1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو: لوڪ ادب ۽ لسانيات جو پارکو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ شاهين لطيف ، سنڌي ، طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2014۔

  1. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,489
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    [​IMG]
    [​IMG]

    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو: لوڪ ادب ۽ لسانيات جو پارکو

    رضوان گل


    سنڌي ادب ۾ ڪيترائي عالم، اديب، دانشور ۽ محقق پنهنجي قلمي پورهئي سبب انتهائي مانائتي مقام تي پهتا، جن پنهنجي سموري زندگي علم و ادب جي ترقي ۽ ترويج لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهڙن ئي مانائتن ۽ آدرشي انسانن ۾ سنڌي لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان اڻ وسرندڙ خدمتون سرانجام ڏيندڙ معتبر نالو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو پڻ آهي. 6 اپريل 1919ع تي ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ محراب خان سنديلو ۾ سندس جنم ٿيو. بنيادي تعليم کان پوءِ بي اي (آنرز) ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس 1957 ۾ پاس ڪيائين. روزگار جي شروعات 1947 ۾ تعليم کاتي ۾ استاد طور ڪيائين. 1954 ۾ سنڌي ادب جي ليڪچرار طور سندس تقرري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٿي. 74-1973 دؤران گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۾ پرنسپال طور مقرر ٿيو. تحقيقي ڪم ڪرڻ جي عادت هئڻ سبب هن سنڌي لوڪ ادب جي موضوع تي علامه غلام مصطفى قاسمي جي رهبريءَ ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ جي عنوان تحت تمام ڀرپور ۽ پُر مغز مقالو لکي، 1986 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي پاران اها ٿيسز ڪتابي صورت ۾ پڻ شايع ڪئي وئي.
    سن 1951 ۾ هڪ ناياب ڪتاب ”وينجھار“ لکيائين، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب جي حوالي سان هڪ شاهڪار جي حيثيت رکندڙ آهي. ان دؤر ۾ حڪومت پاران ان ڪتاب تي کيس انعام پڻ مليو. ان ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا پڌرا ٿيا آهن ۽ اڄ تائين ”وينجھار“ لوڪ ادب تي هڪ اهم دستاويز آهي. سنڌي ادبي بورڊ پاران سندس ڪتابن مان 1956ع ۾ ”سامي ڌاتو ڪوش“، ”سنڌ جو سينگار“ ۽ 1955 ۾ ”لغات“ جو پنجون ڇاپو شايع ڪرايو ويو. ڊاڪٽر سنديلو ٻاهرين اديبن سان خط و ڪتابت ڪرڻ ۾ اڳڀرو هو جنهنڪري وٽس ٻين ٻولين جي ادبي ڪتابن جو پڻ ذخيرو موجود هوندو هو. سندس ذاتي لائبريري نه فقط لاڙڪاڻي پر سنڌ جي نهايت اهم ۽ ڪارائتين لائبريرين ۾ شامل هئي، جنهن ۾ قلمي نسخن کان سواءِ ڪيترين ئي ٻين ٻولين جا ڪتاب پڻ موجود هئا. اها لائبريري اڄ تائين قائم آهي سنديلي صاحب جي فرزند ڊاڪٽر اسلم سنديلي ان کي بهتر انداز سان محفوظ پڻ رکيو آهي.
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي لوڪ شاعرن جي ڪلام کي ترتيب ڏئي مختلف ڪتاب پڻ سهيڙيا. جن ۾ ”ساميءَ جون سپون“، ”ڪليات حسين ديدڙ“ ۽ ”ڪليات شاھ محمد ديدڙ“ وغيره شامل آهن. اهڙيءَ ريت لوڪ ادب جي حوالي سان سندس لکيل ڪتاب وينجھار، سنڌ جو سينگار، ڏهس نامو، رهبر ديوان گل، انگي اصول، ابتدائي اصول ۽ ابتدائي سائنس پڻ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن ۽ سنڌي ادب ۾ ريفرنس بڪ جي حيثيت رکندڙ آهن.
    لغات جي شعبي ۾ ڊاڪٽر صاحب جون ڪيل خدمتون ڪنهن به ريت فراموش ڪرڻ جهڙيون نه آهن. کيس سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ فارسي، سنسڪرت، هندي، گجراتي، اردو ۽ انگريزي جي پڻ ڪافي ڄاڻ هئي. جامع سنڌي لغات جي تحقيقي ڪم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان هڪ سال تائين ريسرچ اسسٽنٽ طور پڻ ڪم ڪيائين. سچل يادگار ڪاميٽي خيرپور پاران ڇپايل ”سچل لغات“ تي کيس گولڊ ميڊل پيش ڪيو ويو. ادبي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان پاران کيس ”ستاره امتياز“ سان پڻ نوازيو ويو. پاڻ ادب جي ٻين مختلف موضوعن تي ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون تحرير ڪيائين، سندس ڇپيل ڪتاب ”ڏهس نامي“ کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران پهريون نمبر انعام ڏنو ويو.
    تحقيقي ڪم فقط ڪتب خاني ۾ ويهي ڪتابن جي ورق گردانيءَ تائين محدود ناهي هوندو، ان لاءِ جھر جھنگ به جھاڳڻا پون ٿا ۽ انهيءَ حوالي سان لوڪ ادب بابت مواد جي ميڙي چونڊي لاءِ ڊاڪٽر سنديلو سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سگھڙن سان وڃي مليو ۽ نج پج سنڌي لوڪ ادب جي صنفن سينگار، ڏهس، مداحون، پرولي، هنر، ڏور، مولود، لوڪ آکاڻي ۽ لوڪ گيت بابت تمام گھڻو بنيادي مواد حاصل ڪيو، جن تي بعد ۾ تفصيلي طور تحقيقي ڪتاب ۽ مقالا لکيا.
    ڊاڪٽر سنديلي جي شخصيت جو لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ کان علاوه هڪ تمام اهم حوالو قابل استاد، تعليمي ماهر ۽ بهترين منتظم وارو پڻ آهي. سندس نوڪريءَ جو تمام گھڻو عرصو ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ گذريو، جنهنڪري 1964 کان وٺي 1979 تائين مسلسل تعلق درس و تدريس سان رهيو ۽ هزارين شاگردن سنديلي صاحب جي قابليت مان فيض حاصل ڪيو. نه فقط لاڙڪاڻي، پر سموري سنڌ ۾ سندس سڃاڻپ هڪ اديب ۽ محقق کان علاوه قابل استاد طور پڻ هئي، جنهنڪري سڄي سنڌ ۾ کيس هڪ برک استاد واري عزت ۽ احترام پڻ ملندو رهيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي تقريباً 25 ناياب ڪتاب ۽ مختلف ادبي موضوعات تي ڪيترائي بي بها مقالا ۽ مضمون پڻ لکيا، جن جي سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت آهي.
    5 اپريل 1979 تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان بحيثيت پرنسپال رٽائرمينٽ وٺي پنهنجي ادبي پورهئي سان لاڳاپيل رهيو. پاڻ 2 جنوري 1990 تي وفات ڪري ويو، جنهنڪري سنڌي ادب کي ڪاپاري ڌڪ رسيو ۽ لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪنهن اداري کان به مٿاهون ۽ وڌيڪ ڪم ڪري ادب کي مالامال ڪندڙ هي شخص اسان کان وڇڙي ويو، پر سندس ڪم کي هميشه ياد رکيو ويندو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏2 جنوري 2017
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽرعبدالڪريم سنديلو سنڌي ادب، لسانيات ۽ تحقيق جي ميدان ۾ مڃيل شخصيت هئي، سنڌ کي پنهنجي اهڙي سڄڻن تي سدائين ناز رهندو.
    ڊاڪٽرعبدالڪريم سنديلي جو لکيل هڪ اهم ڪتاب سنڌ سلامت جي هيٺين لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو.

    لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو : ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
     
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,064
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ادا اوهان ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو بابت تمام سٺي معلومات ونڊي آهي
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لوڪ ادب ۽ لسانيات جو ماهر: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

    فقير محمد سنڌي

    بـاغ مـراچـه حـاجـت سروو صنوبرست،
    شمشاد سايه پرور ما از ڪه ڪمترست.

    (حافظ شيرازي)

    حافظ شيرازي محبوب کي شمشاد خانه پرور هڪ استعاري طور مٿين شعر ۾ پيش ڪيو، جنھن جو ترجمو آهي ته، ”اسان جي باغ کي سروَ ۽ صنوبر جي ڪھڙي ضرورت آهي؟ مون تي سايو رکندڙ شمشاد ڪنھن کان گهٽ آهي؟” علم ادب ۾ لوڪ ادب پنھنجي حيثيت رکي ٿو، لوڪ ادب، علم ادب جو سمنڊ آهي جنھن مان سموري ادب جي صنفن کي سگهه ملي ٿي، لوڪ ادب ثقافت جي اهڃاڻن ۾ شامل آهي، جيڪو قومن کي گهڻي وقت تائين زنده رکڻ لاءِ آڪسيجن جو ڪم ڏئي ٿو. اهڙو ئي لوڪ ادب جو ڀرجهلو نالو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو به آهي جنھن لوڪ ادب کي سٺي مقام تي رسايو آهي. ثقافتي ورثي جو حسين رنگ جيڪڏهن تاريخ ۾ ڳولڻو هجي ته، اهو لوڪ ادب جو مطالعو ڪري ته انهيءَ کي سڄي تاريخ جو جوهر آساني سان سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو.
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي لوڪ ادب ۾ چڱي خاصي محنت ٿيل آهي، جنھن جي بنياد تي اسان دنيا کي ثقافتي ورثو آسانيءَ سان پسائي سگهون ٿا. جنھن مان سنڌ جو ايندڙ نسل فائدي سان گڏ پنھنجي تاريخ کي آساني سان محفوظ بڻائي سگهي ٿو.
    لاڙڪاڻي ضلعي جو انمول موتي مشھور اديب، لوڪ ادب جو پارکو ۽ لسانيات جو ماهر ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو 31 ڊسمبر 1919ع تي محراب خان سنديلو ڳوٺ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ جنم ورتو. عبدالڪريم سنديلو لوڪ ادب لاءِ انمول تحفو هو، جيڪو سنڌي لوڪ ادب کي ورثي طور مليو. ڪنھن ڏاهي جو قول آهي ته، ڪامياب انسان اهو ئي آهي، جو پنھنجين ناڪامين کي تسليم نه ڪري بلڪه هر شڪست کان پوءِ هو تندهيءَ سان پنھنجي ڪم ۾ مصروف ٿي وڃي.
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي اهڙي ئي طريقي سان علم ادب سان عشق ڪيو. جنھن جو نتيجو خوبصورت ڪتابن جي صورت ۾ سنڌي ادب جو حصو آهن، جيڪي ادب جي شاگردن لاءِ هر وقت اتساهه جو سبب پڻ آهن.

    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو تصنيفون:

    وينجهار (لوڪ ادب) 1951ع، علم بديع 1951ع، تحقيق لغات سنڌي (لغات) 1955ع، سنڌ جو سينگار (لوڪ ادب) 1956ع، تاريخ سنڌ (تاريخ) 1956ع، رهبر روح رهاڻ (شرح) 1956ع، رهبر ديوان گل 1956ع، انگي اصول 1957ع، نئون سنڌي گرامر 1957ع، ترڪيب ۽ تفريق جي واٽ 1957ع، اسلامي تاريخ 1958ع، پھاڪن جي پاڙ (تحقيق)لوڪ ادب 1966ع، ڏهس نامو (لوڪ ادب) 1969ع، ڪليات حسن ديدڙ (ترتيب) 1971ع، ساميءَ سنديون سپون (ترتيب) 1975ع، ڪليات شاهه محمد ديدڙ 1977ع، سامي ڌاتو ڪوش 1978ع، سچل لغات (لغات) 1984ع، ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي (ترتيب) 1986ع، اصطلاحن جي اصليت (لغات) 1987ع، ۽ رهبر سيرِ ڪوهستان 1956ع شامل آهن. انهن ڪتابن کي ترتيب ڏيڻ ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پھاڙ جيڏو حوصلو بلند رکي سنڌي ادب ۽ لوڪ ادب جي خدمت ڪئي. انهن سڀني خدمتن جو صلو سنڌي ادب کي هر دور ۾ ملندو رهي ٿو، جيڪو عمل ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي 1956ع تي ايم اي (سنڌي ادب) ۾ لکيل مونوگراف، جنھن جو موضوع هو “لاڙڪاڻي جي ثقافتي تاريخ” ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جي پي ايڇ.ڊي جو موضوع، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، جيڪو علامه غلام مصطفى قاسمي جي نگرانيءَ هيٺ رهيو.
    هابس جو خيال ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي ڪم ۽ زندگيءَ متعلق بلڪل پورو آهي ته، “پوري ڪائنات جي مستقل ۽ مقدس نظام ۾، ادنى کان ادنى ڪوشش جو به صلو ملي ٿو ۽ ڪنھن جي ذري جيتري ڪوشش به ڪڏهن رائگان نٿي وڃي.”
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي وقت کي غنيمت سمجهي لوڪ ادب ۽ سنڌي ادب لاءِ انتھائي معياري ادب تخليق ڪيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هو پھريون خوشنصيب سنڌ جو لاڏلو اديب آهي، جنھن لوڪ ادب ۾ پھرين پي ايڇ.ڊي ڪئي. ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر، ايم اي، ايم فل ۽ پي ايڇ.ڊي جو گائيڊ پڻ رهيو.
    سنڌ جو مھان لوڪ ادب جو ڄاڻو، اسڪالر، اديب، ڏاهو، سنڌي ٻولي ۽ ادب جو عاشق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو 2-جنوري 1990ع تي لوڪ ادب ۽ سنڌي ادب کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو