• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يوٽيوب پاڪستان

ڪم بهتر ٿيو۔۔۔ جو هي سائيٽ دراصل يوٽيوب وڊيوز کي ئي ڪجهه نئين ٽيڪنيڪل طريقي سان ڏيکاري ٿي۔۔۔ نه صرف اهو پر ايڇ ڊي فارميٽ تائين ئي ڊائونلوڊ ڪرڻ جي سهولت پڻ ڏئي ٿي۔۔۔۔ هن سائيٽ تي ڪوشش ڪئي وئي ته پاڪستاني وڊيوز کي پروموٽ ڪيو وڃي۔۔۔ باقي اڃان چيڪ ڪبو ته خبر پوندي ته اعتراض واري وڊيوز جو ڪهڙو حل ڪڍيو ويو آهي۔۔۔ خير مون کي پهرين نظر سان ڏسندي ئي ايتري ڀلي لڳي جو ان جي وڊيوز کي سنڌ سلامت تي سڌو سئون ڏيکارڻ جو انتظام ڪري ورتو۔۔۔ ۽ ڳولا کان پوءِ سنڌ سلامت جي مهربان رڪن مجيب سنڌي ڪورائي جي اپلوڊ ڪيل ۽ سنڌ سلامت جي لوگو سينگاريل هڪ وڊيو نظر مان گذري۔۔۔ ان اميد سان دوستن جي نظر ڪجي ٿي۔۔۔ هن سائيٽ کي هلڻ ڏنو وڃي۔۔۔

 
هن سائيٽ جي باري ۾ ادا رشيد ڄاڻ ڏني، ڪالهه هن ويب سائيٽ کي کولي ڏٺم، ڪُل مسئلن جو حل نظر اچي ويو...
 
Back
Top