Khadim Hussain Khaskheli
سينيئر رڪن
ڪافي عرصو گُذري چُڪو آهي، اسان سنڌ ميڊيا جي عبدالرزاق ميمڻ جا هاڻ لکيل، سائنسي يا ڪمپيوٽر تي مضمون يا ٻيا آرٽيڪل نه پيا ڏسون. موصوف اسانجو دوست آهي اسانکي ۽ ٻين گهڻن ئي ميڊيا سان وابسطا دوستن کي سنڌ سلامت تي متعارف ڪرائڻ وارو به هو ئي هو پر ڪافي عرصي کان شايد ڪن ذاتي مصروفيتن جي سبب اسانجي ڪنٽيڪٽ ۾ به ناهي. هڪ دفعو رستي ويندي ضرور ملاقات ٿي هُئي جنهن دواران ٻُڌايو ويو ته کيس سنڌ سلامت تي بلاڪ ڪيو ويو آهي، اسان ان کي مذاق سمجهي پر ايترو عرصو سنڌ سلامت تان غير حاضر رهڻ ان کي سچ تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو، جي ائين آهي ته پوءِ اها بلڪل افسوس جي ڳالهه هوندي ۽ سمجهبو ته ڪن جي هٽي ۽ غلبو آهي ۽ جي اها خبر صحيح آهي ته وضاحت ڪريو ته مهرباني ٿيندي ڇو جو سنڌ ۾ اڳ ئي گروپ بنديون آهن جنهن سنڌ سوسائٽيءَ کي تباه و برباد ڪري ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٽيلنٽ اڻ لڀ آهن، جيڪي آهن سي پاڻ پڏائڻ يا گروپ طرفان تعارف ٿيل ، جي کرا ۽ سچا آهن تن کي لکڻ تي پابند وجهجي ٿي جڏنهن ته هاڻ قانوني طور تي به نه صرف سوشل ميڊيا پر پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پنهنجي ظهار جي مُڪمل آزادي آهي.