علمي ۽ شعوري ترقيءَ ۾ سنڌيڪا جي ڀاڱي ڀائيواري مڃيل حقيقت آهي. ان جون سنڌ جي علم فڪر ۽ ڏاهپ جي ترقي ۽ ڦهلاءَ لاءِ ورتل ڪوششون هر هنڌ ساراهيون وڃن ٿيون. هينئر سنڌيڪا هڪ قدم اڳتي وڌائيندي احسن آباد ڪراچيءَ ۾ “سنڌيڪا انسٽيٽيوٽ فار اٿڪس ۽ سوشل ريفارمس” جو بنياد وڌو آهي، جتي نوجوانن، شاگردن، سياسي ورڪرن، سماجي ڪارڪنن ۽ سماج جي مختلف طبقن لاءِ تعليمي ۽ تربيتي ڪورس ڪرايا ويندا. ابتدائي طور تي 22 ڊسمبر 2013ع کان هر آچر جي ڏينهن 3 وڳي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جا هفتيوار ڪلاس شروع ڪيا ويا آهن. ان سلسلي جي افتتاحي تقريب ۾ ڳالهائيندي سنڌيڪا اڪيڊمي جي چيئرمين نور احمد ميمڻ چيو ته: “هنن ڪلاسن جو مقصد سنڌ جي نوجوانن تائين شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پيغام سولو ڪري پهچائڻ آهي ته جيئن سنڌ جي روايتن ۽ ڏاهپ سان موجوده نسلن جو رشتو سگهارو ٿئي. اهڙيءَ طرح نوجوانن جي ويڳاڻپ ختم ڪري انهن جي ذهني صلاحيتن کي سگهارو ڪرڻ ۾ مدد ملندي.” شاهه جي پارکو انب گوپانگ شاهه جي رسالي جي اهميت بيان ڪندي شاهه جي رسالي جي سنڌي سماج تي اثرن مٿان روشني وڌي. تقريب جي صدر سنڌ جي ناليواري ڏاهي امان الله شيخ ايڊوڪيٽ چيو ته “اسان جي سنڌ هن وقت تعليمي ۽ فڪري طور تي بحران جو شڪار آهي، اسان جي نوجوانن جو ذهن سُنڍ ٿي ويو آهي، هر نوجوان بي مقصد زندگي گذاري رهيو آهي. ان لاءِ اسان جو روحاني رهبر شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي بهترين رهنمائي ڪري ٿو. شاهه شناسي ۽ شاهه جي فڪر تي سنڌيڪا اڪيڊمي طرفان شروع ڪندڙ هنن ڪلاسن سان سنڌ جي نوجوانن کي فائدو پهچندو ۽ سنڌيڪا جيئن اشاعت جي ميدان ۾ پنهنجو ڪم ڦهلايو آهي تيئن هن تعليمي ۽ تربيتي ڪم کي به وسيع ڪري سڄي سنڌ ۾ ڦهلائڻ جو ڪم سرانجام ڏئي.”
ڪلاسن ۾ داخلا لاءِ هن نمبر تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.0313-2707097
يا اي ميل: siesrsindh@gmail.com
ڪلاسن ۾ داخلا لاءِ هن نمبر تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.0313-2707097
يا اي ميل: siesrsindh@gmail.com
