غزل

'تعارف' فورم ۾ وهاب جروار طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2013۔

  1. وهاب جروار

    وهاب جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    154
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدر آباد
    وهاب جروار
    ڪڏهن ته ايندو ضرور ايندو،
    اسان ۾ آخر شعور ايندو۔
    ڪتيون بتيون هي ته ڪجهه به ناهن،
    اکين جو بڻجي هو نور ايندو۔
    وري نه ايندو مسيحا ڪوئي ،
    وري نه ٻيو ڪو طور ايندو۔
    هوا خوشين جا ته ساز ڇيڙيا،
    لڳي ٿو منهنجو حضور ايندو۔
    جڏهن به ايندو جتي به ايندو،
    هو ته ظاهر ظهور ايندو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو