ماهوار سوجهرو جي باني محترم تاج بلوچ جي رسالي جي آتم ڪٿا

'ماهوار سوجهرو' فورم ۾ سولنگي فهيم طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2014۔

  1. سولنگي فهيم

    سولنگي فهيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماهنامه سوجهرو جو منظر ۽ پسمنظر...


    اڌ صدي کان به اڳ جي ڳالهه آهي:

    سنڌ جي مشهور واپاري شخصيتن جن کي عام طرح سان سنڌ-ورڪي چيو وڃي ٿو، انهن مان مهتاڻي فيملي جو آمدني ۽ روانگي واپار ۾ وڏو ڌاڪو ۽ شهرت رهي آهي. انهي خاندان جي وڏي خوبچند مهتاڻي ويهين صدي ءَ جي مهڙ وارن ڏينهن ۾ پنهنجي آمدني ۽ روانگي واپار کي ڏينهان ڏيهه پهچايو. ۽ سنڌ کي خوشحالي سان همڪنار ڪرڻ لاءِ ٻين واپارين سان گڏجي وڏو ڪردار ادا ڪيو، جنهن سنڌ جي معاشي صورتحال کي وڏي هٿي ڏني.

    خوبچند کي ٽي پٽ هئا: وڏو پٽ منگهارام مهتاڻي، جيڪو ٻي مهاڀاري جنگ ۾ اسپين اندر جنگي قيدي بڻيو. قيد جي ڏوجهرن کان بچڻ لاءِ (ڇاڪاڻ ته انهن جو واپار مختلف ملڪن ۾ رنڊجي پيو هو) پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي خود کي اڌمئو ڪري ڇڏيو. ۽ انهيءَ اپاهج پڻي جي ڪري کيس آزاد ڪيو ويو. خوبچند جو ٻيو نمبر پٽ دولت رام مهتاڻي هو، جنهن پنهنجي والد ۽ وڏي ڀاءُ سان گڏجي آمدني ۽ روانگي واپار ۾ حصو ورتو. ٽيون نمبر پٽ هوتچند مهتاڻي، ٻنهي ڀائرن جي ڀيٽ ۾ رنگين مزاج ۽ چِلولو نوجوان هو. هن واپار کان وڌيڪ، سونهن جي وهنوار کي اهميت ڏني ۽ جيئن چيو وڃي ٿو ته هن پاور آف اٽارني تي موروثي ملڪيت کي تين وال ڪري وڃي جبرالٽر وسايو. ۽ پونئرن سان سڱ سياڪو ٽوڙي ڇڏيو.

    منگهارام ۽ دولت رام، خوبچند جا سچيت فرزند هئا. جن نه رڳو وڻج ۽ واپار کي هٿي ڏني ۽ اقتصادي طور سنڌ پنهنجي سيڙپ کي مختلف سطحن تي اڳتي وڌايو. بال بيئرنگ ۽ ٽيڪسٽائيل جي صنعتن ۾ اڳڀرائي لاءِ ڪم ايندڙ مختلف ڪمپوننٽس جي ايجنسيز کان ڏيساور مان ڪچي مال گهرائڻ جون ايجنسيز هٿ ڪيون. ۽ سنڌ ۾ وڻج واپار جي ڏس ۾ هڪ نئين روزگار لاءِ راهون هموار ڪيون.

    گرومندر ۾ سندن راڪ هائوس جيڪو اٽڪل چئن ايڪڙن تي ٻڌل هو، ٻنهي ڀائرن ان کي نه رڳو پنهنجي ڪٽنب جو مرڪز بڻايو پر ان راڪ هائوس ۾ علم و ادب، شاعري، موسيقي، رقص، سنگتراشي ۽ کاٻي ڌُر جي سنڌ پرست سياستدانن جي ڀرجهلائي ۽ همت افزائي جو به مرڪز بڻايو. ٻئي پاسي، مذهب ۽ ثقافت ۾ اُڀري آيل نون لاڙن کي فروغ ڏيڻ لاءِ هنن فلسفي ۽ مذهب جي نئين معنويت کي عام ڪرڻ لاءِ مختلف فيلسوفن ۽ اڪابرين جي به همت افزائي لاءِ راڪ هائوس جا در کولي ڇڏيا.

    انهي پسمنظر ۾ هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته منگهارام مهتاڻي جي اڪيلي ڌيءَ ديوي مهتاڻي هندستان مان شاهه لطيف، سچل سرمست، سامي ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي عظيم ورثي کي جديد انداز سان محفوظ ڪندي وڏي شاندار طريقي سان ڇپائي پڌرو ڪيو. منگهارام مهتاڻي علمي طور تي هڪ ڀرجهل ۽ بيباڪ انسان هو. هن جو علم فنون لطيفه جي مختلف شاخن تائين پکڙيل هو. قديم شاعري هجي، قديم مذهب هجن، ثقافت هجي يا نئين اقتصاديات، مهتاڻي صاحب کي انهن تي وڏو عبور حاصل هو. ۽ هن جي حيثيت هڪ عالم واري هئي. ٻئي پاسي سندس ڀاءُ دولت مهتاڻي قدڪاٺ ۽ لٽي ڪپڙي ۾ هڪ قديم يوناني شهزادي جيان محسوس ٿيندو هو. ستر سالن کان به مٿي ڄمار هوندي به هو صحتمند، ڦڙت ۽ لباس جي اعتبار کان نوجوان محسوس ٿيندو هو. هو مهڙ ۾ ٿياسافسٽ نقطهءِ نظر جو حامي هو. ۽ بعد ۾ ماڪسزم ۽ سنڌ ۾ هلندڙ قومي تحريڪن جي اثر هيٺ هن جو نقطهءِ نظر سماجي ڀلائي واري رياست جي تصور تائين پهتي. ۽ سنڌي ادب جي اؤثر لاءِ دولت رام کي همٿايو، ته سنڌيءَ ۾ عورتن جي آزادي لاءِ ڪو آرگن جاري ڪيو وڃي. دولت مهتاڻي، جيڪو ڊي.ڪي.مهتاڻي جي نالي سان سنڌ ۽ هنڌ جي واپاري ۽ ادبي حلقن ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، اُن سنڌ جي مختلف نوجوان، اديبن، شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن سان ملاقاتون ڪري هڪ سنڌي رسالي جي جاري ڪرڻ لاءِ ويچار ونڊڻ شروع ڪيا. ۽ اهو سلسلو 1969ع ۾ ’سوجهرو‘ جي نالي سان وجود ۾ آيو، جنهن جو ڊڪليئريشن هن پنهنجي گهر واري ديوي مهتاڻي جي نالي تي حاصل ڪيو. ۽ ان جي مٿان اهو سلوگن ڏنو ويو، ’هر گهر جو رسالو.‘

    سوجهرو رسالي جي نالي جو جيستائين تعلق آهي ته اها هڪ ٻي الڳ ڪهاڻي آهي.

    تاج بلوچ، اقبال جتوئي ۽ پريم جگيشيا ڪراچي يونيورسٽي مان ’شامِ سنڌ‘ جي نالي سان هڪ مخزن ڪڍڻ پئي چاهي. ۽ ان جي نالي لاءِ انهن ٽنهي ڄڻن مرحوم نورالدين سرڪي سان رابطو ڪيو. سرڪي صاحب فوراً نالو ٻڌايو، ’سوجهرو‘ اها مخزن 1962ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽي مان وڏي شان مان سان سوونيئر جي صورت ۾ پڌري ٿي ۽ مقبوليت ماڻي.

    1962ع ۾ ئي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگرد يونين طرفان سنڌ جي شام وڏي پيماني تي ملهائي وئي. جنهن ۾ شيخ اياز کان سواءِ سنڌ جي سڀني جهونن توڙي نوجوان اديبن، عالمن، نقادن، شاعرن، صحافين ۽ بزرگ سياستدانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ۽ ڪراچي يونيورسٽي اندر سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو ڌاڪو ڄمايو.

    مهتاڻي صاحب، جو ’سوجهرو‘ انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

    رسالي جاري ڪرڻ کان اڳ مهتاڻي صاحب ڪراچي اندر متحرڪ نوجوان عورتن ۽ مردن کي وڪٽوريا روڊ (هاڻي عبدالله هارون روڊ) تي واقعي پنهنجي ٽماڙ آفيس ’راڪ ڪورٽ‘ تي ملاقاتن جا سلسلا جاري ڪري ڏنا- آغا خاني کوجو نالي سلطان (جيڪو گهڙين جو واپاري هو)، قمر شهباز، اقبال جتوئي، زهره انصاري، نرگس هوڌٻائي، زرين شورو، شيرين فاروقي، گلبانو سلطان ۽ ٻين بيشمار ماڻهن سان رابطا ڪري سوجهرو لاءِ نئين پليٽ فارم جي قيام لاءِ جاکوڙ ورتي.

    هڪ اڌ ڊمي پرچا ڪڍيا ويا. ان کان پوءِ آڪٽوبر 1969ع ۾ ’سوجهرو‘ جو پهريون شمارو آفسيٽ تي ڇپجي پڌرو ٿيو. اقبال جتوئي هڪ پڙهيل لکيل نوجوان هو. سڄو ڪم ان جي ذمي هو. جڏهن ته مالي ۽ ٻيون ذميداريون دولت صاحب پنهنجي مٿي کنيون. اقبال جتوئي ذهين نوجوان ضرور هو پر کيس صحافت جو بنهه تجربو نه هو. ۽ اقبال جتوئي کي پنهنجي آئيندي اجارڻ لاءِ ’سوجهرو‘ قطحي محور نه هو، هن کي اڳتي وڌڻو هو. ۽ اڳتي وڌي ويو. سوجهرو ڇڏڻ کان اڳ هن پنهنجي دوست ’تاج بلوچ‘ سان رابطا ڪيا. ۽ کيس دولت مهتاڻي سان اچي ملايو. تاج بلوچ به انهن ڏينهن ۾ نوجوان هو. شاگرد هو. پر شوقيه طور هو ڪجهه سال سائين. جي.ايم.سيد جي اخبار ’نئين سنڌ‘ (جنهن جو ايڊيٽر ’سوڀو گيانچنداڻي‘ هو) ۾ ڪم ڪري چڪو هو. ۽ 1960ع کان ڪراچي کان نڪرندڙ مشهور هفتيوار اخبار ’آزاد‘ جي ادارت سنڀالي رهيو هو. کيس چينڊر پرنٽنگ جو تجربو هو. ۽ هو ڊي پيج (آفسيٽ سسٽم) کان بلڪل اڻواقف هو. اقبال کيس جڏهن ٻڌايو ته سوجهرو آفسيٽ تي ڇپجي رهيو آهي ته هو وائڙو ٿي ويو. ۽ ڪجهه نه ڪڇيائين. اقبال سان گڏجي ’راڪ ڪورٽ‘ آيو. ۽ سوجهرو جي پيسٽنگ پروسيز کي ڏسندي هن کي اها ڳالهه ٻاراڻي محسوس ٿي. ۽ پوءِ اقبال جتوئي جي وڃڻ کان پوءِ سوجهرو جو سمورو ڪاروهنوار تاج بلوچ جي حوالي ٿيو.

    سوجهرو جي ڪريڊٽ صفحي تي نالا ته ڪيئي هئا پر پردي جي پٺيان هڪ نوجوان ’تاج بلوچ‘ هو. جنهن سوجهرو کي ڌرتيءَ کان آسمان تائين پڄائي ڇڏيو- ڄڻ ڪو اڄوڪي دؤر جو چينل هجي!

    سنڌ جي سموري ادبي ٽهي سوجهرو ۾ شايع ٿي. عالمن، اديبن، شاعرن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن جا بصيرت افروز انٽرويوز شايع ٿيندا رهيا. جنهن ۾ ’نسيم کرل کان ويندي نسيم ٿيٻو تائين‘ نوان ۽ پراڻا، سيکڙاٽ ۽ مشاق لکندڙ پيدا ٿيا. ۽ نالو روشن ڪيائون.

    سوجهرو جو دؤر آڪٽوبر 1969ع کان اپريل 2005ع تائين هڪ بيمثال دؤر ڳڻيو وڃي ٿو. جنهن ۾، ’ادبي قدر ۽ نئين صحافتي‘ ڏانؤ جا جلوا پسي سگهجن ٿا. سوجهرو تي 11 مئي 1975ع تي سنڌ جي بيشمار اخبارن، پريسن، رسالن ۽ مختلف ڪتابن تي مرڪزي سرڪار طرفان پابندي عائد ڪئي وئي. پابندي ۾ لکيل هو، ’پروسڪرائپڊ‘ معنى پهرئين پرچي کان وٺي نئون ايندڙ شمارو هر شيءِ غير قانوني.

    حيدرآباد جي مشهور سياسي ۽ صحافتي شخصيت، ’قاضي محمد اڪبر‘ جي سربراهي ۾، ’جانچ ڪميشن‘ جوڙي وئي، جيڪا انهيءَ مامري جو ڳوڙهائي سان اڀياس ڪري پنهنجي رپورٽ مرڪز کي پيش ڪندي. اها رپورٽ مرڪز کي اڄ ڏينهن تائين پيش نه ٿي سگهي آهي. پر ان دؤر ۾، هفتيوار ’برسات‘، ماهنامه ’تحريڪ‘ ۽ هڪ اڌ ڊمي اخبار، هڪ اڌ ڊمي پريس، لڪ ڇپ ۾ پروسڪرپشن کان آجا ڪيا ويا هئا. پر سوجهري لاءِ هڪ لک جي ’خرچي‘ گهري وئي. آئون تاج بلوچ حلفيا چوان ٿو، ’مهتاڻي صاحب، ڏنو پُٽ ڇٽي جو ٿيندو آهي. اوهان به ڪجهه ڏئي وٺي پنهنجي جند آجي ڪيو. اسان کي به ڏچي کان بچايو. ۽ پاڻ به سوجهرو کي پکيڙڻ ۾ اڳتي وڌو.‘ ڪميشن جي سربراهه جو انگل هو. دولت مهتاڻي جيڪو ڪک مان لک ٺاهڻ جو ڪاريگر هو، ان کي هي سودو نه آئڙيو (ڇاڪاڻ ته پسمنظر ۾ ان دؤر جو ذهين وڪيل سرڳواسي پي.ڪي.شاهاڻي ان جي پويان هو.) ۽ سوجهرو هميشه لاءِ بند ٿي ويو. ۽ بندش جو راز ڪجهه ذهنن تائين محدود رهيو. مون جڏهن 1976ع ۾ هفتيوار ’برسات‘ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پيپلز پارٽي جي ان دؤر جي وڏي ڀڙ سياستدان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ٽيلينٽينٽ ڪزن ۽ مواصلات جي وفاقي وزير ممتاز ڀٽو جو طويل انٽرويو ڪيو هو ته ’برسات‘ جو مالڪ محترم يوسف شاهين به مونسان گڏ هو. انٽرويو هلندي ممتاز صاحب منهنجي سوالن کان ڏاڍو متاثر پئي لڳو. ۽ ڪجهه سوالن جا جواب، ٽيپ روڪي مونکان وضاحت پئي گهري يا ائين چئجي ته جواب ڏيڻ لاءِ جواز پئي گهريو. ان وقت گهرائي جي صورتحال ۾ مون کانئس سوجهرو جي بندش جو سوال پڇيو، ’سائين، سوجهرو هڪ معصوم رسالو هو. ان تي بندش ڇو پئي؟‘ ممتاز صاحب وراڻيو، ’اوهان سنڌ جي چيف منسٽر، ’رئيس غلام مصطفى خان جتوئي‘ جو خيرسگالي وارو پيغام نه ڇپيو، ۽ اها پابندي جتوئي صاحب ئي وجهرائي.‘ اسان مطمئن ٿي ٻاهر نڪري آياسين. ۽ هيل تائين ائين ئي سمجهيو. ته اها پابندي جتوئي صاحب طرفان عائد ڪيل هئي.

    ايڪويهين صديءَ جي هن ڏهاڪي ۾ انهي راز نيٺ ڦاٽ کاڌو. سوجهرو جا صفحا اوهان جي آڏو آهن. ناز سنائي جو خط تازو ئي سوجهرو جي زينت بڻيل آهي. جنهن ۾ اهو انڪشاف آهي ته پابندي لاءِ مرڪز کي موڪليل رسالن، ڪتابن ۽ پريسن جي فهرست ’مرحوم سراج الحق ميمڻ‘ اماڻي هئي. ۽ مدد علي سنڌي جي تازو ڇپيل انٽرويو ۾ پير علي محمد شاهه راشدي جو نالو به شامل آهي. جيڪو پڻ انهيءَ ڪُڌي وهنوار ۾ برابر جو شريڪ هو.

    مان، سوجهرو ۽ برسات کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ مختلف نوڪريون ڪيون. پر سوجهرو منهنجي ذهن ۾ چُهٽيل هو. نواز شريف جي ڏينهن ۾ هڪ نوجوان ايس.ڊي.ايم، ايسٽ ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيو. منهنجو دوست هو. آئون 17 فيبروري 1999ع ۾ سندس آفيس ۾ گهڙي ويس. چيائين، ’سر، حڪم؟‘ چيم، ’سوجهرو جو ڊڪليئريشن گهرجي ٿو.‘ چيائين، ’حاضر سائين.‘ هن پنهنجي واسطيدار عملدار کي گهرايو. ۽ پنجن منٽن ۾ مونکي سوجهرو جو نئون ڊڪليئريشن ملي ويو. ڊڪليئريشن ڇا مليو. منهنجي امنگن ۽ آدرشن کي هڪ نئون موڙ حاصل ٿيو. ۽ اپريل 1999ع ۾ ئي مون پهريون شمارو پڌرو ڪيو. ۽ اڄ 16هون سال آهي، جو سوجهرو مونکي جواني بخشي ٻين ڪيترن ڪراڙن کي جوڀن بخشي رهيو آهي.

    سورهن سالن جي عرصي ۾ مان ڪڏهن به چئن ڪلاڪن کان مٿي نه ستو ناهيان. ڏينهن رات هڪ ڪري در درسئن هڻي سوجهرو لاءِ جاکوڙيو آهي. ووڙيو آهي. لوڙيو آهي. ذاتي مفاد کي تِڇ ڀائيندي سنڌي ٻولي، ادب ۽ قوم لاءِ هن وڏي ڄمار ۾ به ڪم ڪري رهيو آهيان. سوجهرو اوهان جي آڏو آهي. اوهان ان کي پڙهو ٿا. مون سان وڙهو ٿا. مون سان پيار ڪريو ٿا. ۽ پرچي کي پنهنجو پرچو سمجهي ٻين تائين پهچايو ٿا.

    سوجهري جي حوالي سان مون الائي ڏک ڏٺا آهن- خاص طرح ڪمپيوٽر آپريٽر جي سلسلي ۾ سارنگ سمي ۽ فهيم سولنگي کان علاوه سڀني مونکي ٽيئڙ تَپ ڏنو آهي. سوجهرو جي سونهن جي نکار ۾ سارنگ ۽ فهيم جو وڏو ڪردار آهي. مينهن ۾، گرمي سردي ۾، شهر جي خراب صورتحال ۾، هنن ٻنهي مون سان ائين ساٿ ڏنو آهي جيئن پُٽ، پوڙهي پيءُ جو ساٿ ڏيندو آهي. اهي ٻئي نوجوان سوجهرو جا ڄڻ ڀائر هجن. منهنجا پُٽ هجن. غمخوار هجن. خدا کين صحت سان وڏي زندگي ۽ روشن مستقبل عطا ڪري.

    مان آهيان اوهان جو تاج بلوچ.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,265
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تاج بلوچ جو نالو سنڌي ادبي تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو ان جو هڪ خاص سبب سوجهرو ميگزين آهي۔ سوجهرو مونکي ان ڪري به پسند آهي ته ان ۾ شخصتن جا خاض شمارا تمام سٺا هوندا آهن۔ ان کانسواء سنڌي ادب مان سهڻي چونڊ، بهترين شاعري سان گڏ تنقيدي تجزيا به پڙهڻ وٽان هوندا آهن۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو