رت مان صرف هڪ پينٽ ( o.568 ليٽر) خون عطيو ڪريو ته ان سان چئين ماڻهن جون جانيون بچايو

'صحت سرير جي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏29 ڊسمبر 2013۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    هڪ انساني جسم جي مجموعي وزن ۾ 7 سيڪڙو وزن ان رت جو هوندو آهي جيڪو هن جي جسم ۾ ڊوڙندو آهي ۽ ان وزن ۾ جو 86 سيڪڙو پاڻي تي مشتمل هوندو آهي“ جيڪڏهين توهان پنهنجي جسم ۾ موجود رت مان صرف هڪ پينٽ (لٽر 0.568 ليٽر) خون عطيو ڪريو ته ان سان چئين ماڻهن جون جانيون بچائي سگهجن ٿيون۔“
    [​IMG]

    ” اسان جي جسم ۾ موجود ٻئي گرده روزنه تقريبن 400 گيلن(1818 ليٽر) رت صاف ڪندا آهن۔“ هڪ عورت جي جسم ۾ اندازن 4پائينٽ5لٽر رت هوندو آهي،جڏهن ته مرد ۾ رت جو اندازن مقدار 5پائينٽ 6 لٽر هوندو آهي۔“
    [​IMG]

    ” اسان جي جسم ۾ رت کڻي ويندڙ ننڍيون وڏيون نسون،رڳون (ناليون ) آهن،جيڪڏهن انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي پيمائش ڪئي وڃي ته انهن جي لمبائي تقريبن 60 هزار ميلن تائين پهچي سگهي ٿي۔“رت جو رنگ ايترو ته گهاٽو ۽ پائيدار هوندو آهي جو آمريڪا جا قديم ريڊ انڊين قبائل سان تعلق رکندڙ ماڻهون رت کي مختلف شين کي رنگڻ ۾ ڪم آڻيندا هئا۔“ اسان جي جسم ۾ رت جا جيترا به ڳاڙها جزا آهن،ان مان اڌ هر ستين ڏينهن تي نئين جزن ۾ تبديل ٿئي ويندا آهن۔“
    [​IMG]

    ”صحت مند،بالغ ماڻهون ،جنهن جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 17سال ۽ وزن گهٽ ۾ گهٽ 110 پائونڍ هجي،هر 56 ڏينهن يا تقريبن ٻن مهينن کانپوء هڪ رت جي پينٽ عطيو ڏئي سگهي ٿو“” رت جي عطيو ڏيڻ کانپوء جسم ۾ سيال مادي جي ڪمي ڪجه ڪلاڪن ۾ پوري ٿي ويندا آهي،جڏهن ته رت جي ڳاڙهن جزن جي ڪمي پوري ٿيڻ ۾ تقريبن چار هفتا لڳندا آهن،۽ اٺن هفتن ۾ ان آئرن جي ڪمي پوري ٿي ويندي آهي،جيڪو دان خون جي ڪري ضايع ٿي ويو هئو”
    [​IMG]

    اميدته مٿين رت جي باري ۾ معلومات پڙهي،جيڪي ميمبر رت ڏيڻ کان ڪٻائيندا آهن،رت جو عطيو مستحق ماڻهن کي ڏيڻ شروع ڪندا،ڇاڪاڻ ته رت ڏيڻ سان ڪنهن قسم جي ڪمزوري يا ٻيو ڪو پرابلم پيدا نه ٿيندو آهي۔توهانجو رت ڪنهن مريض جي لاء جيئڻ جو سهارو ٿي سگهي ٿو۔هميشه خوش ۽ الله پاڪ جي آمان ۾ رهو
    ۔[​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 ڊسمبر 2013
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب ۔۔۔ انهن ماڻهن کي هي ليک ضرور پڙهائجي جيڪي رت جو عطيو ڏيڻ کان ڪيٻائيندا آهن۔
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام سٺي معلومات آهي۔ ليڪن رت ڏيڻ کان اڳ ۾ ڊاڪٽر جو مشورو به ضروري آهي ڪڏهن ڪڏهن ڪن ماڻهن ۾ پنهنجي ڪنهن عارضي جي ڪري رت جي ڪمي هوندي آهي ليڪن کين خبر نه هوندي آهي ۽ اهي رت ڏيڻ کان پوء پاڻ پريشان ٿي پوندا آهن اهڙو هڪ مسئلو منهنجي دوست سان ٿيو جنهن کي ڊاڪٽر چيو ته توهان بنا مشوري جو رت ڇو ڏنو۔ ليڪن اڪثر جيئن مٿي محترم عبدالرزاق جن ٻڌايو ته رت ڏيڻ سان ڪو نقصان نه ٿيندو آهي۔ ۽ ان سان اگر ڪنهن جي جان بچي پوي ته باقي ٻيو ڇا کپي جڏهن ته پاڻ کي به نقصان نه پهچي ۽ ٻئي کي فائدو پهچي ته اهو ڪم ضرور ڪجي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو