪرپشن ڪونهي۔۔

چيم، ”توهان جي پارٽي غريبن لاء ڪو خاص ڪارنامو ته انجام ڪونه ڏنو آهي، مهانگائي، بيروزگاري، بدامني۔۔۔ غريب جو ته جيئڻ ئي جنجال آهي“

چيائين ته سائين اها ڪهڙي پارٽي آهي جنهن کير جو نديون وهايون آهن ۔۔

چيم، ”سائين ٻيو ته ٺهيو پر توهان جي پارٽي جي ڪارڪنن کي به پارٽي مان شڪايتون آهن“

چيائين ته سائين اها ڪهڙي پارٽي آهي جنهن ۾ ڪارڪن اختلاف ناهن ڪندا۔۔ اهو ئي ته جهموريت جو حسن آهي

چيم ته سائين توهان جي پارٽي نمبر اسڪور ڪرڻ لاء هروڀرو غير ضروري پروگرامن تي لکين روپيا ٿي خرچ ڪري۔۔ اگر اهي پئسا ڪنهن فلاحي ڪم ۾ خرچ ٿين ته ڪنهن ضرورتمند جو ڀلو ٿي پوي۔۔

چيائين ته ”ٻروچ اهو ته ٻڌاء ته سياست ۾ نمبر اسڪورنگ ڪير ڪونه ٿو ڪري“

چيم ته ظلم جي خلاف ڳالهائي نه ٿا سگهو ته ظلم جو ساٿ ته نه ڏيو۔۔

چيائين ته سائين اسان جي پارٽي جو موقف ئي ظلم جو خاتمو آهي۔۔ تاريخ گواه آهي ته اسان جي پارٽي مظلومن جي پارٽي آهي۔۔ اسان ئي ظلم جي خلاف ڳالهايون ٿا۔۔

مان وائڙو ٿي ويس۔۔

منهنجي خاموشي ۽ پريشاني ڏسي چيائين ته لڳي ٿو تون سورنهن آنا متفق ٿي ويو آهين ته اسان جي پارٽي ئي بهترين، صاف، شفاف، غريبن ۽ مزدورن ۽ وچين درجي جي نمائنده پارٽي آهي ڇو ته جڏهن مطلب پوي ته اسان ئي سنڌ ڌرتي جي ڳالهه ڪريون ۔۔ پر سائين ان ۾ ڪا غلط ڳالهه به ڪانهي ۔۔ دنيا ئي مطلبي آهي، اها ڪهڙي پارٽي آهي جيڪا پنهنجي مطلب جي ڳالهه نه ٿي ڪري۔۔

سوچيم ته سنگتي اڻ ڄاڻائي ۾ اعتراف ڪري پيو هر پارٽي جي برائي سندن جي پارٽي ۾ آهي پر پوءِ به اها ضد ته ان جي پارٽي پاڪ صاف۽ عظيم پارٽي آهي۔۔

چيائين ته جڏهن هاڻي مطمئن ته ٿي ويو آهين پوء ڇو نه اڄ ئي اسان جي پارٽي جي ميمبرشپ وٺ ۔۔ يقين ڪريو اصل پنج ئي آڱريون گيهه ۾۔۔موجان ئي موجان۔۔

منهنجو وات گودو ٿي ويو۔۔۔
۔۔
 
هاهاهاها۔۔۔ هل ڙي ٻروچ۔۔۔ ابا ڪنهن کي مطمئن ڪرڻ به ڪو پارٽي وارن کان سکي۔۔۔ ۽ چڪر ڏئي ڦيرو کائڻ به ڪو انهن کان ئي سکي۔۔ ڪجهه سکي ويو هجين ته اصل کيرون لهڻي۔۔:)
 
اسان سنڌين کان ته ڪان به هوشيار آهن،
جو رُڳو پاسي کان به اِرادو ڪر ته پٿر ٿو هڻانس،
سمجهي ويندو ته همراه مُنهنجي ڪڍ لڳو آهي، مجال آ جو هِڪ منٽ به اِهو سوچي ته متان ”اِن ۾ به ڪو ڀلو هُجي“

هائي زمانا،
ڪان جيتري به سمجه ناهي اڄ اسان انسانن ۾!
 
Back
Top