آبادگار هڪ نئين مسئلي ۾ اڙجي پيا، سندن واهر ٿيڻ گهرجي

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    آبادگار هڪ نئين مسئلي ۾ اڙجي پيا، سندن واهر ٿيڻ گهرجي...

    محمد مٺل جسڪاڻي

    ٽي سال اڳ، پهرين فون تي ۽ پوءِ روبرو، انهن ڏينهن، ڄام شورو ۾ زرعي توسيع کاتي سنڌ جو زراعت آفيسر (نالو ياد نه پيو اچيم) رابطو ڪري ٻڌايو، ته ٽماٽي ۾ نت نئون مسئلو ٿيو آهي، آبادگار ان جي حل لاءِ پريشان آهن. هو هڪ عجيب قسم جو ٻوٽو (ڏسو تصوير) کڻي آيو. مون کائنس پڇا ڳاڇا ڪئي ته اها پڪ ٿي، ته اهو ڪو مفت خور ٻوٽو آهي، جيڪو ٽماٽي جي ٻوٽي مان خوراڪ حاصل ڪري ٿو.

    جيئن ته اهو مسئلو، مضمون (شعبي) جي نسبت سان منهنجي موضوعن کان مختلف هو ۽ آهي، ان ڪري مون کيس صلاح ڏني، ته جنهن جنهن مهل اهو نظر اچي، ته ان کي کوٽي ڪڍي ڇڏجي. ان ۾ ٻج ٿيڻ کان اڳ ختم ڪري ڇڏجي. جنهن زمين ۾ اهو نظر آيو آهي، ڪجهه سال ان زمين ۾ ٽماٽو نه پوکجي. گرمي جي موسم ۾، زمين ۾ اونها ۽ مٽي اٿلائڻ وارا هر ڏجن، ته جيئن ٻج، پاڙون يا ڦوٽهڙو ڪري سگهندڙ ٻوٽي جا حصا ٻاهر، اس ۾ سُڪي ختم ٿي وڃن. هن ٻڌايو ته هي شروعاتي ڦوٽهڙو زمين ۾ اندر ڪندو آهي، ان ڪري خبر ئي دير سان پوندي آهي. هن کي تڪڙو حل گهربل هو، ان ڪري مون پنهنجي طرفان کيس پڪ ڏني، ته منهنجي نظر ۾ هي انتهائي نئون مسئلو آهي. اڳ ۾ ان تي ڪا تحقيق نه ٿي آهي. آئون به ان مسئلي تي تحقيق ان ڪري نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته منهنجو مضمون ٻيو آهي. هن موضوع تي تحقيق ڪرڻ لاءِ گهربل سهوليتن جو انتظام ڪرڻ ڏکيو ۽ پوءِ سائنسدان به ڪاوڙبا، ته پنهنجو مضمون ڇڏي، ٻئي پاسي ٽنگ ڇو ٿو اڙائي. ان ڪري مون کيس صلاح ڏني، ته اوهان پاڻ يا زرعي تحقيق سنڌ ذريعي، ان ٻوٽي خلاف مختلف گاهه مار زهرن جو استعمال ڪري، موثر زهر معلوم ڪري، آبادگارن جي رهنمائي ڪريو.

    مون ان ٻوٽي بابت ڄاڻڻ لاءِ مختلف زرعي ماهرن سان رابطا جاري رکيا. انهن ڏينهن ۾ تمام ٿوري معلومات ڊاڪٽر محمد اسمائيل ڀٽي ڏني. هن ٻڌايو ته اهو سڪرنڊ جي ڀر ۾، ٽماٽي جي فصل ۾، ڏٺو هو، پهرين سائنسي ۽ بنيادي رپورٽ طور ان ٻوٽي جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. وڌيڪ خبر نه آهي.

    انهن ڏينهن ۾ مون هڪ ٻن زرعي زهر وڪڻندڙ ڪمپنين جي نمائندن سان به مسئلو ڇيڙيو، انهن کي به تحقيق ڪرڻ لاءِ اتساهيو. ان حد تائين به ته جيڪڏهن منهنجي ضرورت پوي، ته بنا معاوضي وقت ۽ صلاحون به ڏيندس ۽ چوندا ته ضروري ڪم ۾ شامل به رهندس، پر....
    اهي ڏينهن اهي شينهن... مون سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو...

    هفتو سوا اڳ واهي پانڌي جي نوجوان اديب، شاعر، صحافي آصف جمالي فون ڪري، ٽماٽي جو ساڳيو مسئلو ٻڌايو. مون اهي مٿيون ساڳيون ڳالهيون ڪيون، پر ٻوٽي جو نالو نه ٻڌائي سگهيس. ڇاڪاڻ ته مون کي نالو نه پئي آيو. آصف چيو ته اي ميل وسيلي تصويرون موڪليان ٿو. واهي پانڌي جي آسپاس وارن آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان پوڻ جا امڪان آهن. اوهان ڪجهه ڪريو!

    مون سان اڻ لاڳاپيل مضمون جو مسئلو پنهنجي جاءِ تي آهي، تنهن هوندي به، مون فيس بوڪ دوستن کان ”مدد ڪريو...“ جي عنوان سان مخاطب ٿيندي لکيو ته ”هن تصوير ۾ نظر ايندڙ ڇا آهي؟ هن جو نالو (سنڌي، انگريزي، نباتاتي (باٽانيڪل) ڇا آهي؟ آبادگارن موجب هي نقصان ڪار آهي. هن کان ڪيئن بچجي؟

    منهنجي سوال جا ڪم جهڙا جواب صرف ٻه مليا. پهرئين جواب ۾ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڀٽي موجب ”هن ٻوٽي کي انگريزي ۾ Orobanche minor يا Common Broomrape چئبو آهي، جڏهن ته نباتاتي طور Orobanche نالي سان سڏجندڙ اهڙي ڪٽنب جو ڀاتي ٻوٽو آهي، جنهن جا ڪي 150 مختلف قسم ٿين ٿا“. هڪ ٻئي دوست نور محمد سمون صاحب جواب ۾ لکيو ته ”ان کي اسين ٿري جوڳيئڙو چوندا آهيون. اهو اسان جي فصلن ۾ نه، پر وڻن ۾ ٿيندو آهي ۽ ٻڪريون شوق سان کائينديون آهن“.مون جڏهن پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيو صاحب جي ڊڪشنري کولي ڏٺي ته ان ۾ هن ٻوٽي کي سنڌي ۾ ”گدڙ تماڪ“ لکيل مليو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر ڀٽي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ان کي سمون صاحب جو جواب ٻڌايم. ان تي وراڻيو ته ”سنڌي ۾ نالي جي خبر نه هئي، پر اهو ٻوٽو ٿر ۽ چولستان (پنجاب) توڙي وارياسن علائقن ۾ عام آهي. هن ۾ پاڻياٺ تمام گهڻي ٿيندي آهي. گل انتهائي خوبصورت ٿيندو آهي. مفت خور ٻوٽو ته آهي، پر ظابطو ڪيئن آڻجي، ان تي تحقيق جي ضرورت آهي“.

    مون ٽي سال اڳ جيڪي صلاحون ڏڻيون، هي ٻه اکر لکڻ وقت به ساڳيون صلاحون ڏيندي ايترو ضرور لکندس ته آبادگار هڪ نئين مسئلي ۾ اڙجي پيا آهن، سندن واهر ٿيڻ گهرجي.

    (آبادگار ڀائرن لاءِ خاص ايڊيشن ”کيتي سر سيتي“، انچارج حيات علي شاهه بخاري، روزاني عبرت حيدرآباد، سومر 23 ڊسمبر 2013ع، ص: 5)
     
  2. جمال محمود کهڙو

    جمال محمود کهڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2014
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    ذاتي ڪاروبار، آبادگار،
    ماڳ:
    سوڀوديرو
    هن وقت زراعت تمام وڏي ترقي ڪئي اهي، تمام گهڻي سائنسي طريقي سان ڪم ٿئي پيو، ان ڪري اوهان ن جديد سائنسي طريقا بيان ڪيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو