شاهه جي رسالي کي سمجهڻ جو ڪورس

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    علمي ۽ شعوري ترقيءَ ۾ سنڌيڪا جي ڀاڱي ڀائيواري مڃيل حقيقت آهي. ان جون سنڌ جي علم فڪر ۽ ڏاهپ جي ترقي ۽ ڦهلاءَ لاءِ ورتل ڪوششون هر هنڌ ساراهيون وڃن ٿيون. هينئر سنڌيڪا هڪ قدم اڳتي وڌائيندي احسن آباد ڪراچيءَ ۾ “سنڌيڪا انسٽيٽيوٽ فار اٿڪس ۽ سوشل ريفارمس” جو بنياد وڌو آهي، جتي نوجوانن، شاگردن، سياسي ورڪرن، سماجي ڪارڪنن ۽ سماج جي مختلف طبقن لاءِ تعليمي ۽ تربيتي ڪورس ڪرايا ويندا. ابتدائي طور تي 22 ڊسمبر 2013ع کان هر آچر جي ڏينهن 3 وڳي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جا هفتيوار ڪلاس شروع ڪيا ويا آهن. ان سلسلي جي افتتاحي تقريب ۾ ڳالهائيندي سنڌيڪا اڪيڊمي جي چيئرمين نور احمد ميمڻ چيو ته: “هنن ڪلاسن جو مقصد سنڌ جي نوجوانن تائين شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پيغام سولو ڪري پهچائڻ آهي ته جيئن سنڌ جي روايتن ۽ ڏاهپ سان موجوده نسلن جو رشتو سگهارو ٿئي. اهڙيءَ طرح نوجوانن جي ويڳاڻپ ختم ڪري انهن جي ذهني صلاحيتن کي سگهارو ڪرڻ ۾ مدد ملندي.” شاهه جي پارکو انب گوپانگ شاهه جي رسالي جي اهميت بيان ڪندي شاهه جي رسالي جي سنڌي سماج تي اثرن مٿان روشني وڌي. تقريب جي صدر سنڌ جي ناليواري ڏاهي امان الله شيخ ايڊوڪيٽ چيو ته “اسان جي سنڌ هن وقت تعليمي ۽ فڪري طور تي بحران جو شڪار آهي، اسان جي نوجوانن جو ذهن سُنڍ ٿي ويو آهي، هر نوجوان بي مقصد زندگي گذاري رهيو آهي. ان لاءِ اسان جو روحاني رهبر شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي بهترين رهنمائي ڪري ٿو. شاهه شناسي ۽ شاهه جي فڪر تي سنڌيڪا اڪيڊمي طرفان شروع ڪندڙ هنن ڪلاسن سان سنڌ جي نوجوانن کي فائدو پهچندو ۽ سنڌيڪا جيئن اشاعت جي ميدان ۾ پنهنجو ڪم ڦهلايو آهي تيئن هن تعليمي ۽ تربيتي ڪم کي به وسيع ڪري سڄي سنڌ ۾ ڦهلائڻ جو ڪم سرانجام ڏئي.”

    ڪلاسن ۾ داخلا لاءِ هن نمبر تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.0313-2707097

    يا اي ميل: siesrsindh@gmail.com


    [​IMG]
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻي ڪوشش آهي ، ڪراچي ۾ رهندڙ نوجوانن کي حصو وٺڻ گهرجي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    شاه صاحب صرف سنڌ جو وڏو شاعر ناهي پر هڪ عالمگير شاعر آهي جنهن جو فڪر عالمگير فڪر آهي شاه صاحب جي شاعري امن شانتي پيار ء محبت جو درس ڏئي ٿي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جو نوجوان نسل غالب، اقبال، ء شيڪسپيئر کي ته پڙهڻ پسند ڪندو آهي مگر شاه جي شاعري کي ناهي پڙهندو.جڏهن ته شاه صاحب غالب، اقبال ، ء شيڪسپيئر کان ڪئين دفعه وڏو شاعرآهي . اگر ڪوئي پڙهي ته ڏسي. افسوس هن ڳالهه جو آهي ته اسان جا سنڌي شاهه جي شاعري کي سمجهڻ لاء ئي تيار نه آهن۔منهنجا ڀائرو منهنجي صلاح وٺو ٫ اڄ ئي شاه صاحب جي شاعري کي پڙهڻ ء سمجهڻ شروع ڪريو . ء پنهنجي مٺي ٻولي اباڻي ٻولي سنڌي ٻولي سانپيار ء محبت جو ثبوت ڏيو.
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏27 ڊسمبر 2013
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڇا اها تربيت آن لائين به هوندي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    هون ته سنڌ ڌرتي جو هر شهر شهر واهڻ واهڻ، چپو چپو، سون برابر آهي، ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر جي پنهنجي خوشبوء آهي۔مگر هت اسان جنهن شهر جو ذڪر ڪرڻ ٿا چاهيون اهو آهي پريا لوء
    ڀريالوءِ / پريالوءِ: اصل ۾ڀريالوء ڀريا= ذات جو نالو + لوءِ =ڳوٺ آهي.ڀريا ذات جي ماڻھن جو ڳوٺ هو، بعد ۾ پير صاحب پاڳاري انکي مخدوم محمد اسماعيل جي درگاهه سببان ”پريان لوءِ“ (محبوبن جو ڳوٺ) سڏيو، جو نالو ھينئر مروج آھي. ھي ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس جو اھم ڳوٺ آھي. پريالوءِ ۾ مشهور عوامي راڳي سرمد سنڌيءَ پڻ جنم ورتو. شڪيل پريالوي، سيرت تي سهڻي انداز ۾ ڪم ڪندڙ عالم محقق نثار احمد جوڻيجو پريالوئي ۽ سجاد ميراڻي هن شهر جا ناميارا اديب ۽ شاعر آهن. ان کان علاوه سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو خدمتگار سائين نور احمد ميمڻ صاحب به(سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ جو مالڪ) هن شهر جا جنم وٺندڙ خاموش سنڌي ٻولي جا خدمتگار آهن۔ نور احمد ميمڻ صاحب ذاتي ڪردار ۽ اخلاق جا به بهترين مثال آهن، نور احمد صاحب جن سنڌي ٻولي ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي۔ ۽ اهڙا ته انيڪ ڪتاب سنڌي ماڻهون تائين پهچايا آهن جن جي سنڌي ماڻهون کي اشهد ضرورت هئي۔نور محمد صاحب هون ته سنڌيڪا جي هر ڪتاب تي پنهنجا پيش لفظ لکي ڪري سنڌي ٻولي ۾ پنهنجي فڪر کي ٻين تائين پهچائيندا رهندا آهن۔ مگر سندس هڪ ڪتاب ”اچو ته بشر مان انسان بڻجئون“ پڻ لکيل آهي جيڪو اسان جي دوست مهترم سليمان وساڻ صاحب سنڌ سلامت جي فورم تي ونڊ ڪيو آهي۔جنهن ڪتاب ۾ بهترين نصيحتون ڀريل آهن۔۔ جنهن ۾ اسلام جي نظر سان ٻڌايل آهي ته ڪيئن پنهنجي رهڻي ڪهڻي ۽ سماجي قدرن کي بهتر بڻائجي۔
    سنڌيڪا اڪيڊميءَ جومختصر تعارف۔

    سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو بڻياد ٢٦ سيپٽمبر ١٩٩١ع ۾ پيو جنهن جو مقصد هو ته سنڌيءَ جي مختلف fields ۾ معلومات ۽ تحقيقات جي حوالي سان ڪم ڪرڻ جي حوصله افزائي ڪئي وڃي.​
    اڪيڊميءَ جو بنياد جناب نور احمد ميمڻ وڌو، جيڪو سياسي اڳواڻ ۽ مبصر ۽ پبلشر آهي. هن ڄاتو پئي ته هڪ اهڙو ادارو جيڪو سرڪاري ڪامورن جي ڀول ڀلين جي ور چڙهيل هوندو سو سنڌي ٻوليءَ جي جوڳي خدمت ڪو نه ڪري سگهندو جنهن جي هن جديد ۽ ترقي يافته دور ۾ ضرورت آهي. تنهنڪري ضروري هو ته هڪ غير منافعه بخش ادارو وجود ۾ آندو وڃي جيڪو والنٽيرلي بنيادن تي ڪم ڪري، تنهنڪري هيءُ ادارو وجود ۾ آيو۔۔۔ هي تمام مناست اگهه تي ڪتاب پڙهندڙن تائين پهچائي تمام وڏو ڪم ڪري رهيو آهي۔۔۔۔ سندس آفيس آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي تي آهي۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    دوستو، الحمدالله، الحمدلله، مان نه سگريٽ استعمال ڪيان نه پان، نه گٽڪو، نه ڪا ٻئي ڪا اهڙي شيء جنهن ۾ پيئسو الڳ ضايع ٿئي ۽ صحت الڳ، پر مان هر مهيني پنهنجي پگهار مان ڪجهه مخصوص پيئسا الڳ ڪري ان لاء رکندو آهيان ته انهن جا ڪتاب وٺندس، ۽ ان حساب سان مان ڪالهه ڪجهه وقت کانپوء سنڌيڪا اڪيڊمي پهتس ڪتاب خريد ڪرڻ لاء، ۽ مون ڪجهه ڪتاب خريد ڪيا۔
    ۽ مون ڪتاب خريد ڪيا ۽ تقريبن ٻه ڪلڪ سائين نور احمد ميمڻ ۽ سندس فرزند فضل الرحمان سان روح رهاڻ ڪرڻ جو موقعو مليو، ۽ اتي شاهه کي سمجهڻ جي سبقن جو پڻ ذڪر ٿيو( ۔جنهن جي تفصيل مٿي ڏنل آهي ) ۽ شاهه جي ڪلاسن تائين پهچڻ لاء رستي جو به ذڪر ٿيو، ان تي مون مشوارو ڏنو ته ان جو ڪو نقشو هجي ته مون کي عنايت ڪيو ۽ منهنجي ان درخواست تي انهن اهو نقشو مون کي عنايت ڪيو جيڪو پڻ هت سنڌ سلامت جي فورم تي ونڊ ڪجي ٿو۔، اميد ته هي نقشو دوستن لاء رهنمائي ڪندو۔ ياد رهي ته شاهه جي ڪلام تي ليڪچر سنڌ جو مشهور
    شاهه جو پارکو انب گوپانگ، ۽ نور احمد ميمڻ صاحب ڏيندا۔

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏28 ڊسمبر 2013
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جي نه سائين ۔۔۔۔۔ روبرو ۽ موجودگي ۾ ڪلاسز هلندا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سائين اهي ڪلاسز روبروهلندا مگر اهي ڪلاسز ۾ بيان ڪيل ليڪچر رڪارڊ ڪري ۽ پوء مقرر وقت تي ريڊيو تي پيش ڪيا ويندا۔ اها ڄاڻ محترم دوست فضل الرحمان ميمڻ ولد نور احمد ميمڻ صاحب جن مون کي پاڻ ڏني هئي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو