منصور ميراڻي
سينيئر رڪن
Article published on 12 November 2013 in Daily Sukaar
تعليم جي رڪجي ويل ارتقا
يورپ ۽ ايشيا جي ماڻهن آڳاٽي دؤر ۾ اسڪول جو رواج وڌو جڏهن ماڻهو پنهنجي ڪمن ڪارن مان واندا ٿي، ٿڪجي ٽٽي موٽندا هئا ته واپسي کانپوءِ پنهنجي ڳوٺن، پاڙن ۾ شام جي وقت گڏجندا هئا ۽ تفريح ۽ ذهن جي تازگيءَ لاءِ ڪچهريون، رانديون ۽ ٻيون سرگرميون ڪندا رهندا هئا، بلڪل ائين ئي جيئن اسان جي ڳوٺن ۾ مچ ڪچهرين جو تصور آهي. اهڙي گڏجاڻين ۾ اتي ڪي سياڻا ماڻهو به هوندا هئا، سقراط، افلاطون ۽ ارسطو جهڙا جيڪي ڪچهرين ۾ مختلف سرگرمين جي مدد سان ماڻهن جي تربيت ڪندا هئا، انهن منجھ شعور جي لاٽ ٻاريندا هئا ۽ اهڙي قسم جي گڏجاڻين لاءِ جڏهن بعد جڳهيون مقرر ڪيون ويون ته انهن کي اسڪول جو نالو ڏنو ويو. يوناني جن جو انساني شعور جي ارتقائي ۾ عمل ۾ گهڻو هٿ آهي، جتي اڳوڻي دؤر جا وڏا ڏاها ڄاوا، اتان جي ماڻهن لاءِ اسڪول ڪنهن ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جو نالو ناهي پر هڪ اهڙي تفريحي جڳھ جو نالو آهي جتي تعليم ڪنهن رواجي يا رسمي طريقي سان ناهي ڏني ويندي پر اتي تفريح اهڙي طرح سان ڪئي ويندي آهي جيڪا علم ۽ شعور سان ڀرپور هوندي آهي.
تعليم رواجي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن اها پنهنجي همعصر دؤر کي پوئتي رهجي ويندي آهي ڇو ته جيڪڏهن انساني شعور هر وقت ارتقاءَ جي عمل مان گذري ٿو ته ان سان گڏ انسان جي تربيت ۽ ترقي لاءِ جڙيل شين ۾ به ارتقائي عمل جو هجڻ لازمي آهي. مثال طور ٽيپ ۾ پراڻو رڪارڊ نه ٿو هلي سگهي حالانڪه رڪارڊ ۾ به اهو ئي آواز ڀريل آهي ۽ ڪيسيٽ ۾ به اهو ئي آواز آهي پر ٽيپ ۾ پَوندي ڪيسيٽ اهو انڪري ته ٽيپ رڳو ڪيسيٽ لاءِ ٺهيل آهي، ان ۾ رڳو ڪيسيٽ هلائي سگهجي ٿي. پنهنجي ئي تعليم جو مثال ٿا کڻون، اسان جي ثانوي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ جتي نائين درجي کان وٺي ٻارهين درجي تائين شاگرد تعليم پراين ٿا، ثانوي يعني سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ڳالھ انڪري ٿو ڪيان جو اتي بورڊ امتحان وٺندي آهي ۽ پرائمري ۽ مڊل ته ڪنهن ليکي ۾ ئي ناهن ڇو ته اسان وٽ ان کي ايترو اهم نه ٿو سمجهيو وڃي. ثانوي اسڪولن ۽ ڪاليجن جو موجوده ڪورس ڪيترا سال اڳ ۾ ترتيب ڏنو ويو هوندو؟ جنهن کي مون وانگر خبر ناهي ڪو به اندازو لڳايو؛ مثال ٿا وٺون ڏھ سال، اهو ڪورس ڏھ سال اڳ ۾ ترتيب ڏنو ويو هوندو. هاڻي توهان ان ڳالھ مان اندازو لڳايو ته اڄ کان ڏھ سال اڳ ۾ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ وڏو انقلاب آيو هو، اهو وقت هو ليپ ٽاپ جي مارڪيٽ ۾ اچڻ جو ۽ اڄ ڏھ سال گذرڻ وڃڻ کانپوءِ اهو ليپ ٽاپ توهان کي وڏن شهرن ۾ ردي ۾ وڪامجندي ملندو چوڻ جو مقصد اهو ته جيڪڏهن ڪنهن به مريض کي ايڪسپائر ٿيل دوا ڏني وڃي ته اها رد عمل ظاهر ڪندي، ان رد عمل يا ري ايڪشن جي عمل مريض جي جان وڃڻ جو به خطرو هوندو آهي يعني اها تعليم جنهن کي ايڪسپائر ٿئي ڏھ سال گذري ويا آهن ۽ ان ۾ ڪابه تبديلي نه آئي ته ٻڌايو ته اهڙي دوا جهڙي تعليم انساني شعور ۾ ڪيتري حد تائين اضافو ڪندي؟
تعليم پرائڻ جي عمل مان فارغ ٿيل فرد کي تعليم يافته چيو ويندو آهي ۽ تعليم يافته فردن کي علم جو ابو چوڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ محسوس نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته تعليمي عمل ۾ علم ۽ هنر جو دڪو ڏنو ويندو آهي ۽ آخر ۾ امتحان ۾ ڪاميابي کانپوءِ مٿن پڙهيل هجڻ جو ٺپو لڳايو ويندو آهي. پر جيڪڏهن اسان جا تعليم يافته فرد تعليم پرائڻ جي عمل مان گذرڻ باوجود ناڪاره سمجهيا وڃن ته ان جا ڪارڻ ڪهڙا هجڻ گهرجن؟ غور ويچار ڪرڻ سان سڀ معلوم ٿي ويندو.
اڄ جي سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو تعليم آهي ۽ تعليم جي درستگيءَ سان ئي سنڌ جا سمورا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. تعليمي نظام کي درست طريقي سان هلائڻ لاءِ ڪوششون انفرادي طرح وٺبيون يعني اهي سمورا باشعور فرد جيڪي سمجهن ٿا ته سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو غرق ٿيڻ وارو آهي ته انهن کي گهرجي ته هو انفرادي طرح پنهنجي وس آهر اُپاءَ وٺن. جيڪڏهن مون کان سوال ڪيو وڃي ته ادا تون اخبار کي ليڪچر هال سمجهي جو هيڏا وڏا ڪالم ٿو لکين، انهن ۾ تعليم کي بهتر بڻائڻ جا ڀاشڻ ٿو ڇاپين، ته تون پاڻ ڇا پيو ڪرين تعليم جي بهتريءَ لاءِ؟ منهنجو جواب اهو هوندو ادا في الحال ته مان پاڻ کي موجود تعليمي نظام جو حصو سمجهندي، مون تي جيڪي اڳ ۾ ذميواريون رکيل آهن اهي پوريون ڪيان پيو ڇو ته هن وقت مونکي جيڪو ڪم مليل آهي تعليمي حوالي اهو مڪمل ڪرڻ ان کانپوءِ جيڪي به ٻيون شيون اهي وري بعد ۾. مقصد چوڻ جو ته مون وانگر هر اهو شاگرد جيڪو چاهي ٿو هو جديد تعليم حاصل ڪري ته هن کي گهرجي ته هو سڀ کان پهريان پنهنجون نصابي ذميواريون پوريون ڪري ان کان بعد ۾ جيڪو وقت بچي پوي اهو وقت مطالعي کي ڏيئي ڇو ته جيسيتائين اسان وٽ نظام تبديلي نٿو ٿئي ايتري تائين ته خواهش موجب تعليم پرائڻ هن ملڪ ۾ ته ممڪن آهي ئي نه. نظام کي تبديل ڪرڻ جو ڪم آهي سياستدان جو جيڪو اسيمبلي ۾ ويهي قانونسازي ٿو ڪري، اسان جي تعليمدانن ۽ مفڪرن جو اهو ڪم آهي ته هو جديد تعليمي معيارن کي سامهو رکندي تعليمي نظام جو ڏانچو جوڙين ۽ سياستدان ان ڏسيل ڏانچي کي ادارن ۾ لاڳو ڪرائين.
گذرندڙ وقت سان هر عمل، هر جاندار توڙي غير جاندار، هر خيال ۽ هر تصور ۾ تبديلي اچڻ يقيني ۽ فطري عمل آهي انڪري جيڪڏهن تعليم نظام کي تبديلي ۽ ارتقا جهڙي فطري عمل کان روڪي هڪ هنڌ بيهاري ڇڏبو ته ڇا ان سان خرابيون جنم نه وٺنديون؟ اسان جي تعليمي نظام ۾ واڌاري ويجھ جي عمل کي به بريڪ لڳل آهي انڪري ان نظام مان اسري نڪرندڙ فرد جديد دنيا لاءِ ناڪاره آهن ۽ اهي ايتري تائين ڪارائتا نه ٿيندا جيسين هو جديد قسم جي ماحول ۾ رهندي تجربو نه ٿا پرائين.
سنڌ مان ڪيترائي باصلاحيت نوجوان ملڪ کان ٻاهر وڃي رهن ٿا، اتي انهن کي سٺيون نوڪريون به ملن ٿيون ۽ پنهنجو گهر ٺاهين ٿا، سکيا رهن ٿا ۽ ٻين لاءِ به گهڻو ڪجھ ڪري وٺن ٿا. ڪهڙي بنياد تي؟ انهن ٻاهر نوڪريون ڇو ٿيون ملن؟ ڀلا هر ڪنهن کي ٻاهر نوڪري ڇو نه ملي؟ ان جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته اهي باصلاحيت هجڻ سان گڏوگڏ پاڻ کي هلندڙ دور جي مطابق پنهنجي پاڻ ۾ تبديليون ڪندا پيا اچن. جيڪي انهن کي نوڪريون ڏين ٿا اهي به کين سمجهن ٿا ته هي انهن جي معيار تي پورا لهن ٿا انڪري ۽ هر ڪنهن کي ٻاهر روزگار انڪري نه ٿو ملي ڇو ته هو پاڻ کي رواجي نظام واري نصاب کان سواءِ ڪجھ نه ڏيئي سگهيا آهن.
بهرحال تعليم هڪ وڏو موضوع آهي جنهن تي بحث ڪرڻ ۽ ان سان انصاف ڪرڻ هر ماڻهو جي وس جي ڳالھ نه آهي، اسان جي ملڪ ۾ سڀ مسئلا پاڻ ۾ الجهيل آهن انهن کي ٺيڪ طرح سان سمجهڻ لاءِ باريڪ بيني سان جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي ۽ مونجهارا به تڏهن ختم ٿيندا جڏهن اسان تعليم کي صحيح معنى ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته تعليم رڳو ڪتابن جا پنا اٿلائڻ ۾ ناهي هوندي تعليم قابليت پيدا ڪرڻ سان هوندي، شعورجڻ سان هوندي آهي.
منصور ميراڻي
mansoormirani@gmail.com