سنڌ پاڪستان ٺاهيو

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ابن قابل قاضي طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2010۔

  1. ابن قابل قاضي

    ابن قابل قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ پاڪستان ٺاهيو، سنڌ پاڪستان بچايو ،

    سنڌ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وڃايو،
    سنڌ شهيد بينظير راڻي وڃائي،
    ماڻهن کي هي بـ تـ ٻڌايو، سنڌ ڇا ڇا آ وڃايو!
    سنڌ پاڪستان ٺاهيو، سنڌ پاڪستان بچايو ،

    سنڌين کي فخر آهي،
    قائد اعظم سنڌي هو،قائد عوام سنڌي هو،
    قائد جهموريت راڻي، هئي نياڻي سنڌياڻي
    سنڌ پاڪستان ٺاهيو، سنڌ پاڪستان بچايو ،

    افسوس ! جو محسنن کي نـ بچائي سگهيا سين
    دوستن دشمنن کي نـ سڃاڻي سگهيا سين !
    سياست تـ سياهـ ست جو ڪاروبار آهي،
    هن ديس ۾ جهموريت کي ڪو اختيار ناهي،
    سنڌ پاڪستان ٺاهيو، سنڌ پاڪستان بچايو ،

    اوهان کي خبر آ ! تـ اهي ڪير آهن ،
    جهموريت جا قاتل هي ڏڦير آهن ،
    انهن جي ئي ڪارڻ ، اڌ پاڪستان وڃايو
    سنڌين سر ڏئي ٽٽل پاڪستان بچايو،
    سنڌ پاڪستان ٺاهيو، سنڌ پاڪستان بچايو ،

    فخر سان سڀئي پاڪستان ۾ رهون ٿا
    ان جو مطلب ڪڏهن اوهان کي سمجهـ م آيو
    اچو اڄ اوهان کي ان جي تشريح ٻڌايان
    ڏيو ڪن سڀئي ۽ هن کي هئين سان هنڍايو
    ”پيپلز آر ڪائينڊ ان سنڌ دين ايني نيشن“
    سنڌ پاڪستان ٺاهيو، سنڌ پاڪستان بچايو ،

    PAKISTAN = PEOPLES ARE KIND IN SINDH THAN ANY NATION



    sindhsalamatsaathsal
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ پاڪستان ٺاهيو

    ڪاٿو ڪرڻ ته ممڪن ناهي دوست، سنڌ ڇا ڇا آ وڃايو!

    سنڌ پنهنجن ٻارن جو سرجندڙ مستقبل وڃــــايو،
    شهر وڃايو، بحر وڃايو ۽ درياه جو آ پاڻي وڃــــايو۔

    سنـــڌي قـــوم پنهنجي جسم جـــو رت، ست ۽ تت وڃــــــايو،
    ڳالهائيندڙ هئا جي ٻولي سنڌي، انهن انسانن جو آ کوڙ وڃايو۔

    سنڌيــــن پنهنجــــي ٽوپــــي، رلـــهي ۽ اجرڪ وڃايو،
    جنهنکي چونٿا ثقافت، تنهن ثقافت جو آ مان وڃايو۔

    سنڌين جو ڳنڍيل هو جنهن اهنسا سان ســـاهه،
    ان مائيتيءَ مٽيءَ کي ماءُ چوڻ جو آ حق وڃـايو۔

    سنڌين سلامتيءَ واري مذهب خاطر ڪئي هئي جـا قرباني،
    ان مذهب جي اصل ۽ نسل جي پوئواريءَ جو آ حق وڃــايو۔

    سنڌ تاريخ ۾ هو موئن جو دڙو ۽ هئا دولهه ۽ دودا،
    اڄ انهن جي نانوَ ۽ نشانن تي هلڻ جو آ حق وڃايو۔

    سوچ جـــي سمنڊن ۾ غـــرق ٿي آهـــي سنـــــــڌ ســــــــاري،
    پاڪستان جي نظام جي اونداهين ۾ عقل عرفان آ وڃايو۔

    اي سهڻا! ابـــــــن قاضــــــي، الله ٿــــي توسان راضــي،
    لڳي نه توکي ڪوسو واءُ، تو ۽ مون ڇا ڇا آ وڃايو؟؟؟؟

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ پاڪستان ٺاهيو

    ٻنهي دوستن جا جذبا قابلِ قدر آهن۔۔۔۔ پر ڇا اهو ممڪن آهي ته وڃايل ملڪيت کي واپس حاصل ڪجي۔۔۔ ان جو به ڪو حل آهي۔۔۔

     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ پاڪستان ٺاهيو

    جي ادا رشيد، بيشڪ حل آهي، جيئن سسئيءِ پنهون وڃائي پوءِ، جهر جهنگ جهاڳيو هو، جيئن تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ واري قول تي عمل ڪندي، پنهنجي محبوب کي پائڻ لئه جان نثار ڪئي هئي، بلڪل اهڙيءَ طرح سان وڃايل شين کي حاصل ڪرڻ طرف راهي ٿي سگهبو ۔۔۔

    اڄ هلبو ته ممڪن سڀاڻي پهچبو ۽ منزل حاصل ڪبي ۔۔۔ هڪ مثالي قصو ٻڌائيندو هلان ۔۔۔

    ”هڪ ڏينهن آءُ هڪ دوست وٽ مهمان ٿي ويس، پر جيئن ئي پهتس ته ٺيڪ ان ئي وقت ڪو ڌاڙيلن جو ٽولو ڳوٺ جي ٻاهران روڊ تي بيٺل مون واري دوست جي سوٽ کي اغوا ڪري وڃڻ لڳو ۔۔۔ روڊ کان دوست جي اوطاق تائين ان خبر پهچڻ ۾ شايد پنج يا ڏهه منٽ لڳا هوندا ۔۔۔ بس مون واري دوست نه ڪئي حم نه تم، بس سڀ پنهنجا هاري ۽ ڪمدار ۽ هٿيار کڻي، گاڏين تي نڪري پيا ڌاڙيلن جي پويان، ڌاڙيلن جو پيڇو ڪندي ڪو چاليهارو ڪوهه پري نڪري ويا پر ڌاڙيلن کي ساهه پٽڻ نه ڏنائون ۽ آخر ڌاڙيل ان دوست جي سوٽ کي ڇڏي ڀڄي ويا ۔۔۔“

    ان وقت مون اهو سوچيو ته وقتائتا قدم هميشه ڪامياب ٿيندا آهن پر جڏهن وقت گذري ويندو آهي ته نقصان ممڪن ٻيڻون ۽ ٽيڻون ٿيندو اهي، بلڪه ممڪن ته اهڙو نقصان ٿئي جو ان جو ازالو به ممڪن نه ٿئي ۔۔۔

    sindhsalamatsaathsal
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ پاڪستان ٺاهيو

    توهان جي هن حل ۾ ته وري به پنهنجو ئي نقصان آهي۔۔۔ جان نثار ٿي وئي وئي بس مثال ئي حاصل ڪبو ته ”گهوري جان جتن تان“ جڏهن ته ٻئي مثال وارو حل ڪجهه بهتر آهي۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو