هي غريب جو ٻار آ جيڪو جيئڻ لاء لاچار آ

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اسان جي معاشري ۾ غربت هڪ وڏي لعنت سمجهي ويندي آهي، جڏهن ته اسان جي رسول الله جن جو فرمان آهي جنهن جو مفهوم آهي ته يا الله مون کي غريبن ۾ رها، ۽ ڏينهن قيامت جي غريبن منجهه اٿارجان۔پر هت ته غريب کي تمام حقير نظر سان ڏٺو ويندو آهي۔ اسان جي معاشري ۾ موجوده دور ۾ ته غريب جي ته نه عزت رهي آهي نه مان ۽ اهميت۔ ( ڪنهن به ماڻهون جي سٺي ۽ خراب جو ميار به پيئسو ٿئي ويو آهي ) اسان جي معاشري جو ته اهيو حال آهي جو ائين چوڻ تي مجبور ٿئي ٿا وڃون ته غريب نه ڄمي نه مري. هن دور ۾ غريب ويتر غريب ٿيندو ٿو وڃي ۽ امير امير ٿيندو ٿو وڃي. جنهن جو اهم سبب شايد نا انصافي آهي۔ ٻئي جو احساس نه آهي۔ ٻئي ( هم سايه ماڻهون جو ) جي تڪليف کي محسوس نه ٿو ڪيو وڃي، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ امير ماڻهون دعوتون ڪرڻ ۾ پورا آهن ته جيئن پنهنجا تعلقات ٺاهي سگهجن ۽ انهن تعلقات کي استعمال ڪري پنهنجا مفادات حاصل ڪجن۔۔۔۔۔۔۔۔۔مان جڏهن دادو ويس ته اتي مون پاڻ ڏٺو ته هڪ امير ماڻهون خيرات جي نالي ۾ دعوت ڪئي، جنهن ۾ شهر جي تمام وڏن ماڻهون کي اسپيشل گهرايو ويو ۽ انهن جو شدد سان انتظار به ڪيو ويو ۽ انهن جي ويهڻ لاء به الڳ بندوبست ڪيو ويو ۽ جيڪي دعوت ۾ نه آيا انهن وڏن ماڻهن جا نالا نوٽ ڪيا ويا ۽ انهن جي نه اچڻ تي افسوس به ڪيو ويو۔۔۽ افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته ان دعوت جو نالو وري خيرات ڏنو ويو هو، جنهن ۾ هزارين لکين رپيا خرچ ڪيا ويا، مگر مان يقين سان چوان ٿو ته اهي لکين رپيا خيرات جي نالي تي خرچ ڪندڙ ڌريون ڪنهن غريب جي گهر جي چلهه ٻارڻ لاء ڪنهن گهر جو ماهوار راشن وٺي به ڪو نه ڏيندا۔
    يا وري ڪنهن غريب جي بيماري ۾ ڪا مدد ڪندا، يا وري ڪنهن غريب جي نياڻي اٿارڻ ۾ ڪا مدد ڪندا۔بس خيرات جي نالي تي لکين رپيا خرچ ڪندا رهندا پر خيرات جو صحيح استعمال ڪري انهن غريبن جي مدد نه ڪندا۔ هت غريب جي ٻار جي حالت تي ڪجهه سٽون مون لکيون آهن اهي پيش ڪجن ٿيون۔


    هي غريب جو ٻار آ
    جيڪو جيئڻ لاء لاچار آ
    نه هن وٽ ڪو آ رانديڪو
    نه هن لاء آ ڪو ماندو
    نه هن وٽ آ ماني ڳڀو
    نه هن جو آ امي ابو
    هي غريب جو ٻار آ
    جيڪو جيئڻ لاء لاچار آ
    هر ڪنهنجو هن مٿان هر وقت وڏو وار آ
    هي نه ڪڏهن ٿيو ڪنهن تي هرو ڀرو سوار آ
    ڇوته هي غريب جو ٻار آ
    جيڪو جيئڻ لاء لاچار آ
    هت کليو بازار مٿان بازار آ
    پر هي ڪجهه وٺڻ کان لاچار آ
    ڇو ته هي غريب جو ٻار آ
    جيئڻ لاء لاچار آ
    هي ته هر ڪنهن جو يار آ
    پر هن جو نه ڪو مددگار آ
    توڻي جو وگهيه هي وڏو وفادار آ

    پر پوء به هميشه خوار آ
    ڇو ته هي غريب جو ٻار آ



    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 ڊسمبر 2013
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    322
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,920
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    اگر دنيا نه باشد تنگدستيم
    اگر باشد بمهرش پائبنديم۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سائين هن شعر جو ترجمو ڪريو۔​
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,920
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    مٺا سائين معنى سان گڏ ڪجهه وضاحت به لکجي وئي آهي اميد ته پڙهندا ضرور۔
    اگر دنيا نه باشد تنگدستيم
    اگر باشد بمهرش پائبنديم۔

    هي شعر شيخ سعدي رحمه الله عليه جو آهي
    بزرگ فرمائي ته

    اگر اسان وٽ دنيا دولت نه آهي ته پريشان حال آهيون در در جون ٺوڪرون آهن
    ليڪن اگر دنيا آهي ته پوء وري ان جي محبت ۾ ايترو گرفتار ٿيو وڃون جو نه خدا ياد نه دين اسلام جي ڪا يادگيري۔

    بزرگ نصيحت ڪندي فرمائي ٿو ته اگر دنيا نه آهي واقعي پريشان حالي آهي ليڪن ان ۾ صبر ڪجي ته وڏو اجر آهي
    اگر دنيا هجي ته ان جو شڪر ڪجي ۽ ان جي محبت ۾ ڦاسي رڳو ان جي حوالي نه ٿي وڃجي بلڪه شڪر ڪندي رب ڪريم جي نعمت جو اظهار ڪندي زڪوات خيرات ڏئي مسڪينن جي مدد ڪجي۔

    جيئن قرآن ڪريم جي هنن آيتن ۾ آهي

    وَفِي أَمْوَالِهِمْ حَقٌّ لِلسَّائِلِ وَالْمَحْرُومِ
    الذاريات 19

    وَالَّذِينَ فِي أَمْوَالِهِمْ حَقٌّ مَعْلُومٌ
    المعارج 24

    هنن آيتن ۾ الله تعالي فرمايو آهي ته مالدارن جي مال ۾ مسڪينن نادارن سائلن ۽ محرومن جو به حق آهي

    جيئن تفسير ابن کثير ۾ آهي
    وقوله تعالى: وَٱلَّذِينَ فِىۤ أَمْوَٰلِهِمْ حَقٌّ مَّعْلُومٌ لِّلسَّآئِلِ وَٱلْمَحْرُومِ أي: في أموالهم نصيب مقرر لذوي الحاجات
    يعني انهن جي مالن ۾ حاجتمندن جو به ڀاڱو آهي

    تفسيرفتح القدير ۾ آهي
    وفي أَمْوٰلِهِمْ حَقٌّ لَّلسَّائِلِ وَٱلْمَحْرُومِ أي: يجعلون في أموالهم على أنفسهم حقاً للسائل والمحروم
    تفسير فتح القدير للشوکاني 1250 هه
    يعني اهي پرهيزگار پنهنجي مالن ۾ پنهنجي نفس تي سائل ۽ محروم جو حق سمجهن ٿا .


    وَفِي أَمْوَالِهِمْ حَقٌّ لِلسَّائِلِ وَالْمَحْرُومِ

    هن آيت کان اڳ ۾ مومن متقي پرهيزگار انهن جي تعريف آهي ته پرهيزگار بهشتن ۾ ويندا ۽ انهن جون هي هي وصفون آهن هڪ وصف هي به آهي ته هو پنهنجي مال ۾ سائلن ۽ محرومن جو به حق سمجهن ٿا.

    مال ۾ حق مان مراد زڪواة آهي ۽ ڪن زڪواة کان سواء خيرات و صدقات به ذڪر ڪيو آهي ۽ ان ۾ مسڪين سائل (جيڪوگهري) ان جو به حق آهي ۽ المحروم جيڪو نه گهري پر آهي مسڪين ان جو به حق آهي . محروم مان مراد اهو پاڪ صاف مسڪين آهي جيڪو گهرندو ناهي ۽ اڻ ڄاڻ شخص ان کي غني سمجهندو آهي پوء ان کي صدقو ، خير ۽ خيرات نه ڏيندو آهي . مطلب ته انهن جي اها خوبي آهي ته جڏهن ڪو سائل سندن دروازي تي ايندو آهي ته ان کي به خالي واپس نه ڪندا آهن بلڪ پنهنجي مال ملڪيت ۾ انهن مسڪينن جو حق سمجهندا آهن جيڪڏهن ڪو گهرندو اٿن ته به ڏيندا آهن پر جيڪڏهن ڪو گهرندو ناهي ۽ کين خبر پوندي آهي ته ضرورتمند آهي ته ان جي لاء به سندن طرفان خير جو سلسلو جاري هوندو آهي اڪثر علماء جو قول آهي ته ان مان مراد زڪواة ناهي ان کان سواء ٻي نفلي خير ، خيرات و صدقات آهي.


    ڪجهه وضاحت تفسيرن جي روشني ۾:
    هن آيت جي تفسير ۾ علامه طبري لکي ٿو

    وإلاالذين في أموالهم حقّ مؤقت، وهو الزكاة للسائل الذي يسأله من ماله،والمحروم الذي قد حرم الغنى، فهو فقير لا يسأل.

    يعني متقي پرهيزگار مومنن جي مالن ۾ حق موقت زڪواة آهي سائل لاء جيڪو گهرندڙ آهي ۽ محروم لاء جنهن کي شاهوڪار محروم ڪري ٿو ڇڏي جو اهو نه ٿو گهري.

    هتي حق مان مراد ڇا آهي ڪن جو چوڻ آهي ته زڪواة فرض ڪيل مراد آهي جئين حضرت قتادة جو قول آهي.

    جيئن هن عبارت مان ظاهر ٿئي ٿو
    واختلف أهل التأويل في المعنيّ بالحقّ المعلوم الذي ذكره الله في هذا الموضع، فقال بعضهم: هو الزكاة.حدثني ابن بشار، قال: ثنا عبد الأعلى، قال: ثنا سعيد، عن قتادة، في قوله: وَالَّذِينَ فِي أمْوَالِهِمْ حَقّ مَعْلُومٌ للسَّائِلِ وَالمَحْرُومِ قال: الحقّ المعلوم: الزكاة.

    بعض جو چوڻ آهي ته ان حق مان زڪواة کان سواء ٻيا نفلي صدقا ۽ خيرات مراد آهن. جيئن هنن عبارتن مان واضح آهي.
    وقال آخرون: بل ذلك حقّ سوى الزكاة.حدثني علي، قال: ثنا أبو صالح، قال: ثني معاوية، عن عليّ، عن ابن عباس في قوله: وَالَّذِينَ فِي أمْوَالِهِمْ حَقّ مَعْلُومٌ للسَّائِلِ وَالمَحْرُومِ يقول: هو سوى الصدقة يصل بها رحمه، أو يقري بها ضيفاً، أو يحمل بها كلاًّ،أو يُعِين بها محروماً.

    أنابن عمر سُئل عن قوله: { فِي أمْوَالِهِمْ حَقّ مَعْلُومٌ للسَّائِلِوَالمَحْرُومِ } أهي الزكاة؟ فقال: إن عليك حقوقاً سوى ذلك.

    عن الشعبيّ، قال: إن في المال حقاً سوى الزكاة

    عن إبراهيم، قال: في المال حقّ سوى الزكاة.عن سفيان، عن مجاهد: { فِي أمْوَالِهِم حَقّ مَعْلُومٌ } قال: سوى الزكاة

    هنن عبارتن ۾ حق مان مراد زڪواة کان سواء ديگر نفلي خير خيرات مراد ورتي وئي آهي. تفسير فتح القدير ۾ به اها مراد ورتي وئي آهي.
    وفي أَمْوٰلِهِمْ حَقٌّ لَّلسَّائِلِ وَٱلْمَحْرُومِ أي: يجعلون في أموالهم على أنفسهم حقاً للسائل والمحروم تقرّباً إلى الله عزّ وجلّ. وقال محمد بن سيرين،وقتادة: الحق هنا: الزكاة المفروضة، والأوّل أولى، فيحمل على صدقة النفل،وصلة الرحم، وقري الضيف؛ لأن السورة مكية، والزكاة لم تفرض إلاّ بالمدينة،
    تفسير فتح القدير للشوکاني 1250 هه
    يعني اهي پرهيزگار پنهنجي مالن ۾ پنهنجي نفس تي سائل ۽ محروم جو حق سمجهن ٿا الله تعالي جي قرب حاصل ڪرڻ خاطر. يعني اهو مال خير خيرات ۾ ڏئي الله تعالي جو قرب حاصل ڪرڻ چاهين ٿا محمد بن سيرين ۽ قتاده جو قول آهي ته هتي حق مان مراد فرض ڪيل زڪواة آهي . صاحب ڪشاف لکي ٿو ته پهريون قول يعني نفلي صدقه خيرات وارو وڌيڪ آهي. جنهن ۾ مائٽي ڳنڍڻ ، مهمان نوازي وغيره اچي وڃي ٿو. ڇو ته سورة مڪي آهي ۽ زڪواة مديني ۾ فرض ٿي هئي.


    سائل ۽ محروم جي معني متعلق تفسيرن ۾ مفهوم

    وأجمعواعلى أن السائل هو الذي وصفت صفته. واختلفوا أيضاً في معنى المحروم في هذاالموضع،
    عن ابن عباس أنه قال في هذه الآية { للسَّائِلِ وَالمَحْرُومِ } قال: السائل: الذي يسأل والمحروم: المحارَف.
    عن عليّ عن ابن عباس، قال: المحروم: هو المحارفالذي يطلب الدنيا وتدبر عنه، فلا يسأل الناس
    عن إبراهيم، قال: فيالمحروم: هو المحارف الذي ليس له أحد يعطف عليه، أو يعطيه شيئاً.
    وقال آخرون: هو الذي لا سهم له في الغنيمة.

    جامع البيان في تفسير القرآن الطبري ت 310 هه
    يعني سائل جو مفهوم ته واضح آهي باقي محروم جي معني ۾ اختلا ف آهي. بعض جو چوڻ آهي ته محروم مان مراد محارف يعني جيڪو دنيا جي طلب ضرورت ته رکندو هجي ليڪن ڪنهن کان گهري نه ٿو. ڪن لکيو آهي ته ان مان مراد آهي جو ڪوئي ان تي مهرباني نه ڪري ، ڪو ان کي ڪا شيء نه ڏئي. بعض جو قول آهي ته جنهن جو غنيمت ۾ حصو نه هجي.


    واختلف في تفسير المحروم، فقيل: هو الذي يتعفف عن السؤال حتى يحسبه الناس غنياً،فلا يتصدّقون عليه، وبه قال قتادة، والزهري. وقال الحسن، ومحمد ابن الحنفية: هو الذي لا سهم له في الغنيمة، ولا يجري عليه من الفيء شيء. وقال زيد بن أسلم: هو الذي أصيب ثمره، أو زرعه، أو ماشيته. قال القرطبي: هو الذي أصابته الجائحة. وقيل: الذي لا يكتسب. وقيل: هو الذي لا يجد غنى يغنيه،وقيل: هو الذي يطلب الدنيا وتدبر عنه. وقيل: هو المملوك. وقيل: الكلب. وقيل غير ذلك. قال الشعبي: لي اليوم سبعون سنة منذ احتلمت أسأل عن المحروم، فماأنا اليوم بأعلم مني فيه يومئذ، والذي ينبغي التعويل عليه ما يدلّ عليه المعنى اللغوي، والمحروم في اللغة: الممنوع، من الحرمان وهو المنع، فيدخل تحته من حرم الرزق من الأصل، ومن أصيب ماله بجائحة أذهبته، ومن حرم العطاء،ومن حرم الصدقة لتعففه.
    تفسير فتح القدير للشوکاني 1250 هه

    محروم جيڪو پنهنجي پاڪدامنيء جي ڪري سوال ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ ماڻهون ان کي مالدار سمجهو صدقو وغيره نه ڏين.


    أما السائل فمعروف وهوالذي يبتدىء بالسؤال، وله حق كما قال الإمام أحمد: حدثنا وكيع وعبد الرحمن قالا: حدثنا سفيان عن مصعب بن محمد عن يعلى بن أبي يحيى، عن فاطمة بنت الحسين عن أبيها الحسين بن علي رضي الله عنهما قال: قال رسول الله صلى الله عليه وسلم: " للسائل حق وإن جاء على فرس"ورواه أبو داود

    وأما المحروم،فقال ابن عباس رضي الله عنهما ومجاهد: هو المحارف الذي ليس له في الإسلام سهم، يعنى: لا سهم له في بيت المال، ولا كسب له ولا حرفة يتقوت منها، وقالت أم المؤمنين عائشة رضي الله عنها: هو المحارف الذي لا يكاد يتيسر له مكسبه، وقال الضحاك: هو الذي لا يكون له مال إلا ذهب، قضى الله تعالى لهذلك. وقال أبو قلابة: جاء سيل باليمامة، فذهب بمال رجل، فقال رجل من الصحابة رضي الله عنهم: هذا المحروم. وقال ابن عباس رضي الله عنهما أيضاًوسعيد بن المسيب وإبراهيم النخعي ونافع مولى ابن عمر رضي الله عنهما وعطاءبن أبي رباح: المحروم: المحارف. وقال قتادة والزهري: المحروم: الذي لا يسأل الناس شيئاً.
    تفسيرابن کثير 774 هه

    سائل جيڪو سوال سان شروعات ڪري ان جو به حق آهي جيئن امام احمد حضرت بي بي فاطمه صغري( بنت سيدنا حضرت امام حسين رضي الله عنه) پنهنجي والد سڳوري کان روايت نقل ڪئي آهي ته محبوب عليه الصلوة والسلام جن فرمايو ته سائل جو حق آهي کڻي گهوڙي تي چڙهي اچي. اها روايت ابودائود شريف ۾ آهي.

    محروم حضرت ابن عباس جو فرمان آهي ته جنهن جو اسلام ۾ ڀاڱو نه هجي يعني بيت المال مان ان کي نه ملي سگهي ان جو ڪو ڪمائي جو ذريعو نه هجي نه ان کي ڪو هنر آهي جو ان مان پيٽ گذر ڪري سگهي.

    حضَرت ام المومين عائشه صديقه فرمائي ٿي ته محروم جو مطلب آهي ته ان کي ڪو ذريعه معاش ميسر نه هجي

    ابو قلابة فرمائي ٿو ته يمامه ۾ سيلاب آيو هڪ شخص جو مال متاع لڙهي ويو پوء صحابن ۾ هڪ صحابيء فرمايو ته هي آهي محروم.

    حضرت قتادة ۽ زهري جو فرمان آهي ته محروم اهو آهي جيڪو ماڻهن کان ڪا شيء نه ٿو گهري.

    والمحروم الذي لا مكنة له من الطلب ومنعه الشارع من المطالبة

    وفي السائل والمحروموجوه. أحدها: أن السائل هو الناطق وهو الآدمي والمحروم كل ذي روح غيره من الحيوانات المحرومة قال النبـي صلى الله عليه وسلم: " لكل كبد حرى أجر " وثانيها: وهو الأظهر والأشهر، أن السائل هو الذي يسأل، والمحروم المتعفف الذي يحسبه بعض الناس غنياً فلا يعطيه شيئاً.

    والأول: كقوله تعالى: كُلُوا وَارْعَوْا أَنْعَامَكُمْ طه: 54.

    والثاني: كقوله : وَأَطْعِمُوا الْقَانِعَ وَالْمُعْتَرَّ الحج 36

    مفاتيح الغيب تفسير کبير لامام الرازي 606 هه


    محروم اهو آهي جنهن کي گهرڻ جي طاقت نه آهي ۽ ان کي شريعت گهرڻ کان منع ٿي ڪري.

    سائل ۽ محروم ۾ ڪافي وجهن سان فرق آهي.

    هڪ ته سائل اهو ڳالهائيندڙ انسان آهي ۽ محروم مان مراد سڀ ساه وارا آهن جيئن محبوبن جو فرمان آهي
    عن محمود بن الربيع أن سراقة بن جعشم قال ثم يا رسول الله الضالة ترد على حوضي فهل فيها أجر إن سقيتها قال اسقها فإن في كل ذات كبد حرى أجر صحيح ابن حبان ج 2 ص299
    يعني سراقه بن جعشم عرض ڪيو ته يا رسول الله منهنجي حوض تي گم ٿيل يا ڀُليل (جانور ) اچي پوء ان کي مان پاڻي پياريان ته ڇا مون کي ثواب ملندو محبوبن فرمايو ته ان کي پاڻي پيار پوء بيشڪ هر اڃايل جگر واري (کي سيراب ڪرڻ ۾ ) ثواب آهي. او ڪمال قال النبي صلي الله عليه وسلم

    ٻيو وجهه ظاهر ۽ مشهور آهي ته سائل اهو آهي جيڪو گهري ۽ محروم اهو جيڪو پنهنجي عفت و پاڪدامنيء (عزت نفس) جي ڪري ضرورت مند هجڻ جي باوجود ڪنهن کان ڪجهه به نه ٿو گهري ۽ ماڻهو ان کي مالدار سمجهي ڪجهه به نه ٿا ڏين.

    پهرئين قول يعني سائل مان مراد انسان ۽ محروم مان مراد ٻيا ساهوارا حيوان وغيره آهن ، ان جي تائيد قرآن پاڪ جي آيت : كُلُوا وَارْعَوْا أَنْعَامَكُمْ يعني پاڻ به کائو پنهنجي چوپاين جانورن کي کارايو سان ٿئي ٿي
    ٻئي قول يعني سائل مان مراد جيڪو گهري ۽ محروم مان مراد جيڪو نه گهري ان جي تائيد قرآن پاڪ جي آيت وَأَطْعِمُوا الْقَانِعَ وَالْمُعْتَرَّ يعني کارايو توهان سوال نه ڪندڙ کي ۽ سوال ڪندڙ کي. سان ٿئي ٿي.
    مقصد ته مالدارن جي مال ۾ مسڪينن محتاجن ايستائين جو جانور جيڪي گهري ته نه ٿا سگهن ليڪن توهان جي نگهباني ۾ آهن ته انهن جو به حق آهي.

    موضوع تمام ڊگهو ٿي ويو آهي ليڪن ڪجهه نڪته اهڙا لڳا جن کي توهان جي اڳيان پيش ڪرڻ سٺو سمجهيم ان ڪري پيش ڪيم. اگر فائديمند سمجهو ته دعا ۾ ياد فرمائيندا.
    بعض جاين ۾ ترجمي ۾ اختصار طور خلاصو پيش ڪيل آهي۔

    وما علينا الا البلاغ المبين.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 ڊسمبر 2013
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو