• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ته سکون ته ٽيوب لائيٽ جي اسٽارٽر کي ٿرمل سُئچ ۾ ڪيئن تبديل ڪجي

Sindhi Media

سينيئر رڪن
اچو ته سکون ته ٽيوب لائيٽ جي اسٽارٽر کي ٿرمل سُئچ ۾ ڪيئن تبديل ڪجي
FH923JZH3XN9HXS.MEDIUM.jpg
 
توهان کي خبر آهي ته ٽيوب لائيٽ ۾ استعمال ٿيندڙ اسٽارٽر جيڪو مٿي ڏيکاريل آهي در حقيقت هڪ (با ميٽالڪ اسٽرپ) پٽي کي هڪ وڇوٽي ۾ رکي هڪ گلاس يا پلاسٽڪ جي خول ۾ بند ڪيو ويندو آهي۔ اچو ته اسٽارٽر جو شيشو ٽوڙي مشاهدو ڪيون۔
FFWVJMXH3XN8M3M.MEDIUM.jpg

هاڻ ان با ميٽالڪ اسٽرپ کي ٻاهر ڪڍي ڏسون ته ڪيئن اهي ٻه پٽيون هڪ وقفي سان هونديون آهن۔
FG89XTKH3XN8M3Q.MEDIUM.jpg
 
توهان کي خبر هُئڻ گهُرجي ته اهي ٻئي ڌاتون ڪنهن گرمي پد سان پاڻ ۾ سڪڙاجي ملائجن ٿيون ان ڪري ٻنهين ۾ هڪ وقفو ڇڏيل آهي ته جيئن گهربل گرمي پد ملي ته هي پاڻ ۾ ملي آن ٿي وڃن۔ اچو ته ان ٿيوري کي سمجهي هڪ پروجيڪٽ ٺاهيون۔ هن پروجيڪٽ لاِ توهان کي هي شيون هٿ ڪرڻيون آهن۔
F4KQ70UH3XMHOOB.SMALL.jpg

Materials:
1- 12 volt CPU Fan.
2- 12 Volt supply.
3- Fluorescent starter.
4- Candle.
FJF115OH3Z3SWOX.SMALL.jpg


۽ پو هن کي هنن ترتيب سان جوڙيو۔ يا هن طريقي سان
FFI7G11H3Z3SWTL.MEDIUM.jpg

ميڻ بتي يا ڪينڊل تائو، اسٽارٽر جي ان با ميٽل اسٽرپ کي ڏيو، توهان ڏسندا ته انهي گرمي پد سان هي ٻئي ڌاتون ڦهلڻ ۽ سُڪڙڻ شروع ڪنديون، ياد رهي ته توهان کي اسٽارٽر گهٽ ۾ گهٽ 2 سينٽي ميٽر جي فاصلي تي رکڻ گهُرجي۔
 
هاڻ توهان جو ٿرمسٽر تيار ٿي ويو، جتي ۽ جنهن به پروجيڪٽ ۾ چاهيو ڳنڍي لڳايو۔ هتي اسان پکو لڳايو آهي جيڪو گرمي بد جي تبديلي سان آن آف ٿيندو ۽ فُل ڪنٽيڪٽ تي هلڻ شروع ٿيندو۔
 
Back
Top