ورسٽائيل اداڪار مشتاق جسڪاڻي۔۔۔۔۔۔۔۔مصطفيٰ ملاح۔۔۔ بشڪريه سنڌي شخصيتون
نامياري اداڪار مرحوم نور محمد لاشاريءَ کان ويندي انور سولنگيءَ تائين، سنڌي فنڪارن جو قدر نه ڪيو ويو آهي. مرحوم اداڪار مشتاق جسڪاڻي، جيڪو هڪ ورسٽائيل آرٽسٽ هو، هن پنهنجي پوري زندگي فن کي ڏئي ڇڏي پر ان جي بدلي هن کي ڪجهه به نه مليو.
مرحوم مشتاق جسڪاڻي ۱۹۳۶ع ۾ ڳوٺ حيدر زمان جسڪاڻي، ضلعي سانگهڙ ۾ اَک کولي. هن جي والد جو نالو علي محمد جسڪاڻي هو، جيڪو درزڪو ڪم ڪندو هو. اٺن سالن جي عمر ۾، هي سڀ ٽنڊو آدم ۾ لڏي آيا. هن پرائمري کان وٺي بي اي تائين تعليم، ٽنڊو آدم مان حاصل ڪئي.
سال ۱۹۵۸ع ۾ هن شادي ڪئي، جنهن مان هن کي ۵پٽ ۽ چار نياڻين جو اولاد آهي.
سال ۱۹۷۱ع ۾ هن کي ايس ايس پي آفيس ۾، ڪلارڪ جي نوڪري ملي وئي. فن هن جي رڳن ۾ شامل هو. پوليس کاتي پاران، ڪو به فنڪشن ٿيندو هو ته، هي اتي اسٽيج ڊرامو ڪندو هو. جڏهن ته هن کي ڳائڻ جو شوق به هوندو هو. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن پوليس عملدار، هن کان ڳائڻ جي به فرمائش ڪندا هئا. هن ۶سال پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪئي، پر پوءِ ان کي خدا حافظ ڪيائين. پوءِ ٻي جاءِ تي به هن کي نوڪري ملي پر اها به هن ڪنهن سبب جي ڪري ڇڏي ڏني.
هن جو پهريون اسٽيج ڊرامو ”جهانگير جو انصاف“ آهي.
مرحوم پهرئين سنڌي فلم ”رنگ محل“ ٺاهي. اها فلم، جڏهن مارڪيٽ ۾ آئي ۽ ماڻهن ڏٺي ته فلم جي تعريف ٿيڻ لڳي. ان وقت پي ٽي وي تي عبدالڪريم بلوچ هوندو هو. ان فلم ”رنگ محل“ ڏسي، مشتاق جسڪاڻيءَ کي سڏايو ۽ اهڙيءَ طرح هن جو پي ٽي وي تي پهريون ڊرامو ”سک جي وستي“ آن ايئر ٿيو. هن ۳۰فلمن ۾ اداڪاري ڪئي، جڏهن ته ۴۰۰کان مٿي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي. هن جو يادگار ڊرامو، جنهن کان هن کي شهرت ملي، اهو ”ديوارين“ ڊرامو هو.
مشتاق جسڪاڻي هڪ ورسٽائيل آرٽسٽ هو. هو اداڪاريءَ سان گڏوگڏ ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ گلوڪار پڻ هو. هن جا ۱۰۰کان مٿي ڪلام آهن، جن کي مختلف گلوڪارن ڳايو آهي.
مشتاق جسڪاڻيءَ کي آخر تائين سرڪاري ٽي وي کان اها شڪايت هئي ته؛ هو سينيئر اداڪارن کي پنهنجن ڊرامن ۾ نٿا کڻن. مرحوم مشتاق جسڪاڻي اهو به چوندو هو ته؛ اڪثر ڪري ماڻهو شوبز جي دنيا کي برو ڀلو چوندا آهن، پر مان سنڌي فنڪارن ۾ واحد اداڪار آهيان، منهنجي ڌيءَ سنجيلا جسڪاڻي ڊرامن ۾ ڪم ڪري ٿي.
مشتاق جسڪاڻيءَ جي جوڙي مرحوم اداڪار انور سولنگيءَ سان تمام گهڻي مشهور ٿي هئي، خاص ڪري ديوارين ڊرامي ۾، ڍولڻ ۽ مکڻ جو ڪردار تمام گهڻو مقبول ويو. ماڻهن انهن ٻنهي جا اصل نالا وساري، ڍولڻ ۽ مکڻ جي نالي سان، کين سڏيندا هئا.
پر اڄ افسوس آهي جو اهي ٻئي لازوال ڪردار، مکڻ ۽ ڍولڻ، اسان وٽ موجود نه آهن. ٻئي فنڪار زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ بيحسيءَ جو شڪار ٿيا. انهن جي بيمار رهڻ دوران، ڪنهن به سندن سار نه لڌي.
تاريخ ۲۴ڊسمبر ۲۰۰۶ع تي، ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾، اداڪار مشتاق جسڪاڻي اسان کان هميشه لاءِموڪلائي ويو.
هن جي آخري آرامگاهه، ڪراچيءَ جي ڊالميا قبرستان ۾ آهي.
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
مشتاق جسڪاڻي 19 سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو جن ۾ پرو، سوڍا پٽ سنڌ جا، رنگ محل ۽ دشمن وغيره اهم آهن مرحوم 25 کان وڌيڪ اسٽيج ڊرامن سان ڪم ڪرڻ سان گڏ ڊرامن ۾ هدايتڪاري ڪئي سندس پي ٽي وي جي مشهور ڊرامن ۾ اردو سيريل ديوارين ۽ سنڌي سيريل راڻي جي ڪهاڻي اچي وڃن ٿا. ديوارين ۾ سندس ڪردار گھڻو پسند ڪيو ويو ۽ خاص ڪري سندس ڊائلاگ (بات هي ڪي جٺ هي) ۽ (بات هي سمجھ ڪي) تمام گھڻا مشهور ٿيا ۽ هن سيريل ملڪي سطح تي تمام گھڻي مشهوري ڏني . ديوارين جي ڪردار تي مشتاق جسڪاڻي کي ثقافتي تنظيمن ڪيترا اوارڊ ڏنا پر ديوارينسميت ڪنهن به سيريل تي پي ٽي وي اوارڊ نه ملڻ تي ڏک آخر تائين رهي۔۔۔۔۔۔ بشڪريه بينظيرآباد سائيٽ۔