• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

]Chapter-1(سبق ٻيو) ٿورڙو مشڪل مرحلوبرقي ۽ مڪينڪي سائنس سکون،سمجهون۽سمجهايون

Sindhi Media

سينيئر رڪن
(سبق ٻيو) ٿورڙو مشڪل مرحلوبرقي ۽ مڪينڪي سائنس سکون،سمجهون۽سمجهايون
1515039_10202728740880457_194008980_n.jpg

هاڻ اسان ان اوهم جي قائدي کي ٿورڙو مشڪل ڪري هڪ کان وڌيڪ مختف رڪاوٽن وارن بلبن کي مختف ترتيبن سان ڳنڍي ڏسنداسون ته اهي بلب هاڻ اوهم جي حساب ڪتاب سان ڪيترو ڪرنٽ کائيندا ۽ اسانجي سيل جي وولٽيج جو ڊراپ (ڪرڻ) ڪيترو ٿيندو۔ هن تصوير کي غور سان ڏسو ۽ سمجهو۔
 
بلڪل! سهي سمجهيو توهان، اسان ان ورهاست کي (ڪرچائف وولٽيج لا) يعني ڪرچائف جو قانون چونداسون، اچو ته هي شڪل ڏسون۔
1501819_10202728765561074_1995807828_n.jpg

هي قانون ٻوڌائي ٿو ته هڪ لوپ (گهيري) ۾ وولٽن جو جوڙ ٻُڙي برابر ٿئي ٿو۔
1510810_10202728832962759_965306049_n.jpg


1520626_10202728777161364_312229140_n.jpg

جڏنهن ته ڪرنٽ نقطي (اي) کان ٽن حصن ۾ ورهائجي ويندو، ڪرنٽ جي وهڻ جي رُخ کي ضرور مد نظر رکجو ۔ هتي وهندڙ ڪرنٽ (سي اي) ورهائجندڙ ڪرنٽ (ڊي اي ۽ بي اي) جي برابر هوندو۔
1526564_10202728785841581_1649099744_n.jpg

ڪرچهاف جي ڪرنٽ قانون موجب ٽبۡڪي (اي) جنهن کي هارڊ ويئر ٽيڪنالاجي ۾ (نوڊ) سڏجي، هڪ نوڊ تي پُهچندڙ ڪرنٽ جو جوڙ به ٻُڙي ٿيندو۔ هن کي مساوات جي اڪُئشن ۾ به ڏيکاريآهي۔
1527089_10202728797961884_824642326_n.jpg

گريڪ نشاني سيگما (سم) يا جوڙ سان ظاهر ٿيندي آهي، هتي ڪرنٽ ۽ وولٽيج، ٻنهين جي سيگما مساوات ۾ ٻُڙي (زيرو) جي برابر سمجهائي وئي آهي۔ هڪ لوپ ۽ ٻيو نوڊ کي ظاهر پئي ڪري، اميد ته هاڻ لُوپ ۽ نوڊ کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي جو اها ٽرمنالاجي اڳتي به هلندي۔
1545633_10202728830082687_191916780_n.jpg

دوستو هتي اسانجي پهرئين ۽ ٻئسبق واري پهرئين چيپٽر جي سمجهاڻي تعارف ۽ لمپڊ ايبسٽريڪشن جي پُڄاڻي ٿي، اڳتي هلي ٻيو چيپٽر بنيادي سرڪٽ جي انالائزز ميٿڊ تي ڳالهائيندا سون۔
1380537_10202728824002535_1836584924_n.jpg

1526628_10202728844403045_345006498_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
1536641_10202728874923808_672899988_n.jpg

ڪي سي ايل ڪڍڻ جو مشقون ورجايو ۽ هڪ بهترين انجنيئر يا سائنسدان ٿيو ڪاپي ڪلچر کان مُنهن موڙيو، سمجهو، سکو ۽ سيکاري مشقن سان ماهر ٿيو۔
 
Back
Top