غزل

وهاب جروار

سينيئر رڪن
وهاب جروار
ڪڏهن ته ايندو ضرور ايندو،
اسان ۾ آخر شعور ايندو۔
ڪتيون بتيون هي ته ڪجهه به ناهن،
اکين جو بڻجي هو نور ايندو۔
وري نه ايندو مسيحا ڪوئي ،
وري نه ٻيو ڪو طور ايندو۔
هوا خوشين جا ته ساز ڇيڙيا،
لڳي ٿو منهنجو حضور ايندو۔
جڏهن به ايندو جتي به ايندو،
هو ته ظاهر ظهور ايندو۔
 
Back
Top