سياسي پارٽين ۾ ڦوٽ ڇو ٿي پوڻ شروع ڪري پيپلز پارٽي ناڪام ڇو هڪ تنقيدي جائزو

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏29 ڊسمبر 2013۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سياسي پارٽين ۾ ڦوٽ ڇو ٿي پوڻ شروع ڪري پيپلز پارٽي ناڪام ڇو هڪ تنقيدي جائزو۔
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
    قائد اعظم محمد علي جناح اسماعيلي خاندان سان تعلق رکندڙ هڪ سنڌي شهري هو۔ هو مذهبي نه پر سيڪيولر نظام ۽ نظرئي جو قائل هو، هڪ مسلمان هُئڻ خاطر هڪ جداگانا پاڪستان جو مطالبو ضرور ڪيو هو کو جو ان کان علاوه پاڪستان کي آزادي ملي نٿي سگهي پر اُن جا مذهبي ڪارڻ هرگز نه هُئا اهوئي مقصد هو جو اُن وقت گڏيل هندستان مان ئي پاڪستان نالي هڪ رياست قائم ٿي سگهجي ها۔ سيڪيولر نظام ۽ نظرئي ڪري ئي پاڪستان ۾ اڪثريت ۽ اقليت کي هڪ جهڙا اختيار هُئا۔ جي پاڪستان جي آزادي خالص مذهبي پيروڪاريءَ سبب هُجي ها ته اُن وقت جون مذهبي جماعتون محمد علي جناح جون ٻانه ٻيليون هُجن ها ۽ نه ڪي پاڪستان جي وُجود جون انڪاري۔ بهر حال سياسي ڪارڻ ڪهڙا به هُئا جيڪي مختلف تاريخ لکندڙن جي قلم مان آشڪار آهن، پاڪستان جو وجود اچي ويو ۽ پاڪستان، قائد اعظم محمد علي جناح جي (مُسلم ليگ) جهنڊي هيٺ گڏ ٿي۔ جن مذهبي تنظيمن پاڪستان جي ٺهڻ جو انڪار ڪيو ۽ جن جي ليڊرن جو قيام پاڪستاني علائقن ۾ هو، اُهي گڏيل هندستان جي هن ٽڪڙي پاڪستان ۾ رهجي ويا ۽ پنهنجي تنظيمون هتان هلائڻ شروع ڪيون۔

    قائد اعظم جي وفات کان هڪ تسلسل کان پوءِ پوءِ پاڪستان مُسلم ليگ تي شخصيتي ڇاپون پوڻ لڳيون ۽ مختلف اثرن تحت نه صرف صوبن ۾ ، پر علاقائي سوچن جون قوتون قابض ٿيڻ شروع ٿيون ۽ اهڙي طرح بترتيب قائد جي جوڙيل سيڪيولر نظرئي واري پاڪستان مُسلم ليگ ٽُٽي ڦُٽي مُختلف نالن سان ميدان تي اچڻ لڳي۔ ساڳي قائد جي ڪمان کي بظاهر تسليم ڪندي مسلم ليگ جو نالو ڪڏهن، فنڪشنل گروپ، ڪڏنهن جوڻيجو گروپ، ڪڏنهن نواز گروپ، ڪڏنهن عوامي گروپ ڪڏهن قائد گروپ ۽ ان کان اڳ زنده رهڻ وارن سياستدانن جي نالي سان پيو جيڪا آهستي آهستي قائد جي اصلي نظرئي کان هٽي وئي ۽ اڄ اهڙي ڪابه مُسلم ليگ بچي آهي جنهن جو قائد وانگر سيڪيولر نظريو هُجي۔ ڪن مُسلم ليگن تي ته مذهبي ڇاپ پڻ آهي جنهن جو گهڻو دارومدار طالبان طرف چينلن ۾ بحث هيٺ اچي پيو۔ هاڻ مُسلم ليگ سواءِ فنڪشنل جي سيڪيولر نظرئي مان بدلجي هڪ مذهب سوچ ۾ پنهان ڏسجي ٿي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 ڊسمبر 2013
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پاڪستان جيئن ته ملٽي صوبن، سوچن، عقيده رکڻ، غربت ماريل، ماڻهن جو مُلڪ آهي ۽ جيئن ته هتي ڪا به اهڙي سياسي پارٽي هلي نٿي سگهي حتاڪه جيڪا سڀني جي حقن جي برابري واري بُنياد تي هتي جي 90 سيڪڙو غريب عوام لاءِ ئي ڪم ڪري جيستائي اُها سيڪيولر نه هُجي، انهن جا صوبائي يا مذهبي خيال نه هُجن، اُهي علاقائي سوچون رکندڙ نه هُجن جيڪو قائد جو نظام هو ۽ سندس وفات کان پوءِ ڀور ڀور ٿي ويو۔ اها به حقيقت آهي تي ايران جي شهنشاهي حڪومت ختم ٿيڻ جا پاڪستان تي گهرا اثر پيا ۽ اڄ به ڏٺا وڃن ٿا، اها به حقيقت آهي ته پاڪستاني اڪثريتي مُسلمانن جو لاڙو اُن وقت عقيدي ۽ اڪثريت ڪري سعودي عرب طرف ئي هو۔ پر ايراني انقلاب کان پوءِ جيڪو آهستي آهستي ڪهڙن به ڪارڻن جي ڪري پاڪستان تي به گهڻي اثر ڇڏي ويو ۽ اڄ پاڪستان صوبائي طور کي ڇڏي مذهبي طور تي ٽن ٽڪڙن ۾ ورهايل آهي، هڪ اُهي جيڪي سُني، وهابي يا اهل حديث هُئڻ دعويدار آهن تن جو لاڙو عرب مُلڪن ڏانهن ۽ ٻيا اُهي جيڪي شيعت جا دعويدار آهن تن جو لاڙو ايران يا اهڙن ويچارن واري ٻين ملڪن طرف ۽ ٽيا سڀئي اقليتي۔ اها سوچ صوبائي سوچ کان به گهڻي خطرناڪ آهي ۽ ان جو پيڇو تڏنهن ممڪن هُجي جڏنهن گهڻ صوبائي، گهڻ ٻولي، گھڻ مذهبي، گهڻ علاقائي وارن جو نظريو قائد اعظم محمد علي جناح، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ شهيد بينظير ڀُتون جيان صرف ۽ صرف سيڪيولر هُجي ۽ انهن جون پارٽيون ڪا مذهبي ڇاپ رکي اڳتي نه وڌن۔

    اهوئي وقت هو جو ايندڙ نه سُلجهندڙ مصيبتن کي مُنهنڏيڻ لاءِ قائد اعظم جهڙي ٻئي نظرئي ۽ سياسي پارٽيءَ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي، ان ڪري جو جڏنهن پارٽين تي صوبن، مذهبن، علائقن جي ڇاپ لڳي ٿي ته اُهي بنيادي نظرئين کان هٽي پون ٿا ۽ مجبور انهن ميمبرن جي پويان پاليسيون جوڙين ٿا جن جا اهڙا بُنيادي نظريا هُجن ٿا۔ تڏنهن ئي قائد جي ڇڏيل مُسلم ليگ جنهن ۾ وڇوٽيون پئدا ٿي چُڪيون هُيون جيڪي هاڻ مذهبي، علائقائي، صوبائي سوچن ۾ وچڙجي چُڪيون هُيون اهڙي قسم جي ٻئي نالي سان پر ساڳين ضرورتن ۽ نظرئي تحت وجود آڻڻ لازمي ٿي پيو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بُنياد پيو۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 ڊسمبر 2013
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    شهيد جهمورت حضرت قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀُٽو شهيد، قائد اعظم جي اهڙن ئي افڪارن سان ئي جديد تقاضائن تحت ئي اڳتي وڌيو هو ۽ 90 سيڪڙو غريب عوام جي قيادت ڪندي انهيءَ ئي نسبت سان پنهنجي متبادل نظرئي جي پارٽي (پاڪستان پيپلز پارٽي) ٺاهي وري قائد اعظم ۾حمد علي جناح جيان عوام کي پاڻ ۾ جوڙيو جيڪي مذهبي، صوبائي، علاقائي، سرمياداري، پيري مُريدي ۽ اهڙن ويڇا وجهندڙ ٻين خيالن جا حامي ته هُئا پر سندن مقسد هڪ ئي هو آزاد پاڪستان ن ڪي سُني، وهابي، شيعه، اهل حديث، ديوبندي، دستاربندي، حنفيت ، صوبايت، اڪثريت، اقليت، ذاتي، قوميت وارو پاڪستان پر هڪ مُسلمانن جو هڪ پاڪستان، سڀني جا برابر حق ۽ ميرٽ وارو پاڪستان۔ شايد مُفاد پرستن کي اهو ٻنهين قائد وارو نظريو نه وڻيو ۽ کين شهيد ڪيو ويو۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 ڊسمبر 2013
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اهو قائد اعظم ۽ قائد عوام جو ساڳيو نظريو وري مورثيت ۾ بيبي شهيد به کڻي اڳتي وڌي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي چئني صوبن جي زنجير بڻجي وئي، هڪ سيڪيولر يا سوشل چئون خيالن تحت هر مذهب، صوبي، سوچ عقيدي ۽ غريب عوام جي پارٽي بڻي پر ان تي انهن خيالن جي ڇاپ نه محسوس ٿي ۽ نه ئي ڪئي وئي۔ اهوئي سبب هو جو بشمول تمام ڊڪٽيٽرز هر ڪنهن قائد اعظم جي مسليم ليگ جيان قائد عوام جي پيپلز پارٽيءَ تي قبضو ڪرڻ چاهيو، هن پارٽيءَ کي به نواز شريف پارٽيءَ جيان مذهبي پر مخالف مذهبي رجحان تحت پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر بيبي شهيد، ان جي هيٺان ڪم ڪندڙ ليڊر شپ دُشمنن جي انهن ڪاوشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ جيسين بيبي شهيد جيئري هُئي پاڪستان پيپلز پارٽي قائد اعظم ۽ قائد عوام جي پارٽي جيان هڪ مضبوط سيڪيلر ازم يا سوشل ازم تحت پنهنجا پير کوڙي هلي ۽ ڪو به طالع آزما ان کي ٽوڙي نه سگهيو۔

