• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماهوار سوجهرو جنوري 2013

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
1558428_10202584443590519_926013197_n.jpg

ماهوار ادبي رسالي سوجهرو جو جنوري 2013 جو شمارو پيش آهي۔

ماهوار سوجهرو رسالو سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿو۔ ناليواري شاعر ۽ اديب تاج بلوچ جي رهنمائي ۾ ڇپجندڙ هن رسالي کي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ ۽ ڊجيٽل ڪاپي فراهم ڪرڻ لاء اسان رسالي جي سب ايڊيٽر فهيم سولنگي صاحب جا ٿورائتا آهيون۔


 
viewer

عبدالڪريم گدائي سنڌ جو بهترين شاعر، ڪريم آباد، تعلقي ٺل ۾ پهرين جنوري 1901ع ۾ پيدا ٿيو. گدائيءَ جي تعليم سنڌي فائنل هئي. هن دنيا ۾ روزي روٽيءَ جي بندوبست لاءِ ڪلارڪ، سپاهي ۽ صحافي جهڙا مختلف فرض سرانجام ڏانا. سندس ٽي شاديون ٿيون. اولاد ۾ ٻه پٽ ٻه نياڻيون هيون. سندس مشهور تصنفون، ”خان ڳڙهه کان جيڪب آباد تائين“، ”پيماني تي پيمانو“، ”ساڻيهه جا سور“، ”پکڙا ۽ پنهوار“ شامل آهن، ان کان علاوه ڪيئي فيچر، ڪهاڻيون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيل آهن. سندس وفات 28 جنوري 1978ع ۾ ٿي ۽ آخري آرامگاهه افضل بابا قبرستان جيڪب آباد ۾ آهي.
عبدالڪريم گدائيءَ جو گهريلو نالو ”بگو“ هو. اسڪول ۾ سندس نالو عبدالڪريم لاشاري لکرايو ويو. گدائي 1911ع ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ 1916ع ۾ پنج درجا پاس ڪري سکر جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. اهڙي طرح 1920ع ۾ فائنل جو امتحان ٺل جي سنڌي اسڪول مان پاس ڪيائين.
سندس پهرين نوڪري پوليس ۾ ننڍي منشي واري رهي. جڏهن شاعري شروع ڪيائين ته پنهنجي لاءِ تخلص ”گدائي“ جو انتخاب ڪيائين. گدائي صاحب پنهنجي هڪ تصنيف ۾ لکي ٿو، ”جڏهن آئون 1920ع ڌاري پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪ هوس، تڏهن جليانوالا باغ جي واقعي خلاف احتجاجي ڏينهن ملهايو ويو. منهنجي دل ڪانگريس طرف ڇڪجي ويئي. گدائي شروعات ۾خلافت تحريڪ کان متاثر هو پر پوءِ جوش ۾ نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. 1925ع ڌاري سندس شاعري سنڌو ۽ ٻين هفتيوار اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. پر سندس شاعري جو حقيقي دور هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. گدائي صاحب لکي ٿو، ” 1947ع کان پوءِ آزادي وارو خواب شرمندءِ تعبير رهجي ويو، اسين سنڌي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿي وياسون. امنگون ۽ اميدون پائمال ٿي ويون. تڏهن کان شاعري موجوده موڙ اختيار ڪيو.“
گدائي صاحب جو شروعاتي ڪلام هفتيوار پيغام، صداقت، سنڌو، سنڌ زميندار، روزانه الوحيد ۾ شايع ٿيندو رهيو. پاڻ 1952ع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو. ان دوران گدائي صاحب مقامي اخبارن صبح سنڌ، ستاره سنڌ، فرنٽيئر گزيٽ، انقلاب، امروز ۽ مجاهد جو ايڊيٽر به رهيو.
گدائي جي شاعري سنڌ سان پيار ۽ انسيت جو مظهر آهي. سندس نالو سنڌ جي ترقي پسند شاعرن جي فهرست ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
گدائي جي شاعري مان چونڊ ٽڪرا نموني طور هيٺ ڏجن ٿا. * سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي بهر طور گذريو گذاري ڇڏيوسين.* خبردار هاري جو ڀوتار آيا پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا.
* اڄ به ساري رات، رنو ويٺي مارئي سارو ملڪ ملير جو آيو واڳن وات ڪڍي ڪوئي ڪات، ماري مانگر مڇ کي.
* نه اٽو جنهن کي، نه اجهو ميسر نه ٻارن کي چولو، نه عورت کي چادر نه پنهنجي بدن تي لنگوٽي برابر نه ڪوسيءَ ٿڌيءَ ۾ ڪو پيرن ۾ پادر.
* آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر پر پنهنجي رت جو تيل ڏيئي هر موڙ مٿان آزادي جي هڪ مشعل ٻاري وينداسين.
گدائي صاحب جي هڪ اردو غزل جو بند: * ڪب رها غافل مين تيري ياد سي افترا هي، جهوٽ هي، الزم هي.
بشڪريه وڪيپيڊيه
 
Back
Top