”اوسيئڙو“ ۔۔۔۔عابد ڪاظمي

”اوسيئڙو“

اُڀ جي ساگر ۾ چنڊُ
ڄڻ ڪوئي ڪُن آهي
جنهن ۾ خواب
غرق ٿي ويا آهن
۽ خاموش رات
وڃايل خوابن جي
تعبير جي ڳولها ۾
هڪ ويران دل جي
آڳر ۾ ليئا ٿي پائي
ڪجهه نامراد لمحا
ترسي پيا آهن
اکين ۾ آکيرا ٺاهي!
1451620_568053916607428_2138052748_n.jpg
 
Back
Top