غزل

وهاب جروار

سينيئر رڪن
وهاب جروار
زندگي  ۾ زندگي ناهي رهي،
ڇو ته من ۾ ڪا خوشي ناهي رهي۔
پاڻ کي مون کان پلي سگهندين ڪٿي؟
گل کان خوشبو ڇٍٍٍجي ناهي رهي۔
منهنجو جيڪا چين چورائي وئي
پاڻ به گهر ۾ سکي ناهي رهي۔
جنهن ۾ آئون پاڻ کي پسندو هئس
سا اکين جي آرسي ناهي رهي۔
وقت سان گڏ ٿي وئي تبديل آ،
مان ته سورج هو مکي ناهي رهي۔
دشمنن جي لا ٿو سوچين وهاب،
دوستن ۾ دوستي ناهي رهي۔۔۔۔
 
وهاب جروار
پاڻ کي مون کان پلي سگهندين ڪٿي؟

منهنجو جيڪا چين چورائي وئي
پاڻ به گهر ۾ سکي ناهي رهي۔
مان ته سورج هو مکي ناهي رهي۔
دشمنن جي لا ٿو سوچين وهاب،
دوستن ۾ دوستي ناهي رهي۔۔۔۔


ادا جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي
جي اوهان سان ڪري وئي آهي ته هن جو احوال به اوهان ئي لکيو آهي
 
Back
Top