هاڻ اچو ته انهن لاجڪس کي ڳنڍي، بولن آلجبرا جو استعمال سمجهي سکي پهرئين هڪ ڊيمو وٺون۔
توهان کي خبر آهي ته ڪمپيوٽر جي سڀني پينٽيم ۾ لڳل مائڪرو پروسيسر ڪروڙن گيٽس سان ملي ٺاهيا ويندا آهن۔ مٿئين ڊيمي ۾ اسان ٽي گيٽ استعمال ڪري، انهن جي بولن آلجبرا جو حصاب ڪتاب رکندي هڪ ننڍڙو ڊيمون ڏنو آهي اڳتي وڌڻ کان پهرئين ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون۔
مٿين شڪل ۾ ڪنهن به پاڻيءَ جي ٽينڪ مان هڪ پائيپ ۾ ٻه نلڪا يعني ٽيب وجهي اسان اوهان کي سمجهايون ٿا ته گيٽ ٺابو ڪيئن آهي۔
مٿين تصوير ۾ اسان اوهان کي (آر گيٽ) ٺاهڻ جو طريقو ٻُڌايون ٿا جيڪو پائپن کي ملائي حاصل ڪبو آهي۔
مٿئين ساڳئي طريقي کي وري اسان بلب، تارن ۽ بيٽريءَ جي ڪنيڪشن سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته جيئن توهانکي سمجهڻ ۾ اڃا وڌيڪ آساني ٿئي۔
گيٽ ٺاهڻ جي ان ساڳئي عمل کي هاڻ اسان مڪينڪلي انداز ۾ سمجهائينداسون، هي اسانجي گهرن ۾ لڳڻ بلب جا بٽڻ آهن جن کي آن آف ڪري روشني يا اونده ڪبي آهي۔
هتي اسان برقي ۽ مڪانڪي انداز سان ٻنهين کي جوڙي گيٽ ٺاهيون ٿا، هي انورٽر يا ناٽ گيٽ جو مثال آهي هن کي اسان ٽرٿ ٽيبل سان به واضح ڪيو آهي۔
ساڳي شيءِ کا هاڻ اسان ٻين گيٽن سان به سمجهنداسون۔
هن سرڪٽ بابت ڇا خيال آهي، ڇا اسان ڪمپائونڊ گيٽ ٺاهي سگهون ٿا، بولن جو حساب ڪتاب (مساوات) سامهون آهي ٽراءِ ڪريو۔