اچو ته سولين سمجهاڻين ۾ برقي ۽ مڪينڪي سائنس سکون، سمجهون ۽ ٻين کي به سيکاريون سبق پهريون هتي سُوال پهرئين سبق ۾ ٻن سوالن جا جواب اُڀرندا هڪ ته انجنيئرنگ ڇا آهي جنهنجو جواب ٿيندو 1۔ سائنس جي استعمال جو مقصد ۽ ٻيو سوال پيش ايندو ۔ هي 002۔6 ڇا آهي۔ 2۔ ان جو جواب آهي ته اها 002۔6 مگزويل اڪُئشن جو فائدي مند استعمال آهي۔ جيڪو اليڪٽرانڪس کان شروع ٿي ڊجيٽل گيٽ ۽ آپريشنل ايمپلي فائرس ۾ ڏسڻ ۾ ايندو۔
توهان اڳ ۾ به ڪافي معلومات ونڊ ڪئي هئي جن ۾ ڪافي ڊايا گرام ۽ سرڪٽ پڻ پيش ڪيا هئا توهان جي هن ڪاوش ۾ پڻ اهڙا جوهر هوندا اميد ته ڪافي دوستن کي فائدو پهچندو۔
فزڪس جي هنن نشانين کان شايد ئي ڪو سائنس جو شاگرد نا واقف هُجي۔ هي سڀ نشانيون توهان جي روزمره استعمال ۾ ايندڙ برقي ۽ مڪينڪي اليڪٽرانڪ سرڪٽ ۾ نظر ايندونون هونديون، پوءِ چاهي اُهي ٻارن جا اليڪٽرانڪ رانديڪا هُجن يا ڪو ريڊيو، ٽي ويءَ جو پُرزو غرض ته هنن آسان سنڌيءَ ۾ هنن کي برقي دُنيا جي ڊان يعني چيف جي نالن سان سڏيو وڃي ٿو ۽ هر چيف جهڙوڪ ريزسٽر، ڪئپيسٽر، انڊڪٽر(ڪوائل) ڊجيٽل گيٽس جنهن مان انٽريڪيٽيڊ سرڪٽ ٺهن ٿا ۽ انهن چيفس جو پنهنجو هڪ مخصوص ڪردار هُجي ٿو جنهن ۾ گرمي به آهي تي سيءُ به، ڪاوڙ به ته نرمي به ۽ ٻاه به اسان انهن سڀني جي هتي اڀياس ڪري اڳتي وڌنداسون ۽ هن جي ميگزويل فيڪٽر کي به سمجهندا هلنداسون۔
توهان شايد مٿئين تصوير ۾ حساب ڪتاب جو خيال ڪيو هوندو جنهن ۾ هڪ سائنسدان (ڊاڪٽر سائم اوهم) پنهنجو سائنسي ماپ موپ جو حل ڏنو آهي ۽ اسان هاڻ ان جي هيٺ ڏنل تصوير ۾ وضاحت به ڪنداسون۔ بس ٽي شيون کڻو، هڪ بلب 6 وولٽن وارو ڀلي هُجي، هڪ پنجي رُپئي وارو سيل ۽ هڪ تار جا ٻه ٽُڪر، هاڻ ملايون جيئن ترتيب ۾ آهي۔ هتي سيل (بلب کي ٻارڻ جي سگهه وي يعني ( وولٽ) ڏيندو، تارن مان ڪرنٽ (آءِ ) وهي بلب (آر) يعني (رڪاوٽ( ريزسٽنس) ڏئي ٻرڻ شروع ٿي ويندو۔ هتي سوال جو نشان ان ڪري آهي ته خبر پوي ته ڪيتري رُڪاوٽ تي ڏنل وولٽ ۽ ڪرنٽ سان بلب ٻريو آهي، اهائي ترتيب اوهم جي قانون جي آهي۔
اوهم جي انهيءَ ساڳئي آسانيءَ سان سمجهڻ واري حساب ڪتاب کي وري ميگزويل ۾ پر مُختلف انداز ۾ ٿورڙو مشڪل ڪري ٻُڌايو ويو آهي، ڳالهه ساڳي ڪٽ جوڙ ونڊ واري آهي پر اها جيئن ته گهاٽ واڌ سان گرافڪس انداز۾ هوندي ان ڪري ان جي ڪنهن هڪ حصي کي کڻي ٿورڙو ڏکئي طريقي سان استعمال ڪيو ويو آهي۔ هتي ان اوهم ۽ مگزويل حسابي ڪتابي انگ اکرن سان وري محترم فراڊي جهڙي سائنسدان پنهنجي نموني ۾ وضاحت ڪئي آهي، موصوف انهي بجلي جي برقي وهڪري کي ۽ ان معمولي جي طاقت کي وساڳي حساب ڪتاب سان پنهنجو پئمانو ڏئي استعمال ٿو ڪري ۔
پريشان ڇو ٿا ٿيو اهڙي حسابي ڪتابي فزڪس جي ترتيب کي ٻئي انداز سان ۽ آسانيءَ سان به حل ڪري سگهجي ٿو۔ اهو ڪيئن؟ توهان کي خبر آهي ته ڪي شيون ڦير گهير سان ته ڪي وري فڪس طريقي سان استعمال ڪيون وڃن ٿيون اچو ته گهر ۾ ٻرندڙ ٽيوب لائيٽن پکن ۽ بلبن جي بٽڻن کي ڏسون ٻه ڪم ڪرڻ پونا هڪ آن ۽ ٻيو آف، پر پکي جي ريگيوليٽر کي ڦرائي هلائڻ سان ڪڏنهن هوا جهڪي وٺبي ته ڪڏنهن تيز، ڇڏيو ان کان به سولو طريقو آهي، هڪ پٿر پٽ تي پيل آهي زور ڏئي اڳيان ڌڪيلڻو اهي ڪهڙيون طاقتن کي مُنهن ڏبو هڪ زور (فورس ته ٻيو وري پٿر جو وزن (ماس) ٿيندو ڇا پٿر ڌڪيلجبو (تيزي ايندي جنهن کي (ايڪسيليريشن چئبو) هاڻ ڪي ٻه شيون معلوم هُجن ته اوهم جي قائدي سان ڪنهن ۾ هڪ جو مقدار ملي ويندو نه، تجربو ڪريو جي ڪوڙ هُجي ته، ونڊ، ضرب جو حساب ڪتاب اچي ٿو نه يا اهو به سيکارڻو پوندو پوءَ ڪهڙي ڏکيائي آهي وڌندا هلو سائنسدان يا انجنيئر ٿي ئي ويندئو بغير ڪاپي ڪلچر جي۔
هتي ٻيا به فيڪٽر ايندا پر فلحال توهان ان پٿر (آبجيڪٽ) جي شڪل، ان جي رنگ ۽ پئدا ٿيندڙ رڳڙ (گرمي) کي فلحال نه ڏسو، اهي فيڪٽر بر اڳتي هلي سمجهائينداسون جيڪي خاص ته آهن پر فلحال آسان سمجهاڻي ڪري وڌنداسون۔
اچو ته وري پنهنجي پهرئين پروجيڪٽ بلب، سيل ۽ تارن تي پُهچون۔ بلب ۾ توهان ڏ؟و هوندو هڪ تار جو لڇو جيڪو ڪرنٽ ڏيڻ سان ٻرڻ شروع ڪري ٿو ۽ ان لڇي کي فلامينٽ چئون جيڪو ٻن تارن سان ڳنڍيل آهي هڪ ڇيڙو (اي) ته ٻيو ڇيڙو (بي) تار سان۔ هتي به توهان اهو سوچڻ فلحال وساري ڇڏيو ته ڪرنٽ فلامينٽ ۾ ڪيئن ٿو وهي ۽ ان جي شيپ ائين ڇو آهي ۽ هن ۾ گرمي ڇو ٿي ٿئي ان جي جوڙجڪ ائي ڇو آهي اهو مرحلو ايندو ته سمجهي وٺنداسون، فلحال اسان ان بلب کي ڪڍي ان جڳهه تي هڪ ٻي رُڪاوٽ رزسٽر) لڳائي ان ڪرنٽ جي حساب ڪتاب کي سمجهنداسون۔
اچو ته انهيءَ بلب جي حساب ڪتابي ماپ سمجهڻ لاءِ ڪي نشانيون لڳايون ۽ گرافي انداز (ڪيميٽڪ ڊائياگرام) سان آساني ڪري سمجهون ڏسو سيل (وولٽ) وي کي ڪهڙي شڪل سان، تارن مان ڪرنٽ جي وهڪري (آءِ) کي ڪهڙي نموني، بلب جي متبادل رڪاوٽ آر (ريزسٽنس)ن کي ڪيئن ڊاڪٽر سائمن اهم جي قانون ۾ جڪڙيو اٿئون، هتي ڪرنٽ معلوم ڪرڻ لاءِ مليل وولٽن کي ڏسيل ڪرنٽ مان ونڊ ڪري حصل ڪيل آهي ۽ ساڳيءَ ترتيب سان جيئن ماس يا پٿر جي گهمڻ (تيزي) ايڪسيليريشن جي پئمائش وٺڻ لاءَ فورس کي ماس (پٿر جي وزن) سان ونڊ ڪيل آهي۔ مٿيون طريقيڪار برقي ته هيٺيون مڪينڪي آهي۔
فزڪس جي ٻن چيپٽرن برقيات ۽ مڪينڪيات جو آسان سمجهاڻيون اُنهن جا حساب ڪتاب ۽ فارمولا ڪڍڻ جا طريقا سمجهايا ويا آهن، هاڻ هيٺيون تصويرون اوهان جي سمجهڻ ۽ ايڪسر سائيز لاءَ ڏجن ٿيون۔ سنڌيت کي عملي ڪمن ۾ اڳتي آڻڻ لاِءِ اسانجي آن لائين سنڌي ميڊيا (ساليووُڊ) جي اوپن يونيورسٽي (ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن، ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد)سنڌ ۽ ان جي ٿنڪ ٽيم هن مقابلي ۾ حصو وٺندڙ سنڌي سپوتن جا هنن سبقن ۾ ڏنل مختلف ٽيسٽ وٺي هڪ آن لائين خوبصورت سرٽيفڪيٽ ڪاميابي سان سائنس ۽ انجنيئرنگ بيسڪ سمجهڻ وارن لاءِ ، اشو ڪرڻ جو اهتمام پڻ ڪيو آهي۔ مقصد هڪ سنڌي قوم کي اونداهين مان ڪڍي روشنين ۾واپس پُهچائڻو آهي۔ پهريون سبق بند ٻئي سبق سمجهڻ جي لاِ پهريون سبق مڪمل ايڪسر سائيزن کي ياد ڪري سمجهون۔ دوستن ۽تنقيد نگار مهرباني ڪري هن ڪاوش تي بحث ڪن، جن کي سمجه ۾ اچي صلاح ڏين، آخري حصو انگريزي ۾ ڄاڻي واڻي ڇڏيو ويو آهي ان تي تنقيد جي ضرورت ڪانهين جو متوازي سمجهاڻي جو سائنسس سان اُنسيت رکڻ وارن لا انگريزي ۾ لازمي آهي، جنهن به لفظ جو سنڌي مطلب نه اچي ڊڪشنري جو استعمال نه وساريندا اهو به ٽريننگ ۽ اڀياس جو هڪ حصو اهي۔ اسانجي سمجهاڻن جو مڪمل دارومدار اپلائيڊ سائڪلاجي بيس تي ٻڌل آهي ۽ هر بحر وزن ان ترتيب سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش آهي۔