    افسوس صد افسوس اڄ اها چئن صوبن جي زنجير واري پارٽي هڪ مذهبي رُجحان جي پرڇار ڪرڻ ۾ اڳتي آ ۽ انهيءَ سوچن ڪري پنهنجن ئي هٿا شهيد ٿي هڪ صوبي ۽ هڪ مذهب ڪمانڊ تائين محدود ٿي وئي ، حالانڪه اڄ به ڀٽو شهيد جو غير مذهبي سيڪيولر ووٽر خاموش ضرور آهي پر ڪنهن پارٽي ۾ شانه ٿيو آهي ، کيس پرچائڻ جي ضرورت آهي ۔ متان هو تحريڪ انصاف ڏي مائل نه ٿي وڃي پيپلز پارٽي جنهن کي ڪو طالع آزما ايڏي ساري طاقت رکي به ٽوڙي نه سگهيو، پنهنجي گهران مذهبي سوچ رکندڙن هٿان ئي ڀُرجندي پئي وڃي ۽ ان تي سيڪيولر ازم ۽ سوشل ازم جي ڇاپ بدران مذهبي ڇاپ وڌندي وڃي ڇو؟ جيڪو هن پارٽي جي ناڪاميءَ جو اصل سبب ڏسجڻ ۾ پيو اچي ڇو؟۔ اڄ جيڪا فيصلو ڪندڙ قوتون ۽ انهن جا پيشڪار ۽ فالوور آهن ، اُهي پارٽيءَ تي مذهبي ڇاپ وجهڻ ۾پيش ڇو آهن۔ اڳرا سي ڇا سيڪيولر، سوشل گهٽ مذهبي گهڻا نه آهن آهن ڇااهو سبب ته ناهي جو پارٽي جا جيالا حقيقي جانثار ٻاهر آهن ۽ جن هميشه قائد عوام جي دئور ۾ بيبي شهيد جي دئور ۾ اڳ اڳرا هُئا بلڪل سامهون نه هُئا۔ ڇا پي پي جي سوچ هاڻ وري سيڪيولر ۽ سوشل نٿي ٿي سگهي، ڇا مذهبي سوچ رکندڙ پنهنجي اها خواهش پارٽي پليٽ فارم کان پاسيرو نٿا رکي سگهن جي هو واقعي شهيدن جا پروڪار آهن ته پارٽيءَ م وڌيڪ ڦوٽ نه آڻين، مذهبي سوچ نه آڻين اهو ئي قيادت لاِ بهتر آهي۔ اهڙي سوچ وارا پارٽي ليڊر گهٽ ۾ ميڊيا تي پنهجيون مذهبي تقريبون آشڪار ته نه ڪن۔ ظاهر آهي هر جيالو ڪنهن نه ڪنهن مذهبي سوچ، ٻوليءَ، قوميت، صوبايت سان تعلق ته رکي ٿو نه، خدارا اُن کي انهن سوچن طرف نه ڌڪيليو، اڄ واحد پيپلز پارٽي آهي جيڪا غريبن جي ترجمان آهي، قائد اعظم، قائد عوام، بيبي شهيد جي سيڪيولر يا سوشل ازم نظرئي جي حامي، قادت کي عقل ۽ فهم استعمال ڪري انهن ئي پيرن تي هلڻ کپي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 ڊسمبر 2013
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پيپلز پارٽي ۾ حقيقي ۽ سيڪيولر (ڀُٽو ازم) فالوئرس کي گهُرجي ته پنهنجي اڄ جي پارٽي کي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ شهيد بي نظير ڀُٽو جي وقت سان ڀيٽ ڪري اڀياس ڪن ۽ ايڏي وڏي ناڪامي تي ٻيهر تفصيلي (روٽ ڪاز انالسز) ڪن ۽ خاميون ڏسڻ لاِِ ، پارٽي تي ٿپجندڙ (ليفٽ مذهبي ونًگ ) جنهن ۾ ڪي دوست پيپلز پارٽي کي ڌڪي رهيا آهن کان بچاِئين ته پيپلز پارٽي واپس قائد اعظم ۽ قائد عوام جي سيڪيولر نظرئي طرف موٽ ڪري ته جيئن سند ووٽ بئنڪ ۾ وري گهڻو اظافو ٿي وڃي جيئن شهيد ڀُٽُو جي وقت ۾ ووٽ بئنڪ جو هو۔ ۽ اهو سيڪيولر سوچ ڪري هو جنهن کي ان وقت جي (ضيا) طالبانئيزيشن فيڪٽر ۽ پنجاب فيڪٽر استعمال ڪري هٿ ڪري ورتو هو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